مواد ڏانھن هلو

جوھر لوبان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جوهر لوبان (عربي: دُخان الضرو، فارسي: سته لوبان، ھندي/اردو وغيره: مغز لوبان، ڪليوس ۽ شند) ميرانجهڙا ننڍڙا ٽڪر ٿيندا آهن. (هن جا ٻه قسم آهن هڪڙو ميرانجهڙو ٻيو وري انهن ميرانجهڙن ٽڪرن ۾ اڇا ذرا ذرا، ان کي لوبان ڪوڏيون چوندا آهن،) دوائن ۾ هن جو ست استعمال ٿيندو آهي جنھن جي ترڪيب هن طرح آهي تہ لوبان کي ٺڪر جي ٿانو ۾ وجهي مٿان ٻيو ٺڪر جو ٿانو اونڌو ڪري رکي هيٺان ڏيو ٻاربو تہ ست وڃي مٿئين ٿانو ۾ لڳندو، جيڪو اڇي رنگ تي چلڪيدار ٿيندو آهي.[1]

طبي خاصيتون

[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ___-، عيوض: ______، وزن: ٻن کان ڇھن رتين تائين.

خاصيت: اهو ست مني ۽ قوت باھ زياده ڪري ٿو آلت جي سستي وڃائي ٿو، نزلي ۽ دماغي رطوبت ۽ حيض کي سڪائي ٿو. فالــج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، سنڌن جي سور، دل، دماغ جي طاقت لاءِ مفيد آهي، مٿي ۽ ڏندن جي سور لاءِ هن جي ناس ڏيارجي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.