بيبي مريم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مريم
Mary

جيوواني بتيستا جي سترھين صدي ۾ ٺاھيل تصوير ميڊونا (مريم) ڏک ۾
پيدائش نامعلوم پر روايتن 8 سيپٽمبر 18 ق م [1]
اباڻو ڳوٺ
جيون ساٿي يوسف
ٻار ٻچا عيسيٰ
ماءُپيءُ بائيبل مطابق يوآخيم(پيءُ )
قرآن مطابق عمران (پيءُ)
بائيبل مطابق ايني (ماء)

بيبي مريم،اسلام ۾ مريم،انگريزي ٻولي: Mary in Islam يا (انگريزي: Maria ) جنھن کي سينٽ ميري بہ چوندا آهن موجوده اسرائيل جي علائقي گليلي جي شھر نزرٿ جي يھودي خاندان جي ھڪ عورت جو نالو جنهن کي بائيبل ۽ قرآن ۾ حضرت عيسي جي ماء ظاھر ڪيو ويو آهي[2]. قرآن، ميٿيو يا متي جي انجيل ۽ ليوڪ يا لوقا واري انجيل ۾ کيس ڪنواري (Virgin Mary) ظاھر ڪيو ويو آهي[3] ميٿيو ۽ ليوڪ واري انجيلن مطابق سندس مڱڻي سينٽ جوزف (يوسف) سان ٿي ھئي[4]. عيسائي دين مطابق کيس ڪنوارپ دوران پاڪ روح ذريعي پيٽ ٿيو ھو ۽ سينٽ جوزف سان گڏجي بيت الحم جتي ھن عيسي مسيح کي جنم ڏنو[5]. ڪيٿولڪ ۽ ايسٽرن چرچ جي دين مطابق دنيا ۾ سندس زندگي پوري ٿيڻ بعد کيس آسمان ڏي کنيو ويو ھو[6][7]. عيسائيت جي شروعات ۾ ئي کيس بزرگي وارو درجو (sainthood) ملي چڪو ھو[8][9].سندس انگريزي ۾ نالو ميري، يوناني ۾ ماريا ۽ اطالوي ٻولي ۾ ميڊونا آھي. عيسائي دين ۾ کيس ڪنواري ميري، خدا جي ماء، آسمان جي راڻي وغيره جا لقب مليل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. پيوِ هائوس, جيمز (2010). روحاني سچائيون (پهريون ed.). پِٽسبرگ: ڊورنس پبلشنگ ڪمپني. p. 110. ISBN 9781434903044. https://books.google.com/books?id=cQ1SlYA5J8QC. 
  2. Raymond Edward Brown; Joseph A. Fitzmyer; Karl Paul Donfried (1978). Mary in the New Testament. NJ: Paulist Press. p. 140. ISBN 9780809121687. https://books.google.ca/books?id=ML1mnUBwmhcC&pg=PA140&lpg=PA140&dq=%22consonant+with%22. "consonant with Mary's Jewish background" 
  3. (سانچو:Lang-gr) Matthew 1:23 uses Greek parthénos virgin, whereas only the Hebrew of Isaiah 7:14, from which the New Testament ostensibly quotes, as Almah young maiden. See article on parthénos in Bauercc/(Arndt)/Gingrich/Danker, A Greek-English Lexicon of the New Testament and Other Early Christian Literature, Second Edition, University of Chicago Press, 1979, p. 627.
  4. Browning, W. R. F. A dictionary of the Bible. 2004 ISBN 0-19-860890-X page 246
  5. Ruiz, Jean-Pierre. "Between the Crèche and the Cross: Another Look at the Mother of Jesus in the New Testament". New Theology Review; Aug. 2010, Vol. 23, Issue 3, pp. 3–4
  6. Munificentissimus Deus: Dogma of the Assumption by Pius XII, 1950, 17
  7. Holweck, Frederick, The Feast of the Assumption,(The Catholic Encyclopedia), New York: Robert Appleton Company , access date April 18, 2015
  8. Burke, Raymond L.; et al. (2008). Mariology: A Guide for Priests, Deacons, Seminarians, and Consecrated Persons ISBN 978-1-57918-355-4 page 178
  9. Mary for evangelicals by Tim S. Perry, William J. Abraham 2006 ISBN 0-8308-2569-X page 142