بيلفاسٽ
| بيلفاسٽ شهر City of Belfast | ||
|---|---|---|
| Béal Feirste (گئلڪ ٻولي) Bilfawst (اسکاٹش ٻولي) گادي وارو شهر/district/borough | ||
| ||
![]() بيلفاسٽ ڊسٽرڪٽ | ||
| موٽو | "Pro Tanto Quid Retribuamu" (لاطيني) (what shall we give in return for so much) | |
| خودمختيار ملڪ | ||
| آئيني ملڪ | اتر آئرلينڊ | |
| ڪوآرڊينيٽس | 54° 35′ 48″ اُتر 5° 55′ 48″ اولهه | |
| ملڪ | گڏيل بادشاھت | |
| درجو ڏنو ويو | پهرين اپريل، 2015ع | |
| انتظامي هيڊ ڪوارٽر | بيلفاسٽ سٽي هال | |
| حڪومت[1] | ||
| • قسم | ضلعي ڪائونسل | |
| • مجلس | بيلفاسٽ سٽي ڪائونسل | |
| • ايگزيڪيوٽو | ڪميٽي سسٽم | |
| • ڪنٽرول | ڪو به مجموعي ڪنٽرول نه آهي. | |
| • برطانوي پارليامينٽ جا ميمبر (MP) | 4 ميمبر پارليامينٽ
| |
| • قانون ساز اسيمبلي جا ميمبر (MLA) | 20 ميمبر لوڪل اسيمبلي ميمبر
| |
| • آبادي (2022ع) | 3,48,005 | |
| پکيڙ[2] | ||
| • ڪل | 133 ڪ.م2 (51 ميل2) | |
| آبادي (2022ع)[2] | ||
| • ڪل | 3,48,005 | |
بيلفاسٽ (Belfast)، گڏيل بادشاھت جي اتر آئرلينڊ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ مکيه بندرگاهه آهي. اهو لاگن نديءَ جي ڪناري آباد آهي ۽ نارٿ چينل ذريعي کليل سمنڊ سان ڳنڍيل آهي.[3] اهو آئرلينڊ ٻيٽ تي، سال 2022ع ۾ 3,48,005 جي آبادي سان، ڊبلن کان پوءِ، ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ ان جي ميٽروپوليٽن علائقي جي آبادي 6,71,559 آهي.[4]
پهريون ڀيرو سال 1613ع ۾ هڪ انگريزي آبادڪاري جي طور تي چارٽر ڪيو ويو ۽ اسڪاٽ آبادگارن جي اچڻ سان وڌيو. جڏهن سال 1888ع ۾ ان کي شهر جو درجو ڏنو ويو، بيلفاسٽ دنيا جو سڀ کان وڏو لينن ٺاهڻ جو مرڪز هو ۽ 1900ع جي ڏهاڪي تائين سندس شپ يارڊ برطانيه جي ڪل ٽنيج جو چوٿون حصو ٺاهي رهيا هئا.
آئرش ڪيٿولڪ آبادي سان فرقه وارانه تڪرار پهرين کان موجود هئي، جن کي اولهه ضلعن مان ڪارخانن مان روزگار کان محرومي ۽ برطانيه ۾ آئرلينڊ جي مستقبل تي ورهاست جي ڪري واڌ آيو. ٻه ڀيرا مسلسل تشدد جي دور آيا: سال 1920-22ع ۾، جيئن بيلفاسٽ ڇهن اتر اوڀر ڪائونٽين جي گاديءَ جي حيثيت سان اڀريو ۽ 1960ع جي ڏهاڪي جي آخر کان ٽن ڏهاڪن ۾ جن دوران برطانوي فوج مسلسل گهٽين تي تعینات هئي. اڃا به تڪرار جي يادگار طور پروٽيسٽنٽ ۽ ڪيٿولڪ مزدور طبقي جي ضلعن ۾ رڪاوٽن ذريعي علحدگي آهي.
بيلفاسٽ، مالي ٽيڪنالاجي (فنٽيڪ) جي اهم تعاون، سياحت ۽ ٻيهر ترقي يافته هاربر اسٽيٽ ۾ سهولتن ۽ فلمي صنعت کان اهم خدمتن جي شعبي ۾ واڌ ڏٺي آهي. اهو تجارتي ۽ صنعتي ڊاڪن سان گڏ هڪ بندرگاهه رکي ٿو. بريڪزٽ کان پوءِ، بيلفاسٽ ۽ اتر آئرلينڊ، منفرد طور تي، برطانوي گهريلو ۽ يورپي ٻنهي سامان لاءِ سنگل واپاري علائقن ۾ رهن ٿا.
شهر جا ٻه هوائي اڏا؛ جارج بيسٽ بيلفاسٽ سٽي ايئرپورٽ ۽ بيلفاسٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ، فضائي نقل ۽ حمل لاء سهولت ڏيڻ ٿا. هتان ٻن يونيورسٽيون؛ السٽر يونيورسٽي ۽ ڪوئنز يونيورسٽي اعلي تعليم جي سهولت ڏيڻ ٿيون. سال 2021ع کان وٺي، بيلفاسٽ کي يونيسڪو پاران "موسيقي جو نامزد شهر" قرار ڏنو ويو آهي.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ بيلفاسٽ سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
بيلفاسٽ سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
| وڪي قول ۾ بيلفاسٽ جي متعلق قول موجود آھي۔ |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Council", Belfast City Council, اصل کان 7 August 2024 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 7 August 2024۔
- 1 2 سانچو:UK subdivision statistics citation
- ↑ McKay, Patrick (2007). A Dictionary of Ulster Place-Names (2nd ed.). Belfast: Cló Ollscoil na Banríona / Queen's University Press. pp. 21. ISBN 978-0-85389-896-2.
- ↑ "Belfast Population 2024", worldpopulationreview.com, اصل کان 4 January 2024 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 22 January 2024۔
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- سانچا
- Infobox mapframe without OSM relation ID on Wikidata
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- بيلفاسٽ
- اتر آئرلينڊ
- اتر آئرلينڊ جا شهر
- برطانيہ جا شھر
- اتر آئرلينڊ ۾ پورٽ شهر ۽ قصبا
- آئرش سمنڊ جا پورٽ شهر ۽ قصبا
- گڏيل بادشاھت ۾ آباد ساحلي جڳھون
- نقشن وارا صفحا
