جسٽس مير ھزار خان کوسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جسٽس مير ھزار خان کوسو
(انگريزي ۾: Mir Hazar Khan Khoso)،(اردو ۾: میر ہزار خان کھوسو خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Mir Hazar Khan Khoso.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم 30 سيپٽمبر 1929 (90 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Flag of Pakistan.svg پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
جامعه ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو جج،سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

جسٽس مير ھزار خان کوسو: ھي 30 سيپٽمبر 1929 ۾ بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جي ڳوٺ اعظم خان ۾ پيدا ٿيو. 1948 ۾ شڪارپور جي سرڪاري ھاء اسڪول مان سنڌ يونيورسٽي جي بورڊ تحت مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1954 ۾ شڪارپور جي سي.اينڊ ايس. ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين ۽ ايس.ايم.لا ڪاليج ڪراچيءَ مان 1956 قانون جي ڊگري ايل.ايل.بي. پاس ڪيائين.تعليم دوران ھن شاگرد يونين ۾ سرگرمي سان حصو ورتو. جنوري 1957 ۾ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1959 ۾ ويسٽ پاڪستان ھاء ڪورٽ جي بار جي رول تي سندس نالو داخل ٿيو.1980 ۾ سپريم ڪورٽ جو وڪيل بڻيو. 1966 ۾ ھي جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو ۽ 1976 ۾ مستعفي ٿي ويو. جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو ٻہ دفعا جنرل سيڪريٽري ۽ ٽي ڀيرا صدر رھيو. ھن نصيرآباد جي بار ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو ۽ ان جو پھريون صدر بڻيو. 1976 ۾ ھن بلوچستان بار ايسوسيئيشن۾ شموليت ڪئي ۽ 1984 ۾ ان جو ميمبر چونڊيو ويو. 20 جون 1977 ۾ ھي بلوچستان ھاء ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. ھڪ دفعو ٻيھر ھي 1985 ۾ بلوچستان ھاء ڪورٽ جو اضافي جج مقرر ٿيو ۽ 31 مارچ 1987 م مستقل جج مقرر ٿيو.. 13 ڊسمبر 1989 ۾ بلوچستان ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس مقرر ٿيو. 29 سيپٽمبر 1991 م ھي ان عھدي تي ھوندي رٽائر ٿي ويو. 28 آڪٽوبر 1991 ۾ سندس مقرري نئين سر فيڊرل شريعت ڪورٽ ۾ بطور جج ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. پي.ايل.ڊي 1992جرنل ، صفحو 1--پي.ايل.ڊي.پبلشرز،لاھور