تعمير حسين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعمير حسين ناميارو گلوڪار تعمير حسين، مشھور موسيقار ۽ استاد غلام عليءَ جو فرزند آهي، هو چوٿين آڪٽوبر 1966ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. استاد غلام علي پھننجي دور جو وڏو موسيقار رهيو آهي، تعمير حسين پيءُ جي نظرداريءَ هيٺ راڳ سکيو. 1983ع ۾ پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ کيس پي. ٽي. ويءَ تي روشناس ڪرايو، جتي هن ڪيترائي ڪلام ڳاتا، تعمير حسين سنڌي، سرائيڪي بلوچي، اردو ۽ راجستانيءَ ۾ سٺو ڳائي ٿو. سندس پي. ٽي. وي تان ٿيل سنڌي پروگرامن ۾ همرچو، کٽڻھار، بوند بھار، چھچٽو، پرک، گهڙيال، سنڌ سينگار ۽ آبادگار، اردو پروگرامن ۾ رنگ ترنگ، ميوزڪ فيسٽيول، ٽيلي شو، معين اختر شو، بزم غزل وغيره شامل آهن، ريڊيي پاڪستان تي کيس نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا آندو، جتي 1994ع کان ڳائي ٿو. ڪيترين فلمن ۾ بہ ڳائي چڪو آهي. هن وقت سنڌ ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين، ڪشش ۽ مھراڻ چينلن تي پنھنجي فن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي ۽ مقبول فنڪار جي حيثيت ماڻي چڪو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]