تاولين سنگھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تاولين سنگھ
پيدائش 1950 (عمر 73–74)
مسوري، اتراکنڊ، ڀارت
ڌنڌو قلم ڪار ۽ ڪالم نگار
اولاد آتش تاثير

تاولين سنگھ (پنجابي: ਤਵਲੀਨ ਸਿੰਘ؛ انگريزي: Tavleen Singh) (جنم: 1950) ڀارت جي مشهور ڪالم نگار، سياسي نامانگار ۽ ليکڪا آهي. سال 2014 جي ڀارتي عام ڇونڊن ۾ نريندر مودي جي زبردست حامي رهي آهي ۽ ان جي حق ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندي رهي هئي پر نريندر مودي جي وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ ان جي پاليسين ۽ منصوبن سان تاولين سنگھ جلد ئي اختلاف جو اظهار ڪيو ۽ ان جي مخالف صحافي جي حيثيت سان مشهور ٿي هئي. نريندر مودي بابت پنهنجي ويچار ۽ نظرين جي تبديل ڪرڻ کانپوءِ تاولين سنگھ سال 2020 ۾ "Messiah Modi: A Tale of Great Expectations" جي عنوان سان هڪ ضخيم ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن وڏي تفصيل سان مودي کان پنهنجي آسَ (اميد) ۽ وري پوءِ پنهنجي بيزاري جا ڪارڻ لکيا آهن.

سوانح[سنواريو]

سال 1950 ۾ مسوري جي هڪ سنگھ خاندان ۾ تاولين سنگھ جنم ورتو هيو.[3] ويلهم گرلز ڪاليج]] کان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سال 1969 ۾ نيو دهلي پولي ٽيڪينڪ منجهان صحافت جو مختصر مدتي ڪورس مڪمل ڪيائين ۽ گڏوگڏ ئي سينٽ بيڊز ڪاليج، شملہ منجهان پنهنجي گريجوئيشن پڻ پوري ڪيائين. ڀارت ۾ تعليم جو سلسلو پورو ڪرڻ کانپوءِ تاولين سنگھ سلائو (انگلستان) جي "ايويننگ ميل" اخبار سان پنهنجي پيشوراڻي زندگي جي شروعات ڪئي. ان اخبار ۾ هن ويسٽ منسٽر پريس/ٽامپسن ٽريننگ اسڪيم جي تحت اڍائي سال گزاريا.

سال 1974 ۾ هيءَ دي اسٽيٽسمين جي ڪالم نگار جي حيثيت سان ڀارت واپس موٽي آئي هئي.تنهنکانپوءِ هيءَ 1982 ۾ هن دي ٽيلي گراف ۾ شموليت اختيار ڪئي جتي هيءَ خاص ڪالم نگار هئي. سال 1985 ۽ پوءِ 1987 ۾ هيءَ لنڊن جي سنڊي ٽائمز جي ڏکڻ ايشيائي ڪالم نگار پڻ رهي آهي. تنهنکانپوءِ تاولين سنگھ فري لانس صحافت ۾ پيرَ رکيا ۽ انڊيا ٽوڊي ۽ دي انڊين ايڪسپريس ۾ ڪلم نگاري شروع ڪيائين.

سال 1990 ۾ پلس چينل جي ديلي بيورو جي سربراهہ بڻجي وئي ۽ ٻہ وڊيو رسالا "پيپل پلس" ۽ "بزنس پلس" پيش ڪيائين. اهڙي ريت اسٽار پلس تي هن "هڪ ڏينهن جيون" نالو سان هندي پروگرام پڻ ڪيا، جيڪو هفتيوار هلدنو هيو. ان سان گڏوگڏ دي انڊين ايڪسپريس ۽ دي هتواد جي آچر جي ڇپائتي ڇاپن ۾ پڻ لکندي رهي هئي.[4] سال 1988 ۾ تاولين سنگھ کي نامياري ناري صحافي لاءِ چميلي ديوي جين ايوارڊ سان نوازيو ويو.[5]

ذاتي زندگي[سنواريو]

تاولين سنگھ جي پهرئين شادي پاڪستان جي اڳوڻو سياستدان، پنجاب پاڪستان جو اڳوڻو گورنر سلمان تاثير سان ٿي هئي ۽ مشهور صحافي آتش تاثير پيدا ٿيو هيس.[6][7] سلمان تاثير کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ هن ڀارت جي معروف صنعتڪار اجت گلاب چند سان شادي ڪئي.[8]

لکڻيون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "A son in search of his father". Mid Day. 
  2. Interview Tavleen Singh on Newslaundry - I Agree with Tavleen Singh يوٽيوب تي.
  3. "A Son's Journey: Aatish Taseer". The Economic Times. وقت 5 March 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  4. Tavleen Singh Indian Express.
  5. Mass Media in India. Publications Division, Ministry of Information and Broadcasting, Government of India. 1990. p. 24. 
  6. "A son in search of his father". Mid Day. 
  7. "UK author calls India citizenship loss 'sinister'". 8 November 2019. https://www.bbc.com/news/world-asia-india-50342314. Retrieved 8 November 2019. 
  8. Interview Tavleen Singh on Newslaundry - I Agree with Tavleen Singh يوٽيوب تي.
  9. Tavleen Singh’s latest book compiles contemporary history فنانشل ايڪسپريس, 22 July 2008.