مواد ڏانھن هلو

جسوندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جسوندي (Chinese Shoe plant)، هندستانيءَ ۾ جسونديءَ کي جُوئا به چوندا آهن. هي به عجائب جي ذات مان آهي. انگريزيءَ ۾ جائنيز شو پلانٽ (يعني چيني جتيءَ جو وڻ) چونس ٿا. هي هڪڙو پکڙندڙ ۽ گهاٽ ڪندڙ ٻوڙو آهي. چنهنبيارا ۽ ڪارائيءَ جهڙن ڪنارن وارا پن اٿس. کهنبا ڳاڙها گل اٿس، جي هميشہ پيا ٿيندا آهن. گل جي وچان هڪڙي ڊگهي ۽ سهڻي ڏانڊي نڪتل رهندي آهي. هن جا ٽي چار قسم ٿيندا آهن. ڪن جا گل هلڪا ۽ ڪن جا ڀريل ٿا ٿين ۽ رنگ ۾ به تفاوت رهين ٿو. هي ٻج ڪين ڪندو آهي. بيل پتا، عنبري ۽ لال عنبريِ. هي عجائب جي ٻين قسمن جا نالا آهن، جي دکن ۾ مشهور آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو