تذڪرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(تذڪرا کان چوريل)

تذڪرو(انگريزي: Account ) اهڙو ادب يا تخليق آهي، جيڪو دراصل سوانح ۽ سفر نامي جي صنفن جي ذمري ۾ اچي ٿو. ڇو ته ليکڪ جتي وڃي، يا جتان جو سير سفر ڪري ٿو، اتي جي ماڻهن ۽ ماحول ۽ ملڪي حالتن سان سندس واسطو پوي ٿو، تن کي پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي قلمبند ڪري ٿو. سنڌ ۾ انگريزن جي قبضي وقت انگريز عملدارن/فوجين سفرناما ۽ تذڪرا لکيا، جن ۾ رچرڊ برٽن، ميڪمرڊو، ايسيٽوڪ، جيمس برنس، آر- هيوز ٿامس وغيره اهم آهن. تذڪره نويسي هڪ فن به آهي. سنڌ ۾ ماضيءَ ۾ لکيل ڪيترائي فارسي تذڪرا ملن ٿا، جن جي پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين عالمن ترتيب ۽ تدوين ڪري سنڌ جي تاريخ کي نئين رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. [1]تذڪرن ۾ ڪافي شاعرن جي ڪلام کي پيش ڪيو ويندو آهي جيتوڻيڪ انهن ۾ مڪمل ڪلام ته نه هوندو آهي پر ايترو ضرور هوندو آهي جنهن جي مدد سان ڪنهن تحقيق ۾ امداد ملي سگھي ٿي. اهڙي طرح تذڪرا به تحقيق دوران ڪافي مددگار ثابت ٿيندا آهن.[2]تذڪري جو هڪ قسم اهڙو به هوندو آهي، جنهن ۾ ذاتي ۽ خانداني حالات يا آتم ڪهاڻي لکندا آهن، جيئن ته علامه عنايت الله خان مشرقي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جون آتم ڪهاڻيون آهن، ٻنهي کي تذڪري جون نالو ڏنو ويو آهي. تذڪري جو ٻيو قسم هڪ اهڙو بياض آهي؛ جنهن ۾ شاعرن جي ڪلام کان سواءِ انهن جي حياتيءَ جو مختصر احوال به لکيو ويندو آهي. اهڙن تذڪرن جو تعداد فارسي ۽ اردوءَ ۾ تمام وڏو آهي. اهڙن تذڪرن ۾ سنڌ جا مشهور فارسي تذڪرا : مقالات الشعرا، تڪلمهء مقالات الشعرا يا تذڪره شعراءِ ٽکڙ ۽ تذڪره شعراءِ سکر آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو