جئڪي چن
چن ڪونگ-سانگ (چيني: 陳港生؛ چن گانگ شينگ؛ پيدائش: 7 اپريل 1954ع)، جيڪو فانگ شلونگ جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو ۽ پيشه ورانه طور تي جيڪي چن ۽ سنگ لنگ جي نالي سان مشهور آهي، هانگ ڪانگ جو رهواسي مارشل آرٽسٽ، اداڪار ۽ فلمساز آهي، جيڪو پنهنجي سليپ اسٽڪ، ايروبيٽڪ فائٽنگ انداز، مزاحيه ٽائيمنگ ۽ اسٽنٽ لاءِ مشهور آهي، جيڪي هو عام طور تي پاڻ ڪندو آهي. ست ڏهاڪن تي پکڙيل فلمي ڪيريئر سان، هن کي سينيما جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ بااثر مارشل آرٽ جي فنڪارن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. [3] [4] جن فلمن ۾ هنن ڪم ڪيو آهي، انهن سڄي دنيا ۾ 6 ارب ڊالر کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي.
چائنا ڊراما اڪيڊمي ۾ "سيون لٽل فورچيون" مان هڪ جي حيثيت سان شروعات ڪندي، جتي انکي قلابازي، مارشل آرٽس ۽ اداڪاري ۾ تربيت ڏني وئي هئي، چن اداڪاري ڏانهن منتقلي ڪرڻ کان اڳ هانگ ڪانگ فلم انڊسٽري ۾ هڪ اسٽنٽ مين جي حيثيت سان داخل ٿيو. سندس ڪاميابي ايڪشن ڪاميڊي "اسنئڪ ان دي ايگلز شيڊو" (1978ع) سان آئي. ان کان پوءِ هن ساڳين ايڪشن ڪاميڊيز جهڙوڪ "ڊرنڪن ماسٽر" (1978ع) ۽ "دي ينگ ماسٽر" (1980ع) ۾ ڪم ڪيو. هن پنهنجي هدايتڪاري جي شروعات "دي فيئرليس هائينا" (1979ع) سان ڪئي، جيڪا باڪس آفيس تي ڪامياب رهي. 1980ع جي ڏهاڪي دوران، هو "سامو هئنگ" ۽ "يوئين باو" سان گڏ "ٿري ڊريگن" جو حصو هو؛ ٽنهي گڏجي ڇهن هانگ ڪانگ جي فلمن ۾ ڪم ڪيو. [5] "پروجيڪٽ اي" (1983ع) ۾ "جيڪي چن اسٽنٽ ٽيم" جي سرڪاري قيام ڏٺو ويو ۽ چن جي تفصيلي، خطرناڪ اسٽنٽ جي دستخطي انداز کي مارشل آرٽس ۽ سليپ اسٽڪ مزاح سان گڏ قائم ڪيو، هڪ انداز جيڪو هن "ويلز آن ميلز" (Wheels on Meals؛ 1984ع) ۽ "پوليس اسٽوري" (1985ع) سان وڌيڪ جديد سيٽنگ ۾ ترقي ڪئي. "رمبل ان دي برونڪس" (1995ع)، جنهن جو عالمي سطح تي ڪامياب ٿيٽر رن هو، چن کي اتر آمريڪي مرڪزي ڌارا ۾ آندو. [6] [7] 1990ع جي وچ ڌاري، هو يوريشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ايڪشن فلم اسٽار هو. [6]
چن کي هالي ووڊ ۾ ڪاميابي آمريڪي ايڪشن ۽ مزاح واري فلم، "رش آور" (1998 ع) ۾ "انسپيڪٽر لي" جي ڪردار ادا ڪرڻ سان ملي، اهو ڪردار هن ٻن سيڪوئلز ۾ ٻيهر ادا ڪيو.
هن آمريڪي ۽ چيني ٻنهي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن م ٻيئن سان گڏ "شنگھائي فلم سيريز" (2000-2003ع)، "نيو پوليس اسٽوري"(2004ع)، "راب-بي-هڊ" (2006ع)، "لِٽل بگ سولجر" (2010ع)، "شاولن" (2011ع) ۽ "دي شيڊوز ايج" (2025ع) شامل آهن. "فاربڊن ڪنگڊم" (2008ع) ساٿي مارشل آرٽس اسٽار "جيٽ لي" سان سندس پهرين تعاون جي نشاندهي ڪئي. هن ٻن ڪراٽي ڪڊ فلمن، 2010ع جي ريميڪ "دي ڪراٽي ڪڊ" ۽ "ڪراٽي ڪڊ: ليجنڊز" (2025ع) ۾ مارشل آرٽس مينٽر، "مسٽر هان" جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
"CZ12" (2012ع) لاءِ، هن "هڪ اداڪار پاران ڪيل گهڻن اسٽنٽ" ۽ "هڪ فلم ۾ گهڻن ڪريڊٽ" لاءِ ٻه گنيز ورلڊ رڪارڊ حاصل ڪيا. سندس آواز جي اداڪاري ۾ "مولان" (1998ع) جا ٽيئي چيني ورجن، "ڪنگ فو پانڊا فرنچائز" (2008-2016ع) جون پهرين ٽي فلمون ۽ "ٽين ايج ميوٽنٽ ننجا ٽرٽلز: ميوٽنٽ ميهم" (2023ع) شامل آهن.
دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سڃاتل ۽ بااثر فلمي اداڪارن مان هڪ، چن کي فلم اسڪالر "اينڊريو ويلس" 2004ع ۾ شايد "دنيا جو سڀ کان وڌيڪ سڃاتل اسٽار" طور بيان ڪيو هو. [8] هن کي "هانگ ڪانگ ايونيو آف اسٽارز" ۽ "هالي ووڊ واک آف فيم" تي مشهور تمغا ملي چڪا آهن، [9] انهي سان گڏ سال 2016ع ۾ "اعزازي اڪيڊمي ايوارڊ" پڻ مليو آهي. چن جو حوالو مختلف پاپ گيتن، فلمن، ٽيليويزن سيريز ۽ وڊيو گيمز ۾ ڏنو ويو آهي. سندس نالي تي هڪ ايوارڊ، "جيڪي چن ايڪشن مووي ايوارڊ" پڻ آهي. هو هڪ تربيت يافته ڳائڻو آهي جنهن ڪيترائي پاپ ميوزڪ البم جاري ڪيا آهن ۽ ڪجهه فلمن لاءِ ٿيم گانا پيش ڪيا آهن جن ۾ هن اداڪاري ڪئي هئي. هو هڪ انسان دوست پڻ آهي ۽ سال 2011ع ۾ "فوربس" پاران کيس 10 سڀ کان وڌيڪ خيراتي شخصيتن مان هڪ قرار ڏنو ويو هو. [10] [11] سال 2016ع ۾، فوربس کيس دنيا ۾ ٻيو نمبر "سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ اداڪار" قرار ڏنو. [12]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Biography". Jackie Chan's Website. 22 January 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Yang, Jeff (17 January 2013). "Why Did Jackie Chan Body Slam America?". The Wall Street Journal. اصل نسخو مان 21 January 2013 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ . 7 April 2024.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد); Missing or empty|url=(مدد) - ↑ . 12 October 2020.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد); Missing or empty|url=(مدد) - ↑ . 20 September 2023.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد); Missing or empty|url=(مدد) - 1 2 Meyers, Chris (29 February 1996). "Jackie Chan Rumbles in the U.S.A." The Daily Utah Chronicle. ص. 14. 18 April 2022 تي حاصل ڪيل – Newspapers.com وسيلي.
- ↑ .
29 November 2018
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد); Missing or empty|url=(مدد) - ↑ Willis, Andrew (2004). Film Stars: Hollywood and Beyond. Manchester University Press. ص. 4. ISBN 978-0-7190-5645-1.
- ↑ Jackie Chan Goes To The Oscars – ETHOZ. 22 December 2016. http://www.ethozgroup.com/jackie-chan-oscars/. "12 January 2018". آرڪائيو ڪيا ويا 12 January 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Jackie Chan & the business of philanthropy | Lifestyle Business | Philippine Star. http://beta.philstar.com/lifestyle/business-life/2006/07/03/345241/jackie-chan-amp-business-philanthropy. Retrieved 12 January 2018.
- ↑ . 22 June 2011.
