مواد ڏانھن هلو

جاپان جا ريجن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جاپان جي ريجن (علائقن) جو نقشو. اتر اوڀر کان ڏکن-اولھه ڏانهن: هوڪائيڊو ريجن (ڳاڙهو)، ٽوهوڪو ريجن (پيلو)، ڪانتو ريجن (سائو)، چوبو ريجن (فيروزي)، ڪانسائي ريجن (جامني)، چوگوڪو ريجن (نارنگي)، شيڪوڪو ريجن (فالسائي) ۽ ڪيوشو ريجن ۽ اوڪيناوا پريفيڪچر (ڀورو)

جاپان اڪثر ڪري ريجن (علائقن) ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ ۾ ملڪ جي 47 پريفيڪچرن (صوبن) مان هڪ يا وڌيڪ شامل آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن کي "بلاڪ" (ブロック، بوروڪو) يا "علائقائي بلاڪ" (地域ブロック، چي-اڪي بوروڪو) سڏيو ويندو آهي. وڌيڪ ننڍي علائقائي ورهاستن جي برعڪس، اها سرڪاري انتظامي اڪائيون نه آهن. جيتوڻيڪ اها 1905ع کان وٺي سرڪاري عملدارن پاران شمارياتي ۽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن. مثال طور، اها نقشن، جاگرافي درسي ڪتابن ۽ موسم جي رپورٽن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا آهن ۽ ڪيترائي ڪاروباري ۽ ٻيا ادارا انهن جي اصل (origin) جي علائقن کي انهن جي نالن لاء پڻ استعمال ڪندا آهن، مثال طور ڪيوشو نيشنل ميوزيم، ڪنڪي نپون ريلوي، چوگوڪو بينڪ ۽ توهوڪو يونيورسٽي.

هڪ عام ورھاست، جيڪا پريفيڪچرن/صوبن کي اٺن علائقن ۾ ورهائي ٿي، ترتيب ۾ جاپان جي چئن مکيه ٻيٽن (هونشو، هوڪائيڊو، شيڪوڪو ۽ ڪيوشو) مان، هر جزو هڪ پنهنجو علائقو ٺاهيندو آهي، ڪيوشو ۾ ستسونان ٻيٽ پڻ شامل آهن. سڀ کان وڏو ٻيٽ، هونشو، 5 علائقن ۾ ورهايل آهي. اوڪيناوا پريفيڪچر کي عام طور تي ڪيوشو جو حصو سمجهيو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان کي پنهنجي نائين علائقي طور به خيال ڪيو ويندو آهي. جاپان ۾ اٺ هاءِ ڪورٽون آهن، پر انهن جا اختيار عام اٺن ريجن جي جاگرافيائي ورهاست سان نه ٿا ملن.

جدول

[سنواريو]
ريجن آبادي پکيڙ ڪلوميٽر2[1]شامل پريفيڪچر
هوڪائيڊو51,00,000[2]83,000هوڪائيڊو
ٽوهوڪو89,00,000[3]67,000فوڪوشيما،

اڪيتا، اوموري، اواتئ، مياگي، ياماگاتا

ڪانتو4,33,00,000[4]32,000ٽوڪيو، چيبا، گنما، ايباراڪي، ڪاناگاوا، سئيتاما، توچيگي
چوبو2,14,00,000[5]67,000ايچي، فوڪوئي، گيفو، ايشيڪاوا، ناگانو، نيگاتا، شيزوڪا، توياما، يامانيشي
ڪانسائي2,25,00,000[6]33,000ڪيوٽو، ميئ، نارا، اوساڪا، شيگا، هيوگو، واڪاياما
چوگوڪو73,00,000[7]32,000هيروشيما، اوڪاياما، شيمانئ، توتوري، ياماگوچي
شيڪوڪو38,00,000[8]19,000اهيمئ، ڪاگاوا، ڪوچي، ٽوڪوشيما
ڪيوشو ۽ اوڪيناوا1,43,00,000[9]44,000اوڪيناوا، اوئيتا، فوڪوڪا، ساگا، ڪاگوشيما، ڪوماموٽو، ميازاڪي، ناگاساڪي

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

وڪيميڊيا العام تي Regions of Japan بابت زمرا

حوالا

[سنواريو]