جمهوري ڏينھن (آذربائيجان)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد امين رسول‌زاده- آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو باني

جمهوري ڏينھن (آذربائيجان) (انگريزي ٻولي: Republic Day (Azerbaijan)) جمهوري ڏينهن ان تاريخ جو احترام طور آهي، جنهن ڏينهن 28 مئي 1918 ع تي اوڀر مسلم دنيا ۾ پهرئين سيڪيولر جمهوري رياست طور آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو بنياد رکيو ويو هيو. آذربائيجان جمهوريت جو باني، پهريون ۽ واحد صدر محمد امين رسول زادي آهي. 28 مئي 1990 کان وٺي - جمهوري ڏينهن کي قومي موڪل طور جشن ملهائيو ويندو آهي.[1]

جمھوري ڏينھن جي تاريخ[سنواريو]

روسي سلطنت جو اقتدار 1917 ۾ مختصر عرصي واري فيبروري انقلاب وسيلي ختم ٿي ويو. مُلڪ ۾ موجود ظلم ۽ ڏاڍ جي ستايل ماڻهن جي قومي تحريڪ شروع ٿي وئي. 28 مئي، 1918 ع تي جمهوريت آذربائيجان (1918کان 1920) - مسلم اوڀر ۾ پهرئين سيڪيولر جمهوري رياست جو اعلان ڪيو ويو. محمد امين رسول‌زاده وسيلي قائم ڪيل آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ جمهوريا، ترڪش ۽ اسلامي دنيا جي پهرئين پارليماني جمهوريہ ۽ پهرئين جمهوري، قانوني ۽ سيڪيولر رياست هئي.[2]

First Flag of the Democratic Republic of Azerbaijan, 24 July-9 November 1918
Flag of the Democratic Republic of Azerbaijan and the Republic of Azerbaijan

آزاديءَ جو پڌرنامو[سنواريو]

Declaration of Independence of Azerbaijan

پڌرنامو جي اصل بيان جو متن آذربائيجاني ۾
ٺاهيل 28 مئي 1918
جاءِ آذربائيجان جو تاريخي نيشنل ميوزيم
دستخط ڪندڙ حسن بي اغائيوف, فتالي خان کوسڪي, ناصيب يوسفبيلي, جامو بي حاجنسڪي, شفيع بي رستمبيلي, نريمن بي نيريمانبيوف, جاويد ملڪ-يگانوف ۽ مصطفي محمودوف
مقصد آذربائيجان جي آزادي کي اعلان ڪرڻ لاءِ
Azerbaijani students in Paris celebrating Independence Day (28 May 1920)

آذربائيجان جي آزادي جو پڌرنامو روسي سلطنت کان آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي آزادي جو اعلان آهي. آذربائيجان 28 مئي 1918 تي طيفليس ۾ آزاد ڪيو هو.[3]

آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو بنياد تفليس ۾ مئي 28، 1918 تي روسي سلطنت جي انت کانپوءِ آذربائيجاني قومي ڪائونسل رکيو هيو، جنهن جي شروعات 1917 جي روسي انقلاب ٿي هئي. ناڪاره ٽرانسڪاڪيشين سيم جي مسلم نمائندگي پاڻ کي آذربائيجان نيشنل ڪائونسل ۾ رکيو هو، ۽ 28 مئي 1918 تي اعلان ڪيو ويو هيوته هڪ نئين قوم پيدا ٿي وئي آهي، اڃا تائين رُڳو جاگرافيائي حوالي سان، آذربائيجان هڪ رياست جو نالو هيو ۽ لڳ ڀڳ 2 ملين ماڻهو، جيڪي مختلف تاتار، ٽرانسڪاڪيشي مسلمان ۽ ڪاڪيشيائي قفقاز تُرڪ سڏبا هيا، سي هاڻي  باضابطي طور آذربائيجاني بڻجي ويا آهن. [4]

شادمانا[سنواريو]

آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي بنياد پوڻ جي 1 سال کانپوءِ، آذربائيجان قالين ميوزيم جي مقام تي هڪ فوجي جلوس (پريڊ) ٿيو.[5]

تنهن هوندي، ٻيو ڀيرو جمهوريا  آزادي ماڻڻ کانپوءِ، سوويت روس جي ماضي جي ياد ڏياريندڙ ان نالو جي جاءِ تي، "مئي 28" تي نالو تبديل ڪيو ويو. اهو رُڳو اکرن جو نالو مٽائڻ لاءِ ڪافي هو، انگ ساڳيا  رهيا.[6]



چترشالا[سنواريو]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "7.3 Mammad Amin Rasulzade". azer.com. حاصل ڪيل 2019-11-26. 
  2. Tadeusz Swietochowski. Russia and Azerbaijan: A Borderland in Transition. Columbia University Press, 1995. ISBN 0-231-07068-3, ISBN 978-0-231-07068-3 and Reinhard Schulze. A Modern History of the Islamic World. I.B.Tauris, 2000. ISBN 1-86064-822-3, ISBN 978-1-86064-822-9. Citations are at Talk:Azerbaijan Democratic Republic#First or second
  3. Азербайджанская Демократическая Республика (1918 - 1920). Элм. 1998. p. 316. ISBN 5-8066-0897-2. 
  4. Tadeusz Swietochowski. Russia and Azerbaijan: A Borderland in Transition. New York: Columbia University Press, 1995. ISBN 0231070683, p. 129
  5. "В Баку состоялся военный парад по случаю 90-летия Вооруженных сил - ОБНОВЛЕНО". Day.Az (ٻولي ۾ Russian). حاصل ڪيل 2019-11-26. 
  6. 125 H.C.Debs., 58., February 24, 1920, p. 1467.