مواد ڏانھن هلو

جوٺي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جُوٺِي:(انگريزي: Joothhi plant ) هيءُ ٻوٽو ڀٽن جي لاهن تي اڀرندو آهي. هيٺ ٻُٿ وانگر گهاٽو جهڳٽو پنن ۽ تيلين سان گڏيل ٿيندو آهي. وچ مان ٻه – چار تيليون وڌي فوٽ – ڏيڍ جيڏيون ڊگهيون ٿينديون آهن. جن جي ڇيڙن ۾ ننڍا ۽ سنها سنگ ٿيندا آهن. هن ٻوٽي کي ڪي ”ڌنار کٿوري“ ۽ ڪي ”مارئيءَ جو پٿر“ ۽ ڪي ”سسئيءَ جو پٿر“ چوندا آهن، پر ٿر ۾ عام طرح ”جوٺي“ نالي سان مشهور آهي. هي خوشبودار ٻوٽو آهي. ماڻهو پٽي کڻي ايندا آهن. ڀاڳياڻيون کير ڪوسي ڪرڻ ۽ ولوڙڻ جا ڪُنا اُن سان صفا ڪنديون آهن. ڪُننن ۾ پاڻي وجهي منجهس جوٺي وجهي باهه تي چاڙهي ڇڏينديون آهن. ڪوسي ٿيڻ تي لاهي اندر جُوٺي سان چڱيءَ طرح ڌوئي ڇڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح پاڻي ڪوسو ڪري ڌوکئڻ کي ”اُڪِراسڻ“ چئبو آهي. هي ٻوٽو ٿانون کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو آهي، ڄڻ ته برش جو ڪم ڏيندو آهي. خوشبودار پڻ آهي، جنهنڪري ٿانون ۾ سُرهاڻ به ٿيندي آهي. ڌوئڻ بعد وري رکي ڇڏين ۽ وري وري پيون ڪم آڻين. ٿر جون ٿريليون اڪثر ڌنارن کي چونديون آهن ته اسان کي جوٺيون آڻي ڏج، تو کي مکڻ ڏينديونسين، ڇو ته ڌنار مال جي سانگي روزانو جهنگ ڏي ويندا آهن[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو