ترڪيبي تنقيد
ڏيک
ترڪيبي تنقيد _(Synthetic Criticism):
جان مورلي (1923-1838 John Morley)۽ لارڊ بائرن (1824-1788Lord Byron) تنقيد جي هن قسم جا باني چيا وڃن ٿا. سندن ئي ڪوشش سان هن تنقيد جي بنياد تي ادبي تاريخ کي نئون موڙ مليو ۽ سوانحياتي ارتقا وارو نظريو ادبي تاريخ بڻيو.هن تنقيد جي اها تقاضا آهي ته نقاد، تنقيد ڪرڻ وقت ان دؤر جو وسيع، جامع ۽ مڪمل مشاهدو ۽ مطالعو ڪري، جنهن دؤر ۾ ادبي تخليق ٿي ۽ انهيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ته سماج جا احساساتي، نظرياتي ۽ تصوراتي بنياد ڪهڙا آهن ۽ انهن تي ادبي تخليق ڪيتري قدر اثر انداز ٿي آهي يا انهن پاڻ ڪيتري قدر اثر قبول ڪيو اٿس. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي