مواد ڏانھن هلو

جد وار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جد وار:

نالا: ع. زد وار، ف. ماه پروين، هه. وغيره___ نربسي، انتلم، بارهي ۽ ساطريوس. اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: آنڊن ۾ زخم ڪري، ميل: ڌاڻا ۽ ڪتيلو، عيوض، ڪپور ڪچڙي، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين. سڃاڻپ: ڪاري رنگ جي هڪ پاڙ آهي. نر ڳنڍي وانگر ڳنڍيون ٿينديون اٿس. خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. رئيس عضون کي طاقت ڏئي ٿو، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، فالــج، لقوي، جلندر، يرقان، ٻرهل، مرگهي، مٿي جو سور ۽ پاسي جي سور لاءِ مفيد آهي. بک لڳائي ٿو، پيشاب جاري ڪري ٿو، گردن ۽ مثاني کي تقويت ڏئي ٿو، زهرن لاءِ ترياق آهي. هن کي گهي سور ۽ سخت سوڄ تي لائبو ته فائدو ڪندو.[1]،

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو