بُچي رڍ
ڏيک
هيءُ رڍن جو نسل چولستان، -بهاولپور-، مظفرڳڙهه ۽ ملتان ۾ به ملي ٿو، اُتر سنڌ ۾ -ٿوري- انداز ۾ نظر ايندو آهي. وچولي قد -بت- وارو، رنگ جو اڇو، مٿو ۽ ڪنڌ ڀوري يا گهري ناسي رنگ جا ٿيندا اٿس، ٽنگون ڊگهيون ۽ ڪن ننڍا ٿيندا اٿس. ڪڏهن ڪڏهن ڪنن جي چوڌاري ڪارو ڇلو به ٿيندو اٿس. پڇ ڪجهه وڏو هوندو اٿس. هن نسل جا جانور سخت جان آهن. منجهن خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ کي برداشت ڪرڻ جي سگهه موجود آهي، سندن اڇي رنگ جي اُن ڊگهي، سڻڀي ۽ گهنڊيدار ٿيندي آهي. سراسري طور منجهانئن هڪ پَهرو ساليانو 2 ڪلو گرام -ان- ڏيندو آهي. نر جانور جو سراسري وزن 35 ڪلوگرام ۽ مادي جو وزن 30 ڪلو گرام ٿيندو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ بچي : (Sindhianaسنڌيانا), اصل کان 11 اپريل 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 27 جون 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)