جمهوريه ڪريميا
جمهوريه ڪريميا (انگريزي: Republic of Crimea؛ روسي: Республика Крым؛ ريسپبليڪا ڪرم؛ ڪريميائي تاتاري: Кърым Джумхуриети، قيرم جمهوريتي؛ يوڪريني: Республіка Крим، ريپبليڪا ڪريم) روس جي هڪ وفاقي ماتحت جمهوريه آهي، جيڪي ڪريميائي جزيري نما تي واقع آهي. هي علائقو يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ تڪراري آهي.
16 مارچ 2014ع تي، ڪريميا جي خودمختيار جمهوريه جي روس نواز حڪومت، جن کي يوڪريني حڪومت تسليم نه ڪيو، روس جي حمايت سان هڪ ريفرنڊم ڪرايو. ريفرنڊم ڪميشن پاران اعلان ڪيل نتيجن موجب، 96.77 سيڪڙو ووٽر روس ۾ شامل ٿيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ڪريميا آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن روس ۾ شامل ٿي ويو. يوڪرين ۽ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي اڪثريت واضح طور تي چيو آهي ته هنن ڪريميائي جزيره نما تي روسي حڪمراني کي تسليم نٿا ڪن. هن جي جواب ۾، روس ڪوسووو ۽ ڏکڻ سوڊان جو حوالو ڏنو، جڏهن گڏيل قومن جو عالمي ادارو انهن جي علحدگي جي حمايت ڪئي هئي.
ڪريميا جي جمهوريه روس جي ٻن وفاقي ماتحتن مان هڪ آهي جيڪا ڪريميائي وفاقي ضلعي ۾ آهن، ٻيو روس جو وفاقي شهر، سيواستوپول آهي.
حوالا
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Republic of Crimea. |
- جي سرڪاري ويب سائيٽ[مئل ڳنڍڻو]
- گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد 68/262. "يوڪرين جي علائقائي سالميت." 27 مارچ 2014
- گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد 73/194. "ڪريميا جي خودمختيار جمهوريه ۽ سيواستوپول (يوڪرين) شهر ۽ ڪاري سمنڊ ۽ ازوف سمنڊ جي ڪجهه حصن جي فوجي سازي جو مسئلو." 17 ڊسمبر 2018
- [https://undocs.org/es/A/RES/73/263 گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد 73/263. "ڪريميا جي خودمختيار جمهوريه ۽ سيواستوپول (يوڪرين) شهر ۾ انساني حقن جي صورتحال." 22 ڊسمبر 2018
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from March 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- جمهوريه ڪريميا
- روسي-ڳالهائيندڙ ملڪ ۽ علائقا
- روس جي جمهوريتون