جمال الدين فقير جمال
ڏيک
جمال الدين فقير ”جمال“ جمال الدين فقير ولد الهه اوباهيو، ذات جو سهتو، مشائخ سعدالله رحه جي اولاد مان هو، ان ڪري ”سڌوپوٽو“ به سڏيو ويندو هو. فقير جي ڄمڻ جو هنڌ ڳوٺ ”تجّل“، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ آهي. هي فقير صاحب تاريخ 5 فبروري 1907ع ۾ ڄائو هو. فقير پڙهيل ڪونه هو، باقي نماز جون سورتون ياد هئس، نماز جو پابند ۽ متشرع هو. درويشن سان دوستي گهڻي هيس. سنديس دل کليل هئي. ننڍي هوندي جڏهن مائٽن پڙهڻ وهاريس، تڏهن استاد جيڪو به سبق ڏيندو هوس، اهو ياد ڪري ٻڌائيندو هو؛ وري جڏهن اکر پڇبو هوس ته چوندو هو ته ”سائين، اهو اکر ته الاجي ڪهڙو آهي، باقي بر زبان ته ياد سڀيئي اکر اٿم“! سندن شاعرانه صحبت، بچائي فقير رند سان به هئي. فقير جو وصال سال 1952ع جي ڊسمبر مهيني ۾ ”ملڪي“ ڳوٺ ۾ ٿيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ رحمت الله فقير ونڊير جمال الدين فقير ”جمال“-- رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