جمعي جي نماز
جمعي جي نماز [1] (عربي:صَلَاة ٱلْجُمُعَة)، هر هفتي جمعي جي ڏينهن منجهند جو مسلمانن جو اجتماعي نماز لاءِ گڏ ٿيڻ جو ڏينهن آهي.[2] اسلام ۾، پاڻ هن ڏينهن کي يوم الجماعة (جمعه جو ڏينهن) سڏيو ويو آهي، جنهن جو عربي مان ترجمو "ملاقات جو ڏينهن" يا "جمع ٿيڻ جو ڏينهن" آهي.[3]
هن ڏينهن تي، سڀني مسلمان مردن کان توقع ڪئي ويندي آهي ته اها، (فاصلي ۽ صورتحال جي ڪري ڪجهه استثنا سان) مسجد ۾ جمعي جو خطبو ٻڌڻ کان پوءِ، 2 رڪعت فرض جماعت سان ادا ڪن.[4] عورتون ۽ ٻار پڻ شامل ٿي سگهن ٿا، پر مردن وانگر، اها انهن لاء فرض نا آهي.[5]
قرآن جي 62هين سورت، سوره الجمعه ۾ هن جي تاڪيد هن ريت آئي آهي؛
"یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا نُوْدِیَ لِلصَّلٰوةِ مِنْ یَّوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِ وَ ذَرُوا الْبَیْعَؕ، ذٰلِكُمْ خَیْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ." (القرآن 62:9)
عبدالله ابن عباس کان روايت آھي ته رسول الله ارشاد فرمايا؛
"جمعه المبارڪ به عيد جو ڏينھن آھي، جيڪا الله تعاليٰ مسلمانن کي عطا ڪيو آهي، تنهن ڪري جيڪو مسلمان جمعي جي نماز جو ارادو ڪري، پهرين غسل ڪري ۽ جيڪڏھن خوشبو ميسر ھجي ته خوشبو لڳائي ۽ توھان تي پر مسواڪ (بہ) لازم آھي."[6]
ڪيترن ئي مسلمان ملڪن ۾، جمعي جي ڏينهن، هفتي وار موڪل هوندي آهي ۽ ٻين ۾، اها تعليمي ادارن ۽ ڪجهه ڪم جي جڳهن تي، اڌ ڏينهن لاء موڪل هوندي آهي. اها هڪ اعليٰ اسلامي روايت آهي ۽ تصديق ٿيل فرض اسلامي عملن مان هڪ آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ جمعي جي نماز سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Congregational Prayer". Learn Islam. حاصل ڪيل 2024-04-06.
- ↑ Fahd Salem Bahammam. The Muslim's Prayer. Modern Guide. ISBN 978-1909322950. https://books.google.com/books?id=rNujP218FuQC&pg=PA20. Retrieved 29 January 2018.
- ↑ "Jum’ah: The Friday Prayer". pluralism.org. حاصل ڪيل 2025-03-02.
- ↑ "The Mosque". The Metropolitan Museum of Art. حاصل ڪيل 2025-05-19.
- ↑ "Islam – Prayer, Salat, Rituals". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2024-04-06.
- ↑ سنن ابن ماجہ:جلد اول:حديث نمبر 1098