توبھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

توبھ(انگريزي: Tobah ) يا (انگريزي: Repentance before God ) عربي ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي موٽڻ يا رجوع ڪرڻ آھي[1]. بندي جو گناھ ڪرڻ بعد خدا آڏو توبھ ڪرڻ جو مطلب آهي ھڪ غلام جيڪو پنھنجي آقا جو نافرمان ٿي منھن ڦيرڻ بعد پنھنجي ان عمل تي پشيمان ٿئي ۽ اطاعت يا فرمانبرداري طرف موٽي اچي[1]. خدا جي پاسي کان بندي جي توبھ جو مطلب اھو ھوندو آھي تہ غلام طرف جيڪا مالڪ جي عنايت جي نظر جيڪا ڦري وڃي اھا ٻيھر بندي تي ٽڪي بيھي[1]. سوره النساء م قرآن فرمائي ٿو ته:

إِنَّمَا التَّوْبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذِينَ يَعْمَلُونَ السُّوءَ بِجَهَالَةٍ ثُمَّ يَتُوبُونَ مِنْ قَرِيبٍ فَأُولَٰئِكَ يَتُوبُ اللَّهُ عَلَيْهِمْ ۗ وَكَانَ اللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا 17
وَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِينَ يَعْمَلُونَ السَّيِّئَاتِ حَتَّىٰ إِذَا حَضَرَ أَحَدَهُمُ الْمَوْتُ قَالَ إِنِّي تُبْتُ الْآنَ وَلَا الَّذِينَ يَمُوتُونَ وَهُمْ كُفَّارٌ ۚ أُولَٰئِكَ أَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا 18
ترجمو:الله کي رڳو اُنھن جي توبھ ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناھ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبھ ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي 17
۽ اُنھن جي توبھ قبول ٿيڻي نہ آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نہ ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي تہ ھاڻي آءٌ توبھ ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبھ قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون

— سورہ النساء:17,18

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :333