تجربيگاھ

ليبارٽري (Laboratory) يا تجربيگاھ هڪ اهڙي جاءِ يا سهولت آهي جيڪا ڪنٽرول ٿيل حالتون مهيا ڪري ٿي جنهن ۾ سائنسي يا ٽيڪنالاجيڪل تحقيق، تجربا ۽ پيمائش ڪري سگهجي ٿي. ليبارٽريون مختلف هنڌن تي هونديون آهن جهڙوڪ اسڪولن، يونيورسٽين، خانگي تحقيقي ادارن، ڪارپوريٽ تحقيقي مرڪزن، سرڪاري ريگيوليٽري ادارن، اسپتالن، ڪلينڪن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذاتي رهائشگاهن ۾ پڻ ملي سگهن ٿيون.[1]
جائزو
[سنواريو]ليبارٽرين جي تنظيم ۽ ان ۾ موجود اوزارن جو دارومدار اتي ڪم ڪندڙ ماهرن جي ضرورتن تي هوندو آهي. هڪ فزڪس جي ليبارٽري ۾ ذراتي اسڪيليريٽر يا ويڪيوم چيمبر ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هڪ ڌاتوڪاري (metallurgy) جي ليبارٽري ۾ ڌاتوءَ کي پگهارڻ يا ان جي طاقت کي پرکڻ جا اوزار ٿي سگهن ٿا. هڪ ڪيميا دان يا حياتيات دان "ويٽ ليبارٽري" (wet laboratory) استعمال ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته هڪ نفسيات دان جي ليبارٽري اهڙو ڪمرو ٿي سگهي ٿو جتي لڪيل ڪيمرا ۽ ون-وي آئينه لڳل هجن ته جيئن رويي جو مشاهدو ڪري سگهجي.
سائنسي ليبارٽريون اسڪولن، يونيورسٽين، صنعتن، سرڪاري يا فوجي مرڪزن کان علاوه ٻيڙين ۽ خلائي جهازن تي پڻ موجود هونديون آهن.

تاريخ
[سنواريو]انگريزيءَ ۾ "ليبارٽري" جي شروعاتي مثالن جو تعلق ڪيميا (alchemy) ۽ دوائن جي تياري سان هو.[2] ٻي عالمي جنگ دوران "بگ سائنس" (Big Science) جي شروعات ليبارٽرين جي سائيز ۽ سامان ۾ وڏو اضافو ڪيو.
قديم ليبارٽريون
[سنواريو]موجوده ثبوتن موجب قديم ترين ليبارٽري فيثاغورث جي هئي. هي ليبارٽري تڏهن ٺاهي وئي جڏهن فيثاغورث آواز جي سرن ۽ تارن جي گونج (vibration) تي تجربا ڪيا هئا.[3]
- 18هين صديءَ جي هڪ ڪيمسٽري ليبارٽري
- ٿامس ايڊيسن پنهنجي ليبارٽري ۾، 1901ع
- ميڊيڪل بلڊنگ ۾ ڪلاس روم ۽ ليبارٽري، 1927ع
- ماهڊول يونيورسٽي ۾ ڪيميائي ليبارٽري، 2009ع
سامان ۽ اوزار
[سنواريو]
ليبارٽري جي سامان مان مراد اهي مختلف اوزار آهن جيڪي سائنسدان تجربن يا پيمائش لاءِ استعمال ڪندا آهن. ڪلاسيڪل سامان ۾ بنسن برنر، خوردبيني (microscope) کان علاوه اسپيشل اوزار جهڙوڪ سينٽريفوج (centrifuges)، اسپيڪٽرو فوٽوميٽر ۽ ڪيلوري ميٽر شامل آهن.
[attachment_0](attachment)
ڪيميائي ليبارٽريون
[سنواريو]- ليبارٽري شيشي جو سامان (Lab glassware)
- تورڻ جي مشين (Weighing scale)
- فيوم هوڊ (Fume hoods)
- تجزياتي آلات (Analytical devices)
حياتياتي ليبارٽريون
[سنواريو]حفاظت (Safety)
[سنواريو]
ڪيترين ئي ليبارٽرين ۾ خطرا موجود هوندا آهن، جهڙوڪ زهر، انفيڪشن پيدا ڪندڙ جراثيم، ٻرندڙ يا ڌماڪيدار مادو، تابڪاري مواد، تيز گرمي پد، يا هاءِ وولٽيج. تنهن ڪري حفاظتي تدبيرون تمام ضروري آهن.[4] آمريڪا ۾ OSHA پاران ليبارٽري جي ڪم جي جاءِ لاءِ خاص معيار مقرر ڪيا ويا آهن.
تنظيم (Organization)
[سنواريو]ليبارٽرين جي تنظيم جو مطالعو سماجي اوزار طور ڪيو ويندو آهي. ليبارٽري ۾ ڪم رڳو تحقيق، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنيشن جي وچ ۾ ورهايل ناهي هوندو، پر اهو انفرادي يا گروهه جي صورت ۾ به هوندو آهي.[5] ليبارٽري جو تنظيمي ماڊل 1950ع کان پوءِ هڪ تعليمي اوزار مان بدلجي اعليٰ سائنسي پيداواري ماڊل بڻجي ويو آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Bertholf, Roger L. (2017). "Laboratory Structure and Function". Clinical Core Laboratory Testing. ص. 1–23. ISBN 978-1-4899-7792-2.
- ↑ سانچو:OED
- ↑ "World's Oldest Laboratory". Analytical Chemistry 62 (13): 701A. 30 May 2012. doi:.
- ↑ Otto, Thomas (2021). Safety for Particle Accelerators. doi:10.1007/978-3-030-57031-6.
- ↑ Vinck, Dominique (2010). The sociology of scientific work. ص. 83, 97–100.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]
وڪيميڊيا العام تي Laboratories بابت زمرا- نوبل انعام يافته ماهرن جون 360° ليبارٽريون آرڪائيو ڪيا ويا 2021-04-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.