مواد ڏانھن هلو

بنگال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بينگال کان چوريل)
بنگال
বাংলা
বঙ্গ
ايشيا ۾ خطو
Skyline of بنگال
کنڊ ايشيا
ملڪ
وڏا شھر
پکيڙ
  ڪل 232,752 ڪ.م2 (89,866 ميل2)
آبادي (ع2011)
  ڪل 250 ملين

بنگال يا بنگالو جو اصل نالو ’بنگه’ يا ’ونگا‘ مان نڪتو آهي. هن علائقي ۾ رهندڙ قوم غيرآريائي هئي، جنهن جو ذڪر ”ٻوڌي ادب“ ۾ ملي ٿو. اڳتي هلي اهو نالو بنگال جي ان علائقي لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جتي اها قوم آباد هئي. ’پال‘ ۽ ’سين‘ راجائن جي دور جو بنگال، گنگا نديءَ جي ڪيٽيءَ وارو علائقو آهي. اهڙيءَ طرح الهندي بنگال کي ”گوراڌا“ ۽ اترئين بنگال کي ”پوندرا ورڌن“ چوندا هئا، ليڪن اهو نالو ڪڏهن ڪڏهن سڄي بنگال لاءِ شمار ٿيندو هو. لفظ بنگال پهريون ڀيرو ’بلبن‘ جي زماني ۾ استعمال ٿيو هو.[1]

تاريخ

[سنواريو]

1199ھ/ 1784ع ۾ قطب الدين ايبڪ جو هڪڙو ترڪ سوار بنگال جي سرحد ۾ داخل ٿيو ۽ شهر بنا لڙائيءَ جي مسلمانن جي هٿ چڙهيو. ان بعد بنگالُ دهليءَ جي مسلمان حڪومت جي ماتحت رهيو. 1947ع ۾ قيام پاڪستان جي معاهدي ۾ اوڀر بنگال جي مسلم اڪثريت واري آباديءَ وارو حصو، مشرقي پاڪستان جي نالي سان وجود ۾ آيو.[1]

براعظم پاڪ هڪ صوبو، جيڪوپاڪستان جي آزاديءَ وقت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصو مشرقي پاڪستان جي نالي سان پاڪستان جو حصو رهيو ۽ ٻيو حصو ڀارت کي مليو. مشرقي پاڪستان وارو حصو 1971ع ۾ پاڪستان کان جدا آزاد ملڪ ٿيو. سن 1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ ٽالپر حڪمرانن کي بنگال (بنگالي ۾) ۾ نظربند ڪيو ويو هو. مير عبدالحسين خان ”سانگيءَ“ جو جنم، بنگال جي شهر ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري زماني ۾ ٿيو، جتي سندس والد نظربند هو، جنهن کي مير عبدالحسين سانگي هڪ انگريز خاتون مان ڄائو هو. سانگي اٺن سالن جي عمر ۾ سنڌ ۾ آيو. وڏي هوندي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ياد ڪندي شعر لکيائين[1]:

” اسان جو ملڪ بنگالو، الا يا ايها الساقي “

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.