جنم ڏينھن

جنم ڏينھن يا سالگرہ (Birthday) ڪنھن شخص جي پيدائش جي سالياني ورسي يا ڪنھن اداري جي علامتي پيدائش جي ڏينھن کي چيو ويندو آهي. جنم ڏينھن کي دنيا جي ڪيترن ئي ثقافتن ۾ ملھايو ويندو آهي، اڪثر ڪري جنم ڏينھن جا تحفا، جنم ڏينھن ڪارڊ، جنم ڏينھن جي پارٽي، يا ڪنھن خاص مذهبي يا سماجي رسم ذريعي ان کي ياد ڪيو ويندو آهي.
ڪيترائي مذهب پنھنجن بانيڪارن يا مذهبي شخصيتن جي پيدائش کي خاص موڪلن طور ملھائيندا آهن (مثال طور ڪرسمس، ميلاد، ٻڌ جو جنم ڏينھن، ڪرشن جنماشٽمي، ۽ گورپرب).
جنم ڏينھن (Birthday) ۽ پيدائش جي تاريخ (Birthdate) ۾ فرق آهي: جنم ڏينھن (سواءِ 29 فيبروري جي) هر سال اچي ٿي (مثال طور 15 جنوري)، جڏهن تہ پيدائش جي تاريخ اها مڪمل تاريخ آهي جڏهن ڪو شخص پيدا ٿيو هو (مثال طور 15 جنوري، 2001ع).
بلوغت ۽ قانوني عمر
[سنواريو]
گهڻن قانوني نظامن ۾، هڪ شخص هڪ خاص جنم ڏينھن تي پهچڻ کانپوءِ قانوني طور تي بالغ بڻجي ويندو آهي جڏهن هو بلوغت جي عمر (عام طور تي 12 کان 21 سالن جي وچ ۾) تي پھچي ٿو. ان عمر تي پھچڻ سان کيس خاص حق ۽ ذميواريون ملنديون آهن، جھڙوڪ تعليم ختم ڪرڻ جو حق، فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ، شادي ڪرڻ، ووٽ ڏيڻ جو حق، شراب يا تمباڪو جي خريداري، يا ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ. اڪثر ملڪن ۾ بالغ ٿيڻ جي عمر 18 سال مقرر ڪئي وئي آهي، پر اهو اختيار ملڪي قانونن تي منحصر آهي.
مختلف ثقافتن ۾ بلوغت جي سالگره کي خاص طور تي ملھايو ويندو آهي.
- ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾، خاندان اڪثر ڇوڪريءَ جي 16 هين جنم ڏينھن تي سويٽ سيڪسٽين (Sweet sixteen) جو جشن ملهائيندا آهن.
- ڪجهہ هسپانوي ملڪن ۽ برازيل ۾، ڪيونسينيرا (quinceañera) روايتي طور تي ڇوڪريءَ جي 15 هين جنم ڏينھن تي ملھائي ويندي آهي.[1]
- جاپان ۾، 18 سالن جي عمر تي پھچندڙن لاءِ بلوغت جو ڏينھن (Coming of Age Day) ملھايو ويندو آهي.
- فلپائن ۾، ڇوڪرين جي 18 هين ۽ ڇوڪرن جي 21 هين جنم ڏينھن تي ڊيبيو (Philippine Debut) نالي تقريب ڪئي ويندي آهي.
- يھودي ڇوڪرن لاءِ 13 هين جنم ڏينھن تي بار مٽزوا ۽ ڇوڪرين لاءِ 12 هين يا 13 هين جنم ڏينھن تي باٽ مٽزوا جي رسم ٿيندي آهي، جيڪا مذهبي ذميوارين جي شروعات کي ظاهر ڪري ٿي.[2]
ٻيون اهم سالگراھون
[سنواريو]- ڪوريا ۾، 100هين ڏينھن جو جشن (Baek-il) ۽ پھرين جنم ڏينھن (Doljanchi) روايتي طور ملھائي ويندي آهي.
- ڪجهہ ايشيائي ملڪن ۾ 60 هين جنم ڏينھن ملھائڻ جي روايت آهي.
- برطانوي دولت مشترڪہ جي ملڪن ۾، 100 ۽ 105 هين جنم ڏينھن تي شاهي خاندان پاران مبارڪباد جا ڪارڊ موڪليا ويندا آهن.[3]
جنم ڏينھن جون پارٽيون
[سنواريو]
دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾، جنم ڏينھن هڪ پارٽي ۽ خاص طور تي تيار ڪيل ڪيڪ سان ملھايو ويندو آهي. مھمان اڪثر عمر جي لحاظ سان تحفا ڏيندا آهن. تقريب دوران "Happy Birthday to You" گيت ڳايو ويندو آهي. ڪجهہ ملڪن ۾ ڪيڪ جي جڳھ تي پيٽا (piñata) استعمال ڪئي ويندي آهي.
جنم ڏينھن جو ڪيڪ
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو جنم ڏينھن جو ڪيڪ
جنم ڏينھن جي ڪيڪ تي اڪثر شخص جي عمر جي برابر ميڻ بتيون لڳايون وينديون آهن. اهو شخص هڪ خاموش خواهش (wish) گهري موم بتين کي هڪ ئي ڦوڪ سان وسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
- جنم ڏينھن جا ڪيڪ
- نالي ۽ عمر سان جنم ڏينھن جو ڪيڪ
- ٻرندڙ موم بتين سان ڪيڪ
- ٻارڻ کان اڳ موم بتيون
- هڪ ٻار موم بتي وسائيندي
- وڪيپيڊيا جي جنم ڏينھن جو ڪيڪ
- جنم ڏينھن جا رواج
- ڪارڊ ۽ تحفا
- هڪ ڪتي جي جنم ڏينھن جي ٽوپي
- ٻارن جي جنم ڏينھن جي پارٽي
- چيني ثقافت ۾ بزرگ جي جنم ڏينھن جو جشن
مذهبي شخصيتن جون سالگراھون
[سنواريو]
ڪرشن
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪرشن جنماشٽمي
ٻڌ
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ٻڌ جي جنم ڏينھن
مھيانا ٻڌ ڌرم ۾، بڌ جي پيدائش جي ورسي نھايت رسمي ۽ مذهبي نموني ملھائي ويندي آهي.[4]
عيسيٰ عليه السلام ۽ عيسائي بزرگ
[سنواريو]عيسيٰ عليه السلام جي روايتي جنم ڏينھن سڄي دنيا ۾ ڪرسمس طور 24 يا 25 ڊسمبر تي ملھائي ويندي آهي.
گڻيش
[سنواريو]هندو مذهب ۾، گڻيش چترٿي هاٿي جي منھن واري ديوتا گڻيش جي پيدائش جو جشن آهي.[5]
سکن جا گرو
[سنواريو]سک گرو نانڪ ۽ ٻين گروئن جي پيدائش کي گورپرب طور ملھائيندا آهن.
حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم
[سنواريو]ميلاد حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جو ڏينھن آهي، جيڪو سني ۽ شيعا مسلمان ترتيبوار 12 يا 17 ربيع الاول تي ملهائيندا آهن.
ايران ۾، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي حضرت فاطمہ الزهرا سلام الله عليها جي پيدائش جي ڏينھن تي مائرن جو ڏينهن (Mother's Day) ملهايو ويندو آهي.[6]
مذهبي نقطہ نظر
[سنواريو]يھوديت
[سنواريو]يھوديت ۾، ربي جنم ڏينھن ملهائڻ جي معاملي تي ورهايل آهن، جيتوڻيڪ اڪثر مڃيندڙ ان کي قبول ڪن ٿا. تورات ۾ جنم ڏينھن جو واحد ذڪر مصر جي فرعون جي جنم ڏينھن جي جشن جو ملي ٿو.[7]
عيسائيت
[سنواريو]
جيتوڻيڪ عيسيٰ عليه السلام جي جنم ڏينھن 25 ڊسمبر تي ملھايو وڃي ٿو، پر تاريخي طور تي انفرادي جنم ڏينھن ملهائڻ تي عيسائي عالمن ۾ بحث رهيو آهي. شروعاتي عيسائي جنم ڏينھن ملهائڻ کي هڪ بت پرست (pagan) رسم سمجهندا هئا.[8]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Quinceañeras – Hispanic Culture آرڪائيو ڪيا ويا 2018-01-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Bellaonline.com. Retrieved on 2013-01-01.
- ↑ Rabbi Shraga (17 January 2000). "ABC's of Bar/Bat Mitzvah". Aish – The Jewish Website. Archived from the original on 14 November 2012. Retrieved 1 January 2013.
- ↑ Queen and anniversary messages. Royal.gov.uk. Retrieved on 2013-01-01. آرڪائيو ڪيا ويا February 15, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Sarah J. Horton (2007) Living Buddhist statues in early medieval and modern Japan, Palgrave Macmillan ISBN 1403964203 p. 24
- ↑ "Andhra laddu-maker eyes to break own Guinness Record with 8000 kg laddu". Daily News and Analysis India. 16 September 2015. Retrieved 25 September 2015.
- ↑ Buehler, Arthur F. (2014). "FATIMA (d. 632)". In Fitzpatrick, Coeli; Walker, Adam Hani (eds.). Muhammad in History, Thought, and Culture: An Encyclopaedia of the Prophet of God. Vol. 1. ABC-CLIO. pp. 182–187. ISBN 9781610691772.
- ↑ Lebovits, Dovid. "Happy Birthday". Halachically Speaking 9 (11): 1–11. https://www.shemayisrael.com/parsha/halacha/Vol9Issue11.pdf. Retrieved 2022-04-12.
- ↑ John Bugge (1975). Virginitas: an essay in the history of a medieval ideal, Springer ISBN 9024716950, p. 69