مواد ڏانھن هلو

بچل شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1807ع ۾ شهر مانجهند، ضلعي دادوءَ (موجوده ڄامشوري) ۾ ٿي. هيءُ ڪافي گو شاعر هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن. روهڙيءَ واري محمد محسن ”بيڪس“ جو همعصر هو. بيڪس جي والد بيدل سان به سندس رهاڻ هوندي هئي. ننڍي هوندي عبادت ۽ رياضت ڏانهن لاڙي سبب -پارسي- ۽ عربيءَ جي ڪجهه -تعليم- حاصل ڪيائين. -ان- زماني ۾ سيٺ نهالچند جو مانجهند ۾ ويدانت جو گهڻو زور هو، ڪيترائي فقير ۽ درويش وٽس ايندا هئا. هڪ ڀيري پرمهنس نالي هڪ سنت وٽس اچي رهيو، جيڪو جليانوالا جي رهواسي سنت گلابداس جو شاگرد هو. بچل شاهه اُن درويشن جي صحبت جو پياسي هو. هو کانئس ايترو ته متاثر ٿيو، جو شهر ڇڏي وڃي جهنگ ۾ رهيو. انهيءَ دوران سير سفر جو شوق جاڳيس. هند ۽ سنڌ جو سفر ڪندي وڃي ڪشمير کان نڪتو، پوءِ مرشد جي حڪم موجب سکر ۾ آيو ۽ اُن سرزمين کي پريم نگر ۽ حيات نگر جا نالا ڏنائين. مسلمانن سان گڏ هندو به وڏي تعداد ۾ وٽس اچڻ لڳا ۽ وٽس سماع جون محفلون ٿيڻ لڳيون. خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ لبِ -تاريخ- جي مصنف خداداد خان جي ساڻس بيحد عقيدت هئي. -ان- کان علاوه سندس صحبتن ۾ جان -الله- شاهه ٽيون، حضرت بيدل جو مرشد به شامل هوندو هو. هندن مان ولايت راءِ ۽ سندس شاگرد جيوت سنگهه سان سندس گهڻو پريم هو. -بچل شاهه- وحدت الوجود جو قائل هو. -بچل شاهه- 3 مئي 1906ع تي 100 سالن جي ڊگهي عمر ۾ سکر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه مهراڻ جي ڀڪ تي سکر -بئراج- لڳ -بچل شاهه- مياڻي ڳوٺ ۾ آهي.[1]

بچل شاهه- دادو ضلعي جي مانجهند شهر ۾ 1807ع ۾ ڄائو ۽ 1906ع ۾ وفات ڪيائين.ننڍي هوندي ئي ويراڳ اختيار ڪيائين ۽ آخرڪار ڄمون (ڪشمير) جي صاحب ولايت الف شاهه کان فيضياب ٿيا، 12 سالن بعد موٽي آيو ۽ روهڙي ويجهو ڇپري -بند- کي پنهنجو مسڪن ۽ اتي سماع جون محفلون مچايائين، بعد ۾ موجوده -بچل شاهه- مياڻي، سکر ۾ اچي آستانو قائم ڪيائين. جنهن کي پريم نگر چيو ويندو هو. ڪيترائي هندو توڙي مسلمان سندس معتقد هئا. سندس ڪلام ناصحانه ۽ عارفانه آهي، جيڪو جهر جهنگ ڳايو وڃي ٿو ۽ سندس مزار تي هر سال عاليشان ميلو به لڳندو آهي.[2]

حوالا

[سنواريو]