جيشاه لطيف جوڪلام سمجڻ
شاہ عبداللطیف جو ڪلام
شاہ عبداللطیب بٹائی سونهاري ۽ سراڻ سنڌ جوسدا حيات شاعرآهي شاہ عبداللطیف ڪلام واروڪتاب شاه جو رسالو هر سنڌي ادب سان واسطو رکندڙ ۽شاھ صاحب تي فخر ڪندڙ ۽ڪلام سان محبت رکندڙ جي گهر ۾لازمي هوندو
شاه صاحب جي رسالي ۾ ڪيترائي اهم عنوان موجود آهن جن۾ دين دنيا محبت ٻڌي
انسانيت دوستي ۽ وطن دوستي پڻ اهم آهن بلڪه شاه صاحب رڳو وڏوشاعر نه آهي پر ڏاهو ۽ عالم به آهي شاه صاحب جو ڪلام ٻولي ادب ۽فن سان گڏ اعلي خيال جي خوبين سان مالامال آهي جيتوڻيڪ شاه صاحب جي ڪلام کي غور سان
پڙهبو ته ان۾ توحيد رسالت عبادت تصوف جهڙا ڪيترائي اهم موضوع آهن
جئين ته الله تعلى جي مخلوق۾
انسان سڀ کا مٿانهودرجو رکي ٿو ۽ کيس اشرف المخلوقات سڏيو ويو آهي ان ڪري سندس تعليم ۽تربيت لا۽ پيغمبر ولي بزرگ صوفي ڏاها عالم ايندا رهيا جن پنهجي پيغام سان انسان کي اعلى زندگي گذارڻ جودرس ڏنو
شاه عبدالطيف ڀٽائي هڪ ڏاهو عالم ۽ صوفي شاعرآهي شاہ لطیف پنهجي رسالي ۾بيتن واين ذريعي الله تعلى جي وحدانيت ۽ عبادت ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه واله وسلم
جي رسالت ۽ اطاعت بابت سبق ڏنو آهي شاه لطيف انسان جي اخلاق بلند ڪرڻ۽ ڪردار کي سڌارڻ لا۽ ڪيترائي اعلى مثال ڏنا آهن شاه صاحب استاد بڻجي رهنمائي ڪئي آهي
شاه صاحب جو ڪلام اسان کي حق سچ جي راه تي هلڻ جي صلح ڏي ٿو ۽ڪوڙ ٺڳي ڪپت کان بچڻ جي تلقين ڪري ٿو
ته زنڌگي ۾ ڪامياب ٿيون ۽ آخرت ۾سرخرورهون
جيتوڻيڪ دنياجي ٻين ماڪن ۾ڪيترائي ناليوارا شاعر ڏاها عالم مفڪر پيدا ٿيا آهن جن پنجي قوم لا۽ بيمثال پيغام ڏنا آهن پر شاه صاحب پنهجي ڪلام جي ذريعي انسانذات کي محبت امن ڀائيچاري سان گڏ ڏاڍ ظلم يا ناانصافي سان مهاڏو اٽڪائڻ ج۽ درس ڏنو آهي شاصاحب پنجي قوم کي زندگي جي اعلئ مقصد ۽ منزل کي حاصل ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙڻ جي راه ڏسي آهي
شاه صاحب کي مڃڻ وارا سنڌ ۽ سنڌ جا عالم نه بلڪه پاڪستان کا ٻاهرين ملڪن جا عالم به آهن جن شا صاحب کي تمام وڏن شاعرن ۾ شمار ڪيو آهي ۽ اسان کي گهرجي ته شاه صاحب جي ڪلام کي پڙهون ۽انکي سمجهون عمل ڪريون ته جئين اسين زندگي ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون
مهرباني
شعيب نومڙيو