مواد ڏانھن هلو

بٽون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بٽون يا والٽ (Wallet) هڪ ننڍڙو ۽ سنئون ڪيس يا پائوچ هوندو آهي. هي خاص طور تي ذاتي شيون جھڙوڪ ڪاغذي نوٽ (ڪرنسي)، ڊيبٽ ڪارڊ، ڪريڊٽ ڪارڊ، ۽ سڃاڻپ جا دستاويز (جھڙوڪ ڊرائيونگ لائسنس يا سڃاڻپ ڪارڊ) رکڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. والٽ عام طور تي ڪپڙي يا چمڙي (Leather) جا ٺھيل هوندا آهن ۽ اهڙي سائيز جا هوندا آهن جو کيسن ۾ آسانيءَ سان اچي سگهن.

بٽون جو خاڪو

خصوصيتون ۽ بناوٽ

[سنواريو]

بٽن ۾ ۾ مختلف سھولتون شامل ٿي سگهن ٿيون، جھڙوڪ:

  • مني ڪلپ: نوٽن کي ڦاسائڻ لاءِ ڌاتوءَ جو ڪلپ.
  • سڪن جو خانو (Coin purse): جنھن ۾ سڪا رکي سگهجن.
  • زنجير يا پٽو: والٽ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ زنجير يا چٽڪڻي (Snap).
  • تصويرن جو خانو: جتي گهر وارن جون تصويرون يا بزنس ڪارڊ رکي سگهجن.

خاص قسم جا والٽ

[سنواريو]

عام بٽن کانسواءِ ڪجهه خاص ضرورتن لاءِ بہ بٽون ٺاهيا ويندا آهن:

  • پاسپورٽ والٽ: جيڪي سفر دوران پاسپورٽ ۽ سفري دستاويزن کي محفوظ رکڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن.
  • ڪلائي يا جتيءَ وارا والٽ: ڪجهہ انوکي قسم جا والٽ ڪلائيءَ تي يا جتيءَ جي اندر بہ پاتا ويندا آهن.
  • چيڪ بڪ والٽ: جيڪي بينڪ جي چيڪ بڪ رکڻ لاءِ وڏي سائيز جا هوندا آهن.

فيشن ۽ سماجي حيثيت

[سنواريو]

بٽون صرف شيون رکڻ جو ذريعو نہ آهن، پر اهي فيشن جي هڪ اهم شيءِ پڻ آهن. ڪيترائي ماڻهو مھانگا ۽ برانڊيڊ چمڙي جا بٽون پنھنجي پسند، دولت، يا سماجي رتبي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن.

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]