{{cite magazine}}:|access-date=requires|url=(مدد); Cite magazine requires|magazine=(مدد); Missing or empty|title=(مدد) - ↑ "Jackie Chan is Named the Second Highest-Paid Actor in the World!". WORLD OF BUZZ.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪي قول ۾ Jackie Chan جي متعلق قول موجود آھي۔ |
| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Jackie Chan. |
- Official website

- انٽرنيٽ مووي ڊيٽابيس (IMDb) تي جئڪي چن
- سانچو:Hkmdb name
- سانچو:Rotten Tomatoes person
سانچو:Touching the Heart of China
مالڪ]]
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Articles containing Chinese-language text
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: requires URL
- CS1 errors: missing periodical
- CS1 errors: access-date without URL
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- سان اي سي عنصر17
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ORCID سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BIBSYS سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- MusicBrainz سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Wikipedia articles with faulty authority control identifiers (SBN)
- جئڪي چن
- اداڪار
- هانگ ڪانگ
- فلم پروڊيوسر
- انگريزي ٻولي جون فلمون
- جيڪي چن
- 1954ع جون پيدائشون
- جيئريون شخصيتون
- 20هين صديءَ جا هانگ ڪانگي مرد اداڪار
- 20هين صديءَ جا هانگ ڪانگي مرد ڳائڻا
- 21هين صديءَ جا هانگ ڪانگي مرد اداڪار
- 21هين صديءَ جا هانگ ڪانگي مرد ڳائڻا
- اڪيڊمي اعزازي ايوارڊ حاصل ڪندڙ
- هانگ ڪانگ جا ايڪشن ڪوريئوگرافر
- ڪينٽو-پاپ ڳائڻا
- اليڪٽرا رڪارڊز جا فنڪار
- هانگ ڪانگ جا واپاري
- آسٽريليا لڏي ويندڙ هانگ ڪانگي
- آسٽريليا ۾ رهندڙ هانگ ڪانگي
- فيشن جي شعبي سان لاڳاپيل هانگ ڪانگي واپاري
- هانگ ڪانگ جا فيشن ڊزائنر
- هانگ ڪانگ جا فلمي هدايتڪار
- هانگ ڪانگ جا فلمي پروڊيوسر
- هانگ ڪانگ جا هپڪيڊو رانديگر
- هانگ ڪانگ جا ڪنگ فو رانديگر
- هانگ ڪانگ جا ٻارڙا اداڪار
- هانگ ڪانگ جا مزاحيه اداڪار
- هانگ ڪانگ جا فلمي اداڪار
- هانگ ڪانگ جا وائيس ايڪٽر (آواز جا اداڪار)
- هانگ ڪانگ جا اسڪرين رائيٽر (فلمي ليکڪ)
- هانگ ڪانگ جا مينڊو-پاپ ڳائڻا
- هانگ ڪانگ جا مارشل آرٽس رانديگر
- هانگ ڪانگ جا سماجي خدمتگار
- هانگ ڪانگ جا ريسٽورنٽ مالڪ
- پرچون واري شعبي سان لاڳاپيل هانگ ڪانگي واپاري
- هانگ ڪانگ جا اسٽنٽ پرفارمر
- هانگ ڪانگ جا ووشو رانديگر
- چائنيز پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جي 12هين اجلاس جا ميمبر
- چائنيز پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جي 13هين اجلاس جا ميمبر
- چائنيز پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جي قومي ڪميٽي جا ميمبر
- آرڊر آف دي برٽش ايمپائر جا ميمبر
- ڊڪسن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙ
- پاناما پيپرز ۾ شامل نالا
- سلور بوهينيا اسٽار حاصل ڪندڙ
- اسپورٽس ڪار ريسنگ ٽيم
- يونيسف جا خير سگالي سفير
- وڪٽر رڪارڊز جا فنڪار
- چيني مزاحيه فلمن جا هدايتڪار
- سليپ اسٽڪ (Slapstick) مزاحيه اداڪار
- اي ڊي ايڇ ڊي (ADHD) ۾ مبتلا ماڻهو
- اهڙا اداڪار جن پنهنجا اسٽنٽ پاڻ ڪيا آهن
- چين جا ماڻھو