جهلاوان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بلوچستان جي هن علائقي جھلاوان جو بنياد سترهين صديءَ ۾ پيو. 1853ع ۾ انگريزن هن علائقي کي سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ جو علائقو قرار ڏنو هو.

پکيڙ[سنواريو]

جهلاوان يا جهالاوان جي ڏکڻ ۾ قلات، اتر ۾ ساراوان، اولهه ۾ ڪڇي جا ميداني علائقا ۽ سنڌ جڏهن ته اوڀر ۾ مڪران ۽ خاران جا علائقا اچي وڃن ٿا. مولائي شيدائي مرحوم پنهنجي ڪتاب ”بلوچستان جي مختصر تاريخ“ (1941ع) ۾ جهلاوان جي تعريف هن ريت ڏني آهي: ”مڪران کان مٿي جهلاوان جو علائقو آهي. هن جي پکيڙ 16 هزار چورس ميل آهي. منجهس سهراب، زهري، ڀڳوانا، خضدار، زيدي، ڪاپار، وڍ ۽ نال علائقا اهم آهن. سڄي ملڪ ۾ جبلن جون شاخون آهن، جي هالا، هربوئي، دئووار سڏجن ٿيون. سهراب جو علائقو زرخيز آهي. جبلن جي دامن ۾ ميوات گهڻي ٿئي ٿي. نال سمنڊ جي سطح کان 4100 فوٽ مٿي آهي. نال، وڍ ۽ خضدار مکيه شهر آهن.“

وادي[سنواريو]

جهلا وان بلوچستان جي اهم وادي آهي. قلات، جدر (Gidar)، ڀاڳوانا، زهري، فيروزآباد ماٿري، وڍ، نال، سارونا، جئو (Jau) ۽ شڪئي نديءَ وارا علائقا هن ۾ اچي وڃن ٿا. جهلاوان ۾ خضدار، بلوچستان جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. بلوچستان گزيٽيئر موجب جدگال هن علائقي جا قديم باشندا آهن، جيڪي اصل نسل ۾ سنڌي آهن. جدگالي جت/ جاٽ به سڏائيندا آهن. سندن ڪيترا پاڙا آهن، جهڙوڪ: مير واڙي علائقي جا ڪورڪ يا فرڪ، چڪوءَ جا ڄام ۽ ڇٽا، مولالڪ جا ڄام، باغبان جا جانتواني، زهريءَ جا رئيس، ساسولي ۽ فيروزآباد (خضدار لڳ) جا مردوئي مينگل، سڀ جدگالي آهن. جدگالي خود جتن جو پاڙو آهي. اڳتي هلي انهن مان ڪن قبيلن پاريڪو، نال ۽ ڪي بزنخو علائقن مان هجرت ڪري هتي آباد ٿيا، ڪي وري ڪڇي جي ميداني علائقي ۽ پنجاب ڏانهن لڏي ويا. جھلاوان/ جهالاوان جي ٽي ڀاڱي چار آبادي لاڏائو قبيلن تي مشتمل آهي. جيڪي گھڻو ڪري مالوند ماڻهو آهن، جيڪي جتي مال جو چارو ڏسن، اوڏانهن لڏين. آڪٽوبر ۽ نومبر ڌاري سنڌ ڏانهن به رخ ڪن ٿا. اتي ڪچي جي علائقن ۾ کين مال لاءِ گاهه پٺو جام مليو وڃي ۽ پوءِ ڪڻڪ جي لاباري مهل لابارو به ڪن. مارچ ڌاري وري پنهنجن ماڳن ڏي موٽن ٿا.

قبيلا[سنواريو]

مٿئين ۽ وچين جھلاوان جا لاڏائو قبيلا مولا لڪ ۽ گاجي لڪ ذريعي سنڌ ۾ ايندا آهن، ڪي کيرٿر جي لڪن مان گذري ايندا آهن. سارونا ۽ خدراني جي علائقي وارا سيوهڻ کان لاڙڪاڻي تائين جي ڪچي واري علائقي ڏانهن، جڏهن ته ميرواڙي علائقي وارا گھڻو ڪري لس ٻيلي ۽ ڪراچيءَ جو رخ ڪندا آهن. هنن جا رشتا قديم وقت کان سنڌين سان رهيا آهن ۽ اڄ به سنڌين سان سڱاوتي ڪن ٿا. پوءِ جن وٽ پنهنجو ٻني ٻارو ٿي پوي، اهي هجرت ڪونه ڪن. پر بهار جي مند ۾ مستقل رهندڙ ماڻهو به پنهنجو مال ڪاهي هجرت ڪن ٿا. اهڙي رسم کي هي ’هتم خواري‘ سڏين ٿا. علائقي جي غير آباد هجڻ سبب ٻاهران ماڻهو گھٽ ايندا آهن. پر خاران جا ڪجهه رخستاني ۽ مري ڪڇي علائقي کان لڏي هتي اچي آباد ٿيا آهن. هتي ’براهوي‘، ’مغربي ۽ مشرقي بلوچي‘، ’جدگالي‘ ۽ ’لوهڙي چيني‘ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.

سردار[سنواريو]

جهالاوان ۾ هر قبيلي جو پنهنجو سردار آهي، جيڪو گھڻو ڪري پشت به پشت هلندو رهي ٿو. 1901ع ۾ هتي جي ڪل آبادي 52،751 هئي. اها آبادي ٻاهرين جي اچڻ ڪري وڌي وئي آهي. هي اڪثر ڪري مسلمان آهن، پر هتي ڪي هندو به رهن ٿا. هتي مزارن ۽ قبرستانن جي ٿورائي آهي. مزارون اڪثر ساديون آهن. گهڻو ڪري لوڙهي جي اندر قبر ٿئي ٿي. قبر مٿان گاري جي اوساريءَ سان چوڪنڊي ٺهيل هوندي آهي. عام طور مزار تي چڙا ۽ گھنڊ گھڙيال لڳل هوندا آهن. پير ڪمال شاهه جي مزار، جيڪا نورگامان (زهري ضلع) ۾ آهي يا پير سلطان عارفي، خضدار ۾ پير عمر، مولا لڪ وٽ پير ڪمال شاهه ۽ پير لاکي جون پڪيون مزارون آهن.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012