مواد ڏانھن هلو

جنسي ڪشش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:Shortly description

The Flirtation (1904)، يوجين ڊي بلاس پاران

جنسي ڪشش (Sexual attraction) مان مراد ڪشش آهي جيڪا جنسي خواهش جي بنياد تي هجي يا اهڙي ڪيفيت جيڪا جنسي دلچسپي پيدا ڪري.[1] جنسي دلڪشي (Sexual attractiveness) يا سيڪس اپيل (Sex appeal) ڪنهن فرد جي اها صلاحيت آهي جنهن سان هو ٻين ماڻهن کي جنسي طور پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري سگهي ٿو، ۽ هي جنسي چونڊ (Sexual selection) يا جوڙي جي چونڊ ۾ هڪ اهم عنصر آهي. اها ڪشش ڪنهن شخص جي جسماني بناوٽ، ٻين خوبين، عضون جي حرڪت، آواز يا جمالياتي پهلوئن جي ڪري ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه جسم جي بوءِ، جنسي فيرومونز (Sex pheromones)، سينگار، لباس، عطر يا وارن جي اسٽائل سان به جنسي ڪشش ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ان تي جينياتي، نفسياتي، ۽ ثقافتي عنصر اثر انداز ٿين ٿا.

جيتوڻيڪ جنسي دلڪشيءَ کي ماپڻ لاءِ ڪجهه معروضي معيار (جهڙوڪ ايروٽڪ ڪيپيٽل) ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، پر گهڻي حد تائين هي هڪ شخصي معيار آهي جيڪو ٻئي شخص جي دلچسپي، پرک ۽ جنسي لاڙي (Sexual orientation) تي منحصر هوندو آهي. مثال طور، هڪ هم جنس پرست مرد پنهنجي ئي جنس جي فرد ڏانهن وڌيڪ ڪشش محسوس ڪندو. ٻه جنس پرست (Bisexual) فرد ٻنهي جنسن ڏانهن ڪشش محسوس ڪندا آهن. جڏهن ته لاجنسيت (Asexuality) انهن ماڻهن کي چئبو آهي جيڪي ڪنهن به جنس ڏانهن جنسي ڪشش محسوس نه ڪندا آهن، جيتوڻيڪ اهي رومانوي ڪشش محسوس ڪري سگهن ٿا.[2]

سماجي ۽ حياتياتي عنصر

[سنواريو]
هڪ نر مور پنهنجا کنڀ کولي ماديءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري رهيو آهي.

انساني جنسيت جا ڪيترائي پاسا آهن. حياتيات ۾، جنسيت پيدائشي عمل ۽ ان بنيادي حياتياتي جذبي کي بيان ڪري ٿي جيڪو سڀني جنسي طور پيدائش ڪندڙ نسلن ۾ موجود هوندو آهي. ان ۾ جذباتي ۽ جسماني پهلو به شامل آهن جيڪي فردن جي وچ ۾ گهري لاڳاپي جو سبب بڻجن ٿا. سماجي طور تي، ان ۾ ثقافتي، سياسي ۽ قانوني پهلو اچي وڃن ٿا؛ جڏهن ته فلسفي ۾ اخلاقي، روحاني ۽ مذهبي پهلو شامل آهن.

ڪنهن فرد جي ظاهري شڪل (Physical appearance) ان جي جنسي دلڪشيءَ تي گهرو اثر وجهندي آهي، جنهن ۾ هيٺيان حواس شامل آهن:

  • ڏسڻ جو حواس (Visual perception): چهري جي بناوٽ، صحت، ۽ حرڪتون (جهڙوڪ ناچ).
  • ٻڌڻ جو حواس (Audition): آواز جو لهجو ۽ حرڪتن جو آواز.
  • سنگھڻ جو حواس (Olfaction): جسم جي قدرتي يا مصنوعي خوشبو.
  • ڇهڻ جو حواس (Somatosensory system): جسم جو گرمي پد ۽ ڇهڻ جو احساس.

