مواد ڏانھن هلو

تاج محمد افغان مشتاق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حڪيم مولوي تاج محمد ذات جا افغان هئا. سندن والد بزرگوار جو نالو حاجي خميسو هو. ڊسمبر 1899ع ۾ بدين شهر ۾ تولد ٿيا. پير ڀاون شاهه جيلاني جن جا مريد ۽ همعصر هئا. عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ ڪلي مهارت هئڻ سان گڏ کين انگريزيءَ تي ڪامل به دسترس هئي. سندن گهرو لئبرريءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب هر وقت مطالعي لاءِ رهندا هئا مولوي صاحب جن طبابت جو ڪم به ڪندا هئا، جنهن ۾ به لاجواب ماهر هئا.پير ڀاون شاهه جي وفات کان پوءِ، شهر راڄي خاناڻي ۾ اچي مقيم ٿيا، جتي هڪ شاندار اسپتال پنهنجي وڏي پٽ محمد قائم نالي ”قائمي يوناني دواخانو راڄو خاناڻي“ کوليائون.ماهوار طبي رسالي ”پيام شفا“ جا ايڊيٽر به هئا. رسالو دواخاني جي پنهنجيءَ پريس مان ڇپجي نڪرندو هو، پاڻ طبي ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي طبي بورڊ جا ميمبر به هئا. رسالي ”پيام شفا“ کان سواءِ، علم طب ۾ سندن مندرجه ذيل تصنيفون آهن، جي اڄ مفقود آهن: (1) ڪتاب الحميات (2) شرح قانونچه، (3) قرابادين مشتاقي المعروف به طب ساغر ساقي. پويون ڪتاب سندن هٿ سان لکيل قلمي بياض آهي، جيڪو راقم وٽ موجود آهي. مرحوم اهو ڪتاب پارسيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، مگر ڪن مجبورين ڪري اڌ ۾ رهيل ٿو ڀانئجي. ازان سواءِ ٻيا به ڪيترائي قلمي ڪتاب مذهبي وغيره آهن. حڪيم هئڻ سان گڏ، مرحوم جن جيد عالم پڻ هئا. جامع مسجد راڄي خاناڻي جا پيش امام به پاڻ هوندا هئا. جامع مسجد ۾ جمعي نماز پڙهائيندا هئا.پاڻ شاعر پڻ هئا. شعر ۾ سندن تخلص ”مشتاق“ هوندو هو . مرحوم مير احسان علي خان ٽالپر ساڪن راڄو خاناڻي به سندن شاگرد هو. مرحوم سيد احمد شاهه ’خاڪي‘ سان به مرحوم مولوي صاحب جن جو خاص صحبت جو رستو هوندو هو. کين ٽي پٽ هئا، جن مان وڏو پٽ محمد قائم ڪن سببن ڪري گهر ڇڏي جلاوطن ٿي ويو آهي؛ وچيون پٽ غلام علي عرف محمد سومار پسارڪي دڪان جو مالڪ ۽ دوا فروش آهي؛ باقي سندن ننڍو پٽ ڪمال الدين اڳي سنڌي پڙهندو هو، پر هاڻ درزڪو ڪم سکي رهيو آهي. مرحوم مولوي صاحب جن 55 ورهين جي ڄمار ۾ دل ٽٽي پوڻ ڪري رحلت فرمائي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. نيڪ محمد بلوچستاني--مرحوم مولانا حڪيم تاج محمد افغان ”مشتاق“-رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