جيمس آئوٽرام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سر جيمس آئوٽرام
James Outram - Project Gutenberg eText 16528.jpg
سر جيمس آئوٽرام
عرفي نالو هندوستان جو سورمو
پيدائش 29 جنوري 1803(1803-01-29)بٽرلي هال, ڊربي شائر, انگلنڊ
وفات 11 مارچ 1863 (عمر 60 سال)پائو, پيرينس-اٽلانٽڪس, فرانس
جاءِ دفن ويسٽ منسٽر ايبي
وابستگي برطانيہ برطانيا
Flag of the British East India Company (1707).svg ايسٽ انڊيا ڪمپني
نوڪري/شاخ
خدمت سال 1819–1860
عهدو ليفٽيننٽ جنرل
جنگيون/سورهيه

انگريز-افغان جنگ

انگريز ايران جنگ

جيمس آئوٽرام، 29 جنوري 1803ع ۾ بٽرلي هال، ڊربي شائر، انگلينڊ ۾ ڄائو. سندس پيءُ بينجمن آئوٽرام هڪ سول انجنيئر هو، سندس وفات کان پوءِ جيمس آئوٽرام جي ماءُ، ٻارڙا وٺي ’ابرڊين‘ (Aberden) ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي جيمس آئوٽرام، ميرشيئيل ڪاليج (Merisehal College) ۾ تعليم حاصل ڪئي.

ڪيڊت طور[سنواريو]

جيمس آئوٽرام سورهن سالن جي ڄمار ۾ انڊين آرميءَ ۾ ڪيڊٽ طور ڀرتي ٿي هندستان پهتو ۽ 15 آگسٽ 1818ع ۾ بمبئي پهچي پونا ريجمينٽ ۾ شامل ٿيو. 1820ع ۾ بمبئي ريجمينٽ ۾ ڪمانڊنگ آفيسر جي نائب طور ليفٽيننٽ مقرر ٿيو. 17 آڪٽوبر 1822ع تي ڪئپٽن طور مقرر ٿيو. ڪجهه سالن لاءِ خانديش ۾ فوجي دستي ۾ شامل ٿي خدمتون سرانجام ڏنائين. 1835ع کان 1838ع تائين وڳوڙي قبائلي سردارن کي ضابطي ۾ رکيائين ۽ ’ماهيڪانتا‘ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو. 1838ع ۾ سر جان لارڊ ڪين (Keane) جي اسٽاف ۾ شامل ٿيو، جتي بمبئي آرميءَ جي قنڌار ۽ غزنيءَ کان ڪابل تائين فوج جي ڪمانڊنگ ڪيائين.

سنڌ ۾[سنواريو]

آڪٽوبر 1838ع ڌاري برطانوي فوج کي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ڪنٽرول سنڀالڻ جو حڪم مليو، فوجي دستن جي سپهه سالاري سر جان ڪين (Keane) جي حوالي ٿي ته نوجوان مهم جو آئوٽرام، جنرل جي A. D. C جي حيثيت ۾ سنڌ لاءِ روانو ٿيو. سمنڊ رستي سفر ڪري 27 نومبر 1838ع تي حجامڙي لڳ سنڌوءَ جي مُهڙ وٽ پهتو، جتان آئوٽرام کي ٻيڙين ۽ اٺن جي بندوبست لاءِ ڪڇ روانو ڪيو ويو. بندوبست ڪرڻ بعد 28 ڊسمبر 1838ع تي فوجي دستا سنڌ جي تاريخي شهر مٺي پهتا. ان وقت سنڌ ۾ انگريزن جا سفارتڪار، ڪرنل پاٽينجر ۽ سندس اسسٽنٽ، ليفٽيننٽ ايسٽ وِڪ مقرر ٿيل هئا. آئوٽرام، ايسٽ وِڪ کي ساڻ ڪري ميرن سان پهرين ملاقات ۽ عهدنامي لاءِ پهتو. ان عهدنامي جي پٺيان انگريزن جي اها نيت شامل هئي ته انگريزي فوج کي خشڪيءَ رستي اتر ۽ اوڀر طرف پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان ڏانهن آزاديءَ سان چرپر جي اجازت حاصل ٿئي.

