جافنا
جافنا யாழ்ப்பாணம் යාපනය | |
|---|---|
شھر | |
مٿان کان ھيٺ، گهڙيالي جي دشا ۾: جافنا پبلڪ لابرري، جافنا-پنائي ڪائيٽس ھائيوي، نَلُر ڪندسوامي مندر، جافنا قلعو، سنگلئن پتلو، جافنا محل جا کنڊر | |
| ملڪ | سري لنڪا |
| سري لنڪا جا صوبا | اتري صوبو، سري لنڪا |
| سري لنڪا جا ضلعا | جافنا ضلعو |
| حڪومت | |
| • طرز | جافنا منسيپل ڪارپوريشن |
| • ميئر | وويڪانندراج ماديوداني |
| ايراضي | |
| • ڪل | 20.2 چورس ڪلوميٽر (7.8 چورس ميل) |
| آبادي (2012) | |
| • ڪل | 88,138 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | Sri Lanka Standard Time Zone |
| ويب سائيٽ | jaffna.mc.gov.lk |
جافنا (تَمِل:யாழ்ப்பாணம்، رومن:Yāḻppāṇam، سنھالا:යාපනය، رومن:Yāpanaya) سري لنڪا جي اترئين صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اهو ساڳئي نالي جي هڪ پيننسولا جي جافنا ضلعي جو انتظامي هيڊ ڪوارٽر آهي. سال 2012ع ۾ جافنا جي آبادي 88,138 ھئي. جنھن مطابق اھو آباديءَ جي لھاج کان سري لنڪا جو ٻارھون وڏو شھر آھي. جافنا ڪنڊارودائيءَ کان تقريباً ten ڪلوميٽر (six miles) آهي جيڪو قديم زماني کان جافنا پيننسولا ۾ هڪ ايمپوريم طور ڪم ڪندو هو. جافنا جو مضافاتي علائقو نالور چار صديون ڊگهي وچين دور جي تمل جافنا بادشاهت جي گاديءَ جو هنڌ هو.[1]
سري لنڪا جي گهرو ويڙهه کان اڳ، اهو ڪولمبو کان پوءِ سري لنڪا جو ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر هو. 1980ع جي ڏهاڪي جي بغاوت جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي ماڻھن جي نڪالي ٿي ۽ جان مال گھڻو نقصان ٿيو. سال 2009ع ۾ گهرو ويڙهه جي خاتمي کانپوءِ، پناهگير ۽ اندروني طور تي بي گهر ماڻهو پنھنجن گهرن ڏانهن واپس اچڻ شروع ٿيا، جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي امارتن جي وڙيجکان اڏاوت شروع ٿي.[2] تاريخي طور تي، جافنا هڪ سياسي تڪرار ۽ چٽاڀيٽيءَ وارو شهر رهيو آهي. سال 1619ع ۾ جافنا پيننسولا تي پرتگالي قبضي دوران ان کي نوآبادياتي بندرگاهه شهر بڻايو ويو، جيڪو پوءِ پرتگالين جي ھارجڻ کان پوءِ ڊچن جي قبضي ۾ آيو ۽ پوِ سال 1796ع ۾ انگريزن جي قبضي ۾ آيو. گهرو ويڙهه دوران، باغي لبريشن ٽائيگرز آف تمل ايلم (LTTE) 1986ع ۾ جافنا تي قبضو ڪيو. انڊين پيس ڪيپنگ فورس (IPKF) سال 1987ع ۾ شهر تي ٿوري وقت لاءِ قبضو ڪيو. تمل ايلم ٻيهر سال 1989ع کان 1995ع تائين شهر تي قبضو ڪيو، جن کانپوءِ سري لنڪا جي فوج ھن شھر تي قبضو ڪيو.
شهر جي آباديءَ جو وڏو حصو سري لنڪائي تملن جو آهي، جن کان سواءِ سري لنڪائي مورَ، هندستاني تمل ۽ ٻيا نسلي گروهه وڏي تعداد ۾ گھرو وڙھہ کان اڳ شهر ۾ موجود هئا. گهڻا سري لنڪائي تمل هندو آهن، جن کان پوءِ عيسائي، مسلمان ۽ هڪ ننڍڙي تعداد ۾ بڌ پڻ آهن. شهر ۾ ڪالونيل ۽ پوست ڪالونيل زماني ۾ برپا ڪيل گهڻون اي تعليمي سنسٿائون آھن. ھن کان سواءِ مالي سنسٿائون، ننڍا ڪارخانا ۽ سرڪاري سنسٿائون بہ آھن. شھر جي مشھور ايتھاسڪ جڳھين ۾ جافنا لائبرري ۽ جافنا قلعو آھن. جافنا لائبرري سڙي وئي ھئي ۽ ٻيھر ٺاھي وئي. جافنا قلعي کي ڊچ زماني ۾ ٻيھر ٺاھيو ويو ھيو.
| هي مضمون وڪيپيڊيا ايشيائي مهيني جي 2025 واري ڇاپو جي ڀاڱي طور جمع ڪرايو ويو يا وڌايو ويو هيو.. |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Definition of Jaffna | Dictionary.com". www.dictionary.com (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 31 January 2023 تي محفوظ ڪيل. 2023-01-18 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Improving Urban Services and Livability Across Sri Lanka" (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 23 September 2016 تي محفوظ ڪيل. 2016-09-21 تي حاصل ڪيل.