مواد ڏانھن هلو

بڀاس (راڳڻي ڀيرو ٺاٺ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀيرو -ٺاٺ- جي اوڍو راڳڻي آهي. مڌم ۽ نکاد هن ۾ ورج سر آهن، ڌيوت سر هن ۾ وادي ۽ پنچم نياس جو سر اٿس. هي اترانگ جو راڳ آهن. هيءَ پرڪر تي (ماٺيڻي) راڳڻي آهي، -جن- به راڳن ۾ مڌم ۽ نکاد ورج هوندا آهن. اتي گنڌار ۽ پنچم جو ميل ڀلو لڳندو آهي. امروهي ۾ مڌم ۽ نکاد ورج هئڻ ڪري رام ڪلي کان الڳ بيهي ٿي. ريوا ۾ گنڌار وادي ۽ -بڀاس- ۾ ڌيوت وادي آهي. هن راڳڻي جي خاص تان: ڌا ڌا پا پا- گي پا ڌا پا- گي را سا- سا را سا- گي پا- پا- ڌا- پا- سا- را گي پا- ڌا ڌا پا- گي پا ڌا پا گي را سا- ڌا ڌا پا آهي. هن راڳڻي جي آروهي: سا را گي پا ڌا سا ۽ امروهيِ سا ڌا پا گي را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر ڌيوت ۽ سموادي سُر رکب آهي ۽ صبح جي وقت ڳائبي آهي. (نوٽ: راڳ ساگر ۾ -بڀاس- ۽ ريوا هڪ ئي راڳڻي لکي آهي. وادي سر ڌيوت سموادي رکب ڄاڻايو آهي.)[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2016-04-10 تي محفوظ ڪيل, 2016-06-26 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)