تاريخ پيمائي جا اضافي طريقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پٿر جي اسٽريٽيگرافي

تاريخ پيمائي جا اضافي يا نسبتي طريقا(انگريزي: Relative Dating Methods) ڊينمارڪ جو ڪرسچيئن ٿامسين، اڻويھين صدي جو ڪيوريٽر ھيو جنھن انساني ڪاريگري وارين شين کي گڏ ڪري ٽن قسمن ۾ ورھائي درجابندي ڪئي:

  • پٿر جون ٺھيل شيون
  • ڪانسي يا برونز جون ٺھيل شيون
  • لوھ جون ٺھيل شيون

ان درجابندي جي نظام قديم آثارن جي ماضيءَ کي سمجھڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. ان نسبت ذريعي مصنوعي شين جي قدامت جو تعين ان شين جي استعمال واري وقت جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي جنھن جا زمانا اڳواٽ مقرر ٿيل ھوندا آھن. ٻيو طريقو ڪنھن واقعي جو اڳوٽ متعين وقت آھي مثال طور ڪنھن شخصيت جي مرڻ جي تاريخ يا ان علائقي تي قبضي جي تاريخ. انھن تاريخن يا وقت جي نسبت سان شين جي قدامت جاچي ويندي آهي[1]..

اسٽريٽيگرافي وارو نسبتي طريقو[سنواريو]

انھن ۾ پھريون ۽ وڌيڪ بنيادي طريقو اسٽريٽيگرافي آھي (انگريزي: stratigraphy) آھي جنھن جي معنیٰ زمين جي تھن بابت علم جنھن جو تصور سڌوسنئون آھي.کوٽائي وقت آثار قديم جا ماھر زمين جي تھن جو مشاھدو ڪري تاريخ پيمائي ڪندا آهن. زمين مان جيڪو مصنوعي شئي جنھن تي مان ملندي آھي ان جي عمر جو اندازو ان تي جي نسبت سان ڪيو ويندو آهي، اھڙي طرح ڪابہ مصنوعي شئي زمين مان جيتري وڌيڪَ اونھائي تي ملندي اھا اوتري وڌيڪ پراڻي ھوندي آھي[1].

قسط بندي وارو نسبتي طريقو[سنواريو]

نسبتي يا اضافي تاريخ پيمائي جو ٻيو طريقو قسط بندي(انگريزي: seriation) وارو آھي. اھو اسٽريٽيگرافي وانگر سمجھڻ ۾ ۽ عمل ڪرڻ ۾ سولو ناھي. ان جو تعين سماج پاران ٺاھيل مصنوعي شين جي بناوٽ طريقن، نمونن ۽ مختلف قسمن مان ٿيندو آهي. اھي مصنوعي شيون ڀلي کڻي ٺڪر جا ٿانو ھجن يا اڇلائڻ واري ھٿيار جون نوڪون، يا سينگار جو سامان، يا ڪپڙا ھجن پر انھن جي قسط بندي جو اصول ساڳيو ھوندو آھي.جيڪڏھن مصنوعي شئي پٿر جي ٺھيل ڀالي واري نوڪ آھي تہ ٻين مختلف جاين تان ان جھڙن ٻين پٿر جي نوڪن جي قسمن مان سراسري ڪڍي ويندي آهي اھڙي طرح ھر قسم جي نوڪ جي نسبت ان زماني سان ھوندي آھي جنھن زماني ۾ اھا مشھور ھئي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 Encyclopedia of Time (Science, Philosophy, Theology, & Culture) By: H. James Birx Editor Canisius College State University of New York at Geneseo Buffalo Museum of Science-- SAGE Publications Ltd. 1 Oliver’s Yard 55 City Road London EC1Y 1SP United Kingdom--page no: 41 ۽ 42