جنجگير-چمپا ضلعو
جنجگير–چمپا ضلعو | |
|---|---|
مندر، جنجگير | |
| ملڪ | |
| رياست | ڇتيس ڳڙھ |
| ڊويزن | بلاسپور |
| هيڊڪوارٽر | جانجير |
| تحصيلون | 9 |
| حڪومت | |
| • لوڪ سڀا حلقا | 1 |
| • وڌان سڀا حلقا | 6 |
| ايراضي | |
| • Total | 4,466.74 چورس ڪلوميٽر (1,724.62 چورس ميل) |
| آبادي (2011) | |
| • ڪل | 1,619,707 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| • شهري | 225,199 |
| آبادي | |
| وقتي علائقو | UTC+05:30 (ڀارتي معياري وقت) |
| سراسري سالياني برسات | 1157.1 ملي ميٽر |
| ويب سائيٽ | https://janjgir-champa.gov.in/en/ |
جنجگير–چمپا ضلعو ڀارت جي رياست ڇتيس ڳڙھ جو ھڪ ضلعو آھي۔ ضلعي جو هيڊڪوارٽر جنجگير شھر آھي، جيڪو ڪلاچوري خاندان جي مهاراجا ججواليا ديو سان منسوب ڪيو وڃي ٿو۔ چمپا شھر جو نالو راجا وير بهادر جي گھوڙي “چمپاڪ” تان پيو۔ اڳي ھي ضلعو بلاسپور ضلعي جو حصو ھو، پر 1998ع ۾ ان کي الڳ ضلعو بڻايو ويو۔ هتي جي رهواسي اڪثر ويجهن ڳوٺن مان لڏي آيل آهن۔ موجوده ڪليڪٽر جتندر ڪمار شڪلا آھن۔[1]
تاريخ
[سنواريو]جانجير–چمپا ضلعو، جيڪو رياست جي مرڪزي حيثيت سبب ڇتيس ڳڙھ جو دل سڏيو وڃي ٿو، 25 مئي 1998ع تي قائم ٿيو۔ هتي جو وشنو مندر هن علائقي جي سنهري ماضيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو۔ جانجير–چمپا ۾ ڪيترائي تاريخي مندر موجود آهن۔
15 آگسٽ 2021ع تي ان وقت جي ڇتيس ڳڙھ جو وزيراعليٰ نون ضلعن جي قيام جو اعلان ڪيو، جن مان هڪ سڪتي ضلعو هو، جيڪو جانجير–چمپا مان ڪيترن ڳوٺن ۽ شهرن کي ڌار ڪري ٺهرايو ويو۔[2]
معيشت
[سنواريو]ڪي ايس ڪي انرجي وينچر (6 × 600 ميگاواٽ) ضلعي جو اهم حرارتي بجلي گهر آهي۔[3]
آبادي
[سنواريو]ڀارت جي مردم شماري 2011ع مطابق، جانجير–چمپا جي آبادي 1,619,707 هئي، جيڪا ملڪ گني بساؤ جي آبادي جي لڳ ڀڳ برابر آهي يا آمريڪي رياست آئيڊاهو جي برابر آهي۔[5][6][7] هي آبادي جي لحاظ کان ڀارت ۾ 308هون وڏو ضلعو آهي (640 ضلعن مان)۔[5] ضلعي جي آبادي جي گنجائش 421 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر آهي۔[5] 2001ع کان 2011ع تائين واڌ جي شرح 23.01٪ رهي۔[5] جنس تناسب 991 عورتون في 1,000 مرد آهي ۽ خواندگي جي شرح 73.7٪ آهي۔
ورهاست کان پوءِ ضلعي جي آبادي 966,671 رهي، جن مان 163,553 (16.92٪) شهري علائقن ۾ رهن ٿا۔ جنس تناسب 973 عورتون في 1000 مرد آهي۔ درج فهرست ذاتون 25.81٪ ۽ درج فهرست قبيلہ 8.58٪ آهن۔[5]
2011ع جي مردم شماري مطابق، 94.16٪ آبادي ڇتيسڳڙھي ۽ 4.30٪ هندي کي مادري ٻولي طور ڳالهائيندي هئي۔[8]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Home". janjgir-champa.nic.in.
- ↑ "Chhattisgarh to have 4 new districts, says CM Bhupesh Baghel on Independence Day". The Economic Times. 2021-08-15. ISSN 0013-0389. 2024-10-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Preview of KSK Thermal Power Project (3600MW). https://www.gem.wiki/KSK_Mahanadi_Power_Project. آرڪائيو ڪيا ويا 2025-11-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Table C-01 Population by Religion: Chhattisgarh". censusindia.gov.in. ڀارت جو رجسٽرار جنرل ۽ مردم شماري ڪمشنر. 2011.
- 1 2 3 4 5 "District Census Handbook: Janjgir-Champa". censusindia.gov.in. ڀارت جو رجسٽرار جنرل ۽ مردم شماري ڪمشنر. 2011.
- ↑ US Directorate of Intelligence. "Country Comparison:Population". اصل نسخو مان June 13, 2007 تي محفوظ ڪيل. 2011-10-01 تي حاصل ڪيل.
Guinea-Bissau 1,596,677 July 2011 est.
- ↑ "2010 Resident Population Data". U. S. Census Bureau. اصل نسخو مان 2013-10-19 تي محفوظ ڪيل. 2011-09-30 تي حاصل ڪيل.
Idaho 1,567,582
- 1 2 "Table C-16 Population by Mother Tongue: Chhattisgarh". www.censusindia.gov.in. ڀارت جو رجسٽرار جنرل ۽ مردم شماري ڪمشنر.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no map
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Coordinates on Wikidata
- ڇتيسڳڙھ جا ضلعا
- جانجير–چمپا ضلعو
- 1998ع ۾ مدھيا پرديش ۾ قيام