واڌارو (Enhancement)

[سنواريو]

ماڻهو شعوري يا غير شعوري طور تي پنهنجي جنسي دلڪشيءَ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان جو مقصد ڪنهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ، گهرا تعلقات قائم ڪرڻ يا اولاد جي پيدائش ٿي سگهي ٿو. ان عمل ۾ فلرٽنگ (Flirting) شامل آهي، جنهن ۾ جسماني ٻولي، ڳالهه ٻولهه، مذاق يا هلڪو جسماني رابطو استعمال ڪيو ويندو آهي.[3]

مختلف شين جو ڪردار

[سنواريو]

ڪجهه ماڻهو جنسي ڪشش ۽ لذت کي وڌائڻ لاءِ مختلف شين جو استعمال ڪندا آهن، جن کي "شهوت انگيز" (Aphrodisiacs) چيو ويندو آهي.

  • شراب (Alcohol): شراب جي معمولي مقدار مردن ۽ عورتن ۾ جنسي خواهش کي عارضي طور وڌائي سگهي ٿي، پر ان جو گهڻو استعمال جنسي ڪارڪردگي، لبيڊو ۽ اولاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي نقصان پهچائي ٿو.[4]
  • ڀنگ (Cannabis): ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته ڀنگ جي استعمال سان لمس جي حساسيت وڌي ٿي ۽ لذت ۾ اضافو ٿئي ٿو، پر اهو مرداڻي ڪمزوريءَ جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.
  • ڪوڪين ۽ ٻيا نشا: اهي شروع ۾ جنسي خواهش وڌائين ٿا پر ڊگهي عرصي تائين استعمال سان بانجھ پڻي ۽ ٻين پيچيدگين جو سبب بڻجن ٿا.[4]

جنس ۽ جنسي فرق

[سنواريو]

تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته مردن ۾ عورتن جي ڀٽ ۾ بغير ڪنهن واعدي يا تعلق جي جنسي ميلاپ (Casual sex) ۾ وڌيڪ دلچسپي هوندي آهي.[5] مرد بصري (Visual) جنسي محرڪن ڏانهن وڌيڪ مائل هوندا آهن، جڏهن ته عورتون جوڙي جي چونڊ وقت "سماجي حيثيت" کي وڌيڪ اهميت ڏينديون آهن. جڏهن ته مردن ۾ جسماني دلڪشيءَ تي وڌيڪ زور هوندو آهي.[6]

LGBTQ+ ۾ جنسي ڪشش

[سنواريو]

هڪ مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته اهي عورتون جيڪي 10 سالن جي عمر کان اڳ ئي پنهنجي ئي جنس ڏانهن ڪشش محسوس ڪنديون آهن، اهي ان کي شروع ۾ عجيب يا پريشانيءَ وارو عمل سمجهنديون آهن. اهڙيون عورتون اڪثر پنهنجي جذبن کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ نه هجڻ ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿينديون آهن. جڏهن ته 16 سالن جي عمر جي ڀرپاسي پهرين ساڳي جنس جي ڪشش محسوس ڪندڙ عورتون...

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Sexual attraction". TheFreeDictionary.com. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان March 31, 2012 تي محفوظ ڪيل. December 16, 2011 تي حاصل ڪيل.
  2. "Things That Are Not Asexuality". Asexuality Archive. 2012-05-27. 2015-12-16 تي حاصل ڪيل.
  3. SIRC Guide to Flirting. What Social Science can tell you about flirting. آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  4. 1 2 Mutha, Amit S. (Jan 2025). "Exploring Pleasure and Risks". Journal of Psychosexual Health 7 (1): 18–28.
  5. Buss, D. M., & Shmitt, D. P. (1993). "Sexual strategies theory". Psychological Review: 100, 204–232.
  6. Wiederman (1992). "Gender differences in mate selection criteria". Ethology and Sociobiology 13 (2): 115–124.