بيريسٽر آصف علي
بيريسٽر آصف علي:
ھي ڀارت جي بلند شھر جي زميندار گھراڻي سان تعق رکندڙ ھو ۽ 11 مئي 1888 ۾ دھلي ۾ پيدا ٿيو. دھلي جي اينگلو عرب ھاء اسڪول مان تعليم حاصل ڪيائين. 1912 ۾ لنڪنس ان مان بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس شادي ارونا گنگولي سان ٿي پر کيس اولاد ڪانہ ٿي.1914 ۾ وطن موٽي آيو ۽ دھليءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ھن ڀڳت سنگھ جي وڪالت ڪندي ان جي اپيل داخل ڪئي هئي. ھي سياست ۾ به سرگرم رھيو . سندس انتقال 2 اپريل 1953 ۾ سوئيٽزرلينڊ ۾ ٿيو ۽ کيس دھليءَ۾ دفن ڪيو ويو۔[1]
سندس لکيل ڪتاب
[سنواريو]1. ڪنسٽرڪٽو مان ڪو آپريشن رپورٽ آن دي نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس اينڊ بنو ريڊز 1938.(انگلش)
Constructive Non Co-operation report on the North West Frontier <>Province and Banu Raids 1938
2. لائيف آف اسٽالن (انگلش)
3. باغی اور پرچھائیں (اردو)
4د ڪامن مينس اسٽيٽ (انگلش)
The Common man's state
حوالا
[سنواريو]- ↑ {قانونی قلمکاروں کا انسائیکلوپیڈیا؛مصنف:عبدالقادر گوھر؛دادرس پبلشرز کراچی, پیج:30}