توفيق ناپر شڪارپور جو آرٽسٽ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ڇا توفيق ناپر ڪنهن کي ياد آهي....! ڪيئي سال اڳ شڪارپور۾، اونهارو پنهجي عروج تي هيو، پگهر مٿي کان ٿيندا پيرن ڏانهن پئي وهيا. مان ۽ منهنجو دوست ارشد ٿهيم عرف گڊو ڪاسائي محلا ، جتي شيخ اياز جي زال اقبال بانو رهندي هئي، اها گهٽي ڪراس ڪري اسين صدر جي پاسي وڃي رهيا هياسين ته صدر جي ڀرسان ئي هڪ دوست گڊوءَ کي سڏ ڪيو، هن کي اڇي رنگ جو ڪڙتو پيل هيو همراه سمارٽ، سوبر ۽ معتبر پئي لڳو تعارف ٿيو ته خبر پئي هو ”توفيق ناپر“ هيو.

مون کيس چيو ته مان فقط اوهان جو نالو ٻڌو آهي، ۽ اهو به ٻڌو آهي ته اوهان آرٽست آهيو، 
پوءِ هن چيو : ”ها ادا! مڙئي ٿورو گهڻو ڪم ڪندو آهيان“ . 
مون کيس چيو ته پوءِ سائين، اوهان پنهنجو ڪم ڏيکاريو نه! 

هن يڪدم چيو: ” ها ڇو نه! اچو ، هيءَ منهجي جاءِ آهي“

شڪارپور جي جاين جي ڇا ڳالهه ڪجي، اها جاءِ به هندن جي دور جي باقيات هئي ۽ هڪ ڪلاسيڪل جاءِ هئي. اندر وياسين، توفيق اسان لاءِ گهڻو ڪري بوتلون وٺي آيو. پوءِ هن پهريان پهريان هڪ اڇي ڪاڳر تي ٺهيل هڪ اسڪيچ ڏيکاريو، جيڪو عجيب ۽ غريب هيو، تصوير کي غور سان ڏسبو ته سمجهه ۾ ايندو ته ڏاڙهيءَ سان هڪ همراه آهي، پر اڃان غور ڪبو ته ان ڏاڙهيءَ ۾ ئي هڪ عورت ٺهيل هئي، اصل ۾ ڏاڙهي ئي عورت هئي، ۽ عورت ئي ڏاڙهي هئي. سچ پچ ته اهو سڀ حيران ڪندڙ هيو. مون پهريون ڀيرو اهڙي شيءِ ڏٺي هئي ۽ اها به شڪارپور جي پياري آرٽسٽ توفيق ناپر جي ٺهيل. مان انکي غور سان ڏسي رهيو هيس ته توفيق چيو: ” ادا! يڪو ڇا پيا ڏسو، اها ته مون ايئين ئي rough ٺاهي آهي، اصل شيون ته هيڏي آهن، هن ڪمري ۾ ، مون کيس چيو: ”اوهان جيڪڏهن rough ۾ ايڏو بهترين ۽ Artistic اسڪيچ ٺاهي سگهو ٿا ته fair ته الائي ڇا هوندو!“

توفيق جو اهو آرٽ ڏسي مونکي ياد آيو، ته ان قسم جي آرٽ کي optical illusion يعني نظر جو دوکو چئجي ٿو، ۽ اهڙيون شيون انٽرنيٽ تي موجود آهن اهو ساڳو idea به مون net تي ڏٺو آهي، ٿي سگهي ٿو توفيق به ڪهن آرٽسٽ جو Replica ( نقل ) ٺاهيو هجي، جيئن استاد سميع جڳ مشهور آرٽسٽ Boris Vallejo جا ڪجهه portraits ٺاهيا آهن. اهو ڪم به ڪو ڀلو آرٽسٽ ئي ڪري سگهي ٿو، هر آرٽسٽ جي وس جي ڳالهه ناهي اهو ڪم به ترجمي جي ڪم جيان ڏاڍو پيچيدو ۽ دقيق هجي ٿو.

بهرحال توفيق جي سڏ تي مان هن جي ڪمري ۾ ويس، ڪمري ۾ هڪ وڏو شيلف هيو، جنهن ۾ هن جا فن پارا سجيل هيا. پورو ڪمرو شاهدي ڏئي رهيو هيو ته هي هڪ آرٽسٽ جو ڪمرو هيو. پوءِ توفيق مختلف شيون ڏيکاريندو ويو، هڪ کان هڪ شيءِ، پر مونکان هن جا اهي portraits ڪڏهن نه وسرندا جيڪي هن چينيءَ جي پليٽس تي ٺاهيا هيا، آرٽ جا ڪيترا پهلو هيا، Abstract, Modern ۽ Realistic . اهو سڀ اچانڪ ٿيو هيو، ۽ هڪ حسين خواب جهڙا لمهحا هيا، جيڪي اڄ به ياد اچن ٿا ته روح کي راحت ٿي اچي. ها، مان ان اتفاق کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس ۽ توفيق جهڙو آرٽسٽ دنيا جي ٻين تخليقار ن وانگر هميشه هميشه مون سان گڏ هوندو.

مونکي اهو پتو نه هيو ته توفيق سان اها پهرين ۽ آخري ملاقات ثابت ٿيندي، ڪجهه وقت کان پوءِ اوچتو خبر پئي ته توفيق هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو. اها خبر ٻڌي زمين پيرن مان نڪري وئي، ڏاڍو ڏک ٿيو. پر حادثي جو ته نالو ئي اوچتو ٿيڻ آهي، اهو سڀڪجهه اوچتو ٿيو، دنيا ۾ ڪيترائي اتفاق ٿيندا آهن، ۽ اهي وسارڻ جهڙا نه هوندا آهن، توفيق سان منهنجي ملاقات به هڪ اهڙو حسين اتفاق هيو، جيڪو ڪڏهن وسري نه سگهندو.

توفيق جڏهن پنهجا شاهڪار ڏيکاري رهيو هيو ته هو انهن جي interpretation به ڪري رهيو هيو، پر افسوس جو مونکي اهي ايڏيون شيون ذهن تي زور ڏيڻ جي باوجود به ياد نٿيون اچن، ڇوته اها پراڻي ڳالهه آهي!

هن اهو به ٻڌايو هيو ته هن جي آرٽ جون exhibitions ٻٽي دفعا ٿيون هيون، هڪ نمائش اسلام آباد ۾ به ٿي هئي. مونکي ياد ٿو اچي ته هن جي آرٽ جي هڪ exhibition شڪارپور واري جماڻي هال ۾ به ٿي هئي، پرهن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ. 

مان ڪوشش ڪندس ته توفيق تي ڪم ڪريان، مونکي اميد آهي ته هن جا ڀائر ، دوست ۽ مائٽ منهجي ان سلسلي ۾ مدد ڪندا ته جيئن هن جي ڪم کي عام ڪري سگهجي ۽ دنيا کي ٻڌائجي ته هن شڪارپور ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن.

بلڪل اهڙي طرح جي سنڌ جو هرهڪ ڳوٺ ۽ شهر ۾ اتان جا سڄاڻ ماڻهو اهڙن تخليقارن تي ڪم ڪرن ته اسين دنيا کي ٻڌائي سگهون ٿا ته سنڌ سڄي آرٽسٽڪ، امن جي متلاشي ۽ co-existence ۾ يقين ڪندڙ آهي.

Incomplete-document-purple.svg هي هڪ ڪچو مضمون آهي. توهان هن ۾ واڌارو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا.