مواد ڏانھن هلو

بيسر (زيور)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيسر: (انگريزي: BESAR ) سنڌ ۾ عورتن جو نڪ جو ھڪ زيور جيڪو نڪ جي اندر ڪنڍو ورائي نڪ جي اندران وچ تي ٽنگبو آھي. ڪنڍي ۾ دھري جي پتلي وانگر ھڪ زيور لڙڪيل ھوندو آھي جيڪو ٻنھي چپن کي ڍڪيندو آهي. بيسر سونارا سون مان ٺاھيندا ھئا ۽ اڪثر ٻھراڙين ۾ شادي ۾ ڪنوار پائيندي ھئي. ھن وقت ان جو رواج ختم ٿي چڪو آھي. بيسر جي پتلي ۾ مختلف نمونا ٺاھيا ويندا ھئا. ڪن ۾ موتي پڻ جڙيا ويندا ھئا. ان جو وزن ٻہ ہا ٻن کان وڌيڪ تولن تائين ھوندو ھو.

حوالا

[سنواريو]