مواد ڏانھن هلو

بهاسا انڊونيشيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the official language of Indonesia تي آهي. an overview on all languages used in Indonesia جي لاءِ Languages of Indonesia ڏسو.
بهاسا انڊونيشيا
Bahasa Indonesia

يوگ ياڪارتا ۾ هڪ سائن بورڊ، جن تي انڊونيشيائي ٻولي (رومن لپي ۾ انڊونيشيا جي عوام کي ترجيحي طور تي انڊونيشيائي ٻولي استعمال ڪيئن جي ترغيب ڏني وئي آهي.
اچار id
ٻولي جو وطن  انڊونيشيا
نسل 600 کان وڌيڪ انڊونيشيائي نسلي گروهه
ٻولي ڳالهائيندڙ
پهرين ٻولي طور: 7,51,61,170 (2025ع)[1]
ٻئي ٻولي طور: 18,02,68,100[1]
ڪل: 25,54,29,270 (2025)[1]
ڏکڻ جزائري
پراڻيون صورتون
پراڻي ملائي
  • ڪلاسيڪل ملائي (Riau Malay) [2][3][4]
    • قبل جديد ملائي (ڊچ ايسٽ انڊيز ملائي/بالائي پوستاڪا ملائي)
معياري صورتون
معياري انڊونيشيائي ٻولي
لھجو *بازاري انڊونيشيائي (خاص ڪري جڪارتا جي)[5]
لاطيني (انڊونيشيائي اکر)
انڊونيشيائي بريل
SIBI (مينئلي ڪوڊ ٿيل انڊونيشيائي)
سرڪاري حيثيت
سرڪاري ٻولