بولس لائبريري قمبر
ڏيک
بولس لائبرري سال 1923ع ۾، بولس Bolus، ضلعي لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. نهايت اَورچ ۽ محنتي مڙس هو. هــُـن، لاڙڪاڻي ضلعي جي ترقي ۽ عوام جي سهنج لاءِ پنهنجو ننڊ آرام ڦـِـٽائي ڇڏيو هو. لاڙڪاڻي شهر کان علاوه تعلقن جي ترقي ڏانهن به جوڳو ڌيان ڏنائين. سندس اَيامڪاريءَ ۾، قمبر شهر ۾ هڪ لائبرري قائم ٿي، جنهن ۾ ڪتابن جو خاصو تعداد گڏ ڪيو ويو. قمبر جي ماڻهن لاءِ هڪ قسم جو علمي ۽ تفريحي مرڪز بڻجي پيو. سال 1924ع ۾ سندس نالو ”بولس لائبرري“ رکيو ويو . موجوده وقت ۾ هيءَ لائبرري، ميونسپل جي سهاري هيٺ هلي رهي آهي، ۽ سندس نالو ”ميونسپل لائبرري“ رکيل آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