ميرن جي درٻار حيدرآباد ۾ آئوٽرام جي پهرين آمد کي خاص نتيجا نه ڏنا، نتيجي ۾ مايوس ٿي آئوٽرام پنهنجي فوجي سربراهه جنرل ڪِين سان ’جهرڪن واري ڪئمپ‘ ۾ وڃي مليو. ان کان پوءِ کيس افغانستان جي مهم حوالي ڪئي وئي. هن ڪابل کان هندوڪش جبل تائين افغانستان جي امير دوست محمد جو پيڇو ڪيو ۽ فوجي چڙهائيءَ دوران ڏکڻ افغانستان قبضي ۾ آڻي، ان کي برطانوي سلطنت جو مستقل حصو بڻايو. اتي شاندار خدمتن سرانجام ڏيڻ تي کيس 13 نومبر 1839ع تي ترقي ڏئي ميجر مقرر ڪيو ويو. 1839ع جي آخر ۾ کيس سنڌ جي حيدرآباد شهر ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. 24 فيبروري 1840ع تي جنرل پاٽينجر کان ڏکڻ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي چارج ورتائين. ميرن سان سفارتي ڳالهيون هلائي، انگريز ڪئمپن ۾ سامان جي رسد ۽ آمدرفت تي لڳندڙ محصول جي شرح گهٽ ڪرايائين. ڊسمبر 1840ع ڌاري گدوبندر جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙو گهر ٺهرايائين. اهڙي طرح حيدرآباد ۾ انگريزن جو اهو پهريون قبضو هو.

ڏکيا ڏينهن[سنواريو]

1841ع ۾ ميرپورخاص جي ٽالپر حڪمرانن سان سفارتي ڳالهيون هلايائين، ساڳي ئي سال (1841ع) ۾ اتر سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ ٿيو. هن نه رڳو اتر سنڌ، پر قلات تائين پنهنجو اثر وڌايو. قلات جي والي نصير خان بروهيءَ کي قلات جون واڳون مڪمل سونپي سهولت حاصل ڪيائين. سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سان معاهدا ڪري، انگريزي فوجن لاءِ سکر، شڪارپور ۽ ڪوئيٽا ۾ ڇانوڻيون قائم ڪرايائين ۽ اُتان جي سردارن سان دوستيءَ جا ناتا قائم ڪيائين. ساڳي طرح ميرن سان دوستيءَ کي پختو ڪيائين. 2 نومبر 1841ع کان آئوٽرام لاءِ تڪليفن جو دؤر شروع ٿيو. اليگزينڊر برنس ڪابل ۾ قتل ٿيو؛ فيبروري 1842ع ۾ انگريز فوج جا 4500 يورپي ۽ ڏيهي سپاهي ۽ 1100 ڪيمپ خدمتگار ڪابل ۾ قتل ٿي ويا؛ خدمتگارن مان بچيل 120 مرد، زالون ۽ ٻار افغان سپهه سالار محمد اڪبر خان جا قيدي ٿيا ۽ اتي انگريزن کي زبردست شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ان ئي مهيني ۾ لارڊ آڪلينڊ اقتدار ڇڏيو. تنهن کان پوءِ لارڊ ايلنبرو جي ذلت آميز شڪست جو ذميوار آئوٽرام جي اسسٽنٽ ڪئپٽن هئمزرليءَ کي بنايو ويو. آئوٽرام نئين گورنر جرنل کي سمجھائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، مگر سندس اسسٽنٽ بچي نه سگھيو. من گھڙت الزامن ۾ پهريان نوڪري ويس ۽ نيٺ انهيءَ صدمي ڪري زندگي به وڃائي ويٺو، جنهنڪري آئوٽرام جي گورنر جنرل سان سخت اڻبڻت ٿي پئي، نتيجي ۾ آئوٽرام گورنر جنرل جي سخت ڏمر جو شڪار ٿيو. آگسٽ 1842ع ۾ چارلس نيپئر کي سنڌ ۽ بلوچستان جي انگريز فوجن جو سپهه سالار ڪري موڪليو ويو. ياد رهي ته سنڌ کي برطانوي سلطنت سان ملائڻ جي ڏِس ۾ آئوٽرام جا خيال پنهنجن آفيسرن چارلس نيپيئر ۽ لارڊ ايلنبرو کان مختلف هئا. هو وڏي عرصي کان هلندر ان تنازئي کي ٻيءَ طرح حل ڪرڻ جو حامي هو. هن ميرن جي مقصدن جي وڪالت انگلنڊ توڙي هند ۾ پرزور نموني ڪئي. سگهو ئي نومبر 1842ع ۾ آئوٽرام کي سنڌ مان خارج ڪري موڪل تي اماڻيو ويو. اهڙيءَ طرح 4 نومبر 1842ع تي سکر ۾ چارلس نيپئر طرفان سندس مان ۾ الوداعي پارٽي ڪئي ويئي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان شاندار تقريرون ڪيون ويون. ان پارٽيءَ ۾ نيپئر طرفان کيس ’بيارڊ آف انڊيا‘ جو لقب مليو. بهرحال جيئن ئي آئوٽرام ٽپڙ ويڙهي وطن رواني ٿيڻ لاءِ ممبئيءَ پهتو ته کيس ٻيهر سنڌ موٽڻ جو حڪم مليو ۽ 3 جنوري 1843ع تي سکر ۾ پنهنجي چيف چارلس نيپئر سان اچي گڏيو. جنرل نيپئر طرفان ميرن سان ناقابل برداشت زيادتين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. خيرپور جي بزرگ حڪمران مير رستم ٽالپر تي سندس ننڍي ڀاءُ مير علي مراد کي ترجيح ڏيندي مير رستم ٽالپر کي خيرپور ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هو اهل عيال ساڻ ڪري ڪراڙپ ۾ ريگستاني قلعي امام ڳڙهه وڃي نڪتو. اهڙيون ڏاڍايون آئوٽرام کي نه وڻيون ۽ هو جنرل نيپئر کان خفا رهڻ لڳو، پر نيپئر کي بهرحال سنڌ تي قبضو ڪرڻو هو، تنهنڪري مير رستم جو پيڇو ڪرڻ کان نه مڙيو. 6 جنوري 1843ع تي لشڪر وٺي ڪوٽڏيجيءَ کان امام ڳڙهه جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو، جنهن جي مير رستم ٽالپر کي خبر پئجي وئي ۽ مير رستم قلعو ڇڏي حيدرآباد جي ميرن وٽ اچي پناهه لاءِ پهتو. چارلس نيپئر 16 جنوريءَ تي امام ڳڙهه جي قلعي کي تباهه ڪري، حيدرآباد تي چڙهائي ڪئي ۽ آئوٽرام کي حڪم ڪيائين ته ڏکڻ ۽ اتر وارن ميرن يا سندن سفيرن کي خيرپور گھرائي، کانئن نئين ٺاهه تي صحيحون ڪرائي، پر مقرر وقت تي ميرن مان ڪا به پهر نه پهتي، ته آئوٽرام جي گذارش تي کيس حيدرآباد روانو ڪيو ويو. آئوٽرام 8 فيبروري 1843ع تي اچي گدو بندر حيدرآباد واري ريزيڊنسيءَ ۾ پهتو ۽ ڳالهيون ڪري 12 فيبروري 1843ع تي ميرن کان سنڌ جي حڪمرانيءَ وارا حصا انگريزن حوالي ڪرڻ واري ذلت آميز ٺاهه تي صحيحون ورتائين. اهڙيءَ خطرناڪ صورتحال ۾ آئوٽرام نه پئي چاهيو ته ميرن سان ڪنهن به قسم جي جنگ واري صورتحال پيدا ٿئي. اهڙيءَ طرح ميرن به سندس دوستيءَ جي لڄ رکي، پر بلوچ ۽ سنڌي سپاهه ۽ ننڍا مير بگڙجي پيا. عهد نامي تي صحيحون ڪرائي، دستاويز کڻي آئوٽرام جيئن ئي حيدرآباد جي قلعي مان ٻاهر نڪتو ته مڇريل ماڻهن کيس گھٽ وڌ ڳالهائي سندس وڏي بيعزتي ڪئي. حڪمرانن ته سنڌ انگريزن کي لکي ڏني هئي، پر سنڌ جي بهادر عوام اهڙي عهدنامي کي رد ڪندي 15 فيبروري 1843ع تي اٽڪل اٺ هزار سنڌي ماڻهن آئوٽرام ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪري ڏنو. آئوٽرام ۽ سندس سپاهين بلوچن سان مقابلو ته ڪيو، پر آگبوٽن تي چڙهي، ڀڄي جان بچائي.

معاهدا[سنواريو]

چارلس نيپئر جيڪو اڳيئي منزلون ماري اچي مٽيارين ويجھو ڪئمپ هڻي ويٺو هو، تنهن سان آئوٽرام 16 فيبروريءَ 1843ع تي ساٿين سميت اچي مليو. نيپئر ميرن جي هڏ ڏوکي ۽ دوست آئوٽرام جي سالاريءَ هيٺ 200 سپاهين جو دستو ڦليليءَ لڳ ميرن جي شڪار گاهه کي باهيون ڏيڻ لاءِ موڪليو. شڪار گاهه کي باهه لڳي، ڄڻ جنگ جو طبل وڄي ويو. مير ويهه هزار جان باز سپاهي ۽ ڪجهه توپون ساڻ ڪري جنگ جي ميدان تي لهي پيا. ٻئي طرف چارلس نيپئر جي ڪمانڊ ۾ 2700 سپاهين کي ميدان جنگ ۾ لاٿو ويو. رڻ گجيو، راڙو ٿيو. 17 فيبروريءَ 1843ع تي سخت مقابلو ٿيو. انگريزن جي چالبازين سبب سنڌي فوج شڪست کاڌي ۽ 18 فيبروري 1843ع تي چارلس نيپئر سنڌ تي قبضي جو جشن ملهائي، حيدرآباد ۾ مارچ ڪري، گورنر ٿي، سنڌ جو حڪمران بڻجي ويو ۽ سنڌ جي ڏکويل وادي هڪ طويل غلاميءَ جي ور چڙهي وئي. 17 فيبروريءَ 1843ع تي جنگ هارائڻ کان پوءِ حڪمران قيدي ٿيا ته آئوٽرام جي سفارش تي شهزادي حسين علي کي قيد ۽ جلاوطنيءَ کان آزادي ملي. سنڌ جي فتح کان پوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ڪي. سي. بي (K.C.B) جو عهدو حاصل ڪيائين. سنڌ تي قبضي کان پوءِ چئن مهينن اندر هندستان ڇڏي انگلنڊ روانو ٿي ويو. ساڳئي سال نومبر 1843ع ۾ جڏهن پنجاب جي حڪمران ’شير سنگهه‘ کي سندس ئي وزير ’ڌيان سنگهه‘ قتل ڪيو ۽ سِک راڄ ۾ گڙٻڙ پيدا ٿي ته آئوٽرام موڪل اڌ ۾ ڇڏي هندستان واپس هليو ويو ته پويان لارڊ ايلنبرو کيس ’نيمار‘ پرڳڻي جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو. 1844ع ۾ مرهٽا جنگ شروع ٿي ته آئوٽرام کي جنگي خدمتن لاءِ مقرر ڪيو ويو. جتي هن بهترين خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙيءَ طرح 1845ع ۾ ستارا رياست جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو ۽ 1847ع ۾ بڙودا جو ريزيڊنٽ آفيسر بڻيو، جتي هن ڪرپشن جا ڪيترا اسڪينڊل پڌرا ڪيا. بمبئيءَ جي حڪومت کيس لاهي ڇڏيو، پر لارڊ ڊل هوزيءَ کيس ٻيهر عهدي تي بحال ڪيو. 7 جون 1854ع تي ’ادن‘ جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو، جتي آڪٽوبر 1854ع تائين رهڻ کان پوءِ کيس ’اوَد‘ جو ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ساڳئي سال 5 ڊسمبر 1854ع تي جيئن ئي آئوٽرام، لکنوءَ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو ته سندس مشوري تي اوَد کي برطانوي شهنشاهيت ۾ ملايو ويو. برطانوي سرڪار فيبروري 1856ع ۾ اوَد کي صوبي جو درجو ڏيئي آئوٽرام کي ان صوبي جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو. ساڳئي سال ڊسمبر ۾ کيس ايران لاءِ فوجي ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو، جتي هن ايران جي شهنشاهه سان ڪامياب معاهدا ڪيا.

هندستان واپسي[سنواريو]

جون 1857ع ڌاري هندستان واپس موٽيو، جتي اڳيئي آزاديءَ جي جنگ ڇِڙي چڪي هئي. اهڙيءَ ڏُکي صورتحال ۾ کيس بنگال جو آرمي ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. جنگ جي پُڄاڻيءَ تي کيس J.C.B جي عهدي تي نوازيو ويو. سيپٽمبر 1857ع ۾ سر هينري هيولاڪ (Sir Henry Havelock) جي ڪمانَ هيٺ هن جنگ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن لکنوءَ جي هڪ لک ويهه هزار باغين کي مُنهن ڏنو. مارچ 1858ع ۾ لکنوءَ جي گهيري وقت آئوٽرام وڏي بهادريءَ سان باغين کي شڪست ڏني ۽ ريزيڊنسيءَ ۾ موجود هو. اپريل 1858ع ۾ کيس سپريم ڪائونسل جو ملٽري ميمبر مقرر ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح 1860ع تائين اهي ذميواريون نڀائي واپس لنڊن ويو.

وفات[سنواريو]

1861ع ۾ K.C.S.I ۽ D.C.L مقرر ڪيو ويو. جيمس آئوٽرام 11 مارچ 1863ع تي لنڊن ۾ وفات ڪئي. کيس ويسٽ منسٽر، ايبي ۾ دفن ڪيو ويو. آئوٽرام جي ياد ۾ لنڊن ۽ ڪلڪتي ۾ سندس مجسما پڻ رکيل آهن.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011