بڙدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بڙدي (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

ڪٽوھر

بڙدي (انگريزي: Burdi) يا بليدي (انگريزي: Buledi) بلوچن جو هڪ قبيلو، جن کي بليدي به چون ٿا[1]. ڪن جاين تي هي ڪٽوهڙ ۽ جت به سڌجن ٿا. حقيقت ۾ هي مير علي بلوچ جو اولاد آهن. مير علي کي ٻه پٽ زيندي خان ۽ مراد خان هئا. زيندي خان کي وري ٻه پٽ هئا هڪ سندر خان ۽ ٻيو حاجي خان. انهن جي اولاد کي بڙدي چون ٿا. سندراڻي، حاجيجا ۽ بجاراڻي به انهن جون شاخون آهن. بڙديڪا علائقي ۾ رهڻ ڪري سندن نالو بڙدي پيو. هنن جو هڪ ڪيٽر وڃي بليديا علائقي ۾ آباد ٿيو، جن پاڻ کي بليدي سڏايو. حقيقت ۾ ڳالهه ساڳئي آهي. بڙدي بلوچن جا خاص پاڙا 24 آهن، جيڪي هن طرح آهن:

1. آرياڻي 2. بجاراڻي 3. باجڪاڻي 4. بکراڻي 5. بنگلاڻي 6. ڀنگوار 7. جعفري 8. جبلاڻي 9. چيلاڻي 10. تيغاڻي 11. ڏاهاڻي 12. ڪنراڻي 13. ڪٽوهڙ 14. گجاڻي 15. گبول 16. گاڏهي 17. گولا 18. گورشاڻي 19. عمراڻي 20.لولائي 21. مغيري 22. مستوئي 23. ننداڻي 24. نوحاڻي. مگسي بلوچن جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ بڙدي آهي. هڪ جائزي مطابق بڙدي بلوچن (بليدي) جو شجرو هن طرح آهي:

Burdi

ايس صادق علي جي لکڻ موجب بڙدي يا بليدي قلات جي ديهه ”بلو“ جا رهواسي هئا، جنهن وجه تسميه سبب بڙدي ۽ بليدي سڏجڻ لڳا.ان وقت سندر خان جي اولاد مان علي مراد خان ولد مير واحد بخش خان سندراڻي شاخ جو چڱو مڙس هو. ٻئي شاخ جي جو چڱو مڙس حاجي خان اولاد مان غلام خان ولد جعفر خان حاجيجو بڙدي هو. ٽئين شاخ جو اڳواڻ ڪرم خان ولد شير محمد خان بجاراڻي، ڪرمپور وارو هو. هن وقت بڙدين جون ٽيئي شاخون مير سندر خان سندراڻي جي سرداري هيٺ آهن. انهي ٽنهي شاخن جي پاڙن جي ورهاست هن طرح آهي.

Burdi Tribe

ايس صادق علي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا لکيل پاڙا غالبا ساڳيا آهن. انهن کان وڌيڪ به ڪيترائي پاڙا آهن، جيڪي محقق هٿ ڪيا آهن، جن جا نالا هن طرح آهن. 1. عارباڻي 2. بابراڻي 3. گرگيج 4. گورماڻي 5. جاگيراڻي 6. جاداڻي 7. خيرواڻي 8. ڪورڪاڻي 9. خادماڻي 10. ليڙواڻي 11. محمداڻي 12. مارکاڻيمر کاڻي 13. راواڻي 14. رستماني 15. ريٽيريتي 16. سهراڻي 17. سبزوئي 18. سلڪاڻي 19. سخيراڻي 20. سهجاڻي 21. قمبراڻي 22. بٿياڻي 23. لوتراڻي 24. ميرالي 25. گولا 26. جفوزئي 27. ڪوتاجي 28. لولائي 29. پتافي ۽ 30. بکرري ڀکري.

بلوچن جي ھڪڙي قوم آھي، جا زيندي خان ولد مير عالي ولد ھرين جو اولاد آھن ۽ ھرين سڀني بلوچن جو وڏو ڏاڏو آھي. جنھن پرڳڻي ۾ ھيءُ رھندا آھن، انھيءَ کي بڙدڪا چوندا آھن. زيندي خان کي ٻه پٽ ھئا: ھڪڙو سندر ۽ ٻيو حاجي. پھرئين جو اولاد سندراڻي آھي ۽ ٻئي جو حاجيجا. سندراڻي ٻروچن جون ٻاويھ شاخون آھن، جيئن ته سندراڻي، بجاراڻي، گبول، گولا، جاگيراڻي وغيره؛ ۽ حاجيجن جون به شاخون آھن، جيئن ته حاجيجا، عمراڻي، لوھاڻي، مغيري، ڏاھاڻي. ھيءُ بلوچ بلوچستان ۽ سرحد سنڌ جي ضلعي ۾ گھڻا آھن.[2]

تاريخ[سنواريو]

هوتن کان بو سعيد بليدي مڪران فتح ڪيو هو. ڪڇيءَ ۾ ناڙي کان وٺي بارکان تائين سندن رياست قائم ٿي. پوءِ گرگيجن ۽ بگٽين کان شڪست کائي، اپر سنڌ ۾ بلدڪو رياست قائم ڪيائون، جنهن جو صدر مڪان جهل هو. هيءَ رياست 1857ع تائين قائم رهي.(سن 1901ع جي آدمشماريءَ جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ حاجي زئي بليدين جو تعداد 75 هزار هو.) [3]جتوئين بڙدڪي واري علائقي تي به قبضو ڪري ورتو، جيڪو سورهين صديءَ کان وٺي انهن جي ملڪيت هو. جڏهن ته گھڻو پوءِ ان علائقي تي بڙدين قبضو ڪيو هو. اها مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته بڙدين کي جڏهن بگٽين جبلن تان نيڪالي ڏيئي دربدر ڪيو هيو تڏهن اهي هيٺائين تي لهي آيا ۽ اچي جتوئين کي لڏايائون، جيڪي درياهه اُڪري سنڌو جي کاٻي ڪپ ويٺا هئا[4].

حوالا[سنواريو]

  1. "بڙدي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-02. 
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. ڪتاب جو نالو: جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن: پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي.
  4. ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -