تخدجہ
ڏيک
تخدجہ (Takhdja) جيڪڏهن تاريخ جي ماده ۾ڪجهه عدد گهربل عدد کان وڌيڪ آهن ته مناسب اشاري سان اوترا عدد گهٽائي ڇڏبا آهن، ان عمل کي تخدجه چئبو آهي. مثال: سال ان جو ريت هن فاضل چيو باب ري ديوان فاضل شاه جو (فاضل شاهه) هن ديوان ۾ فاضل شاه جو عدد 1297 هجري نڪري ٿو، جنهن مان باب جا 5 عدد ڪاٽبا ته بچندو 1292، جيڪو تاريخ جو مادو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.