تمتع
ڏيک
تمتع ھڪ قرآني اصطلاح آھي.[1] ان جي لغوي معنيَ آهي فائدو حاصل ڪرڻ. "حج تمتع" جو مطلب اھا آھي تہ حاجي حج ۽ عمرو گڏ ڪري، ليڪن اھڙي طرح جو ٻنھي جو الڳ الڳ احرام ٻڌي ۽ عمرو ڪرڻ کان پوءِ احرام کولي انھن سڀني شين منجھان فائدو وٺي سگھي ٿو جيڪي احرام جي حالت ۾ منع ٿي ويون ھيون ۽ پوء حج جو احرام ٻڌي رڪن ادا ڪري.[1] جيئن تہ اھڙي طرح عمري ۽ حج جي وچ ۾ ڪجهه وقت لاء احرام کولي حلال ٿيڻ جو فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو. ان ڪري ان کي تمتع حج چون ٿا ۽ اھڙي شخص کي متمتع چوندا آهن.[1] تمتع جو لفظ هن کان علاوه به آيو آهي. شيعن ۾ متعه جو تصور انهي لفظ کان مشتق آهي.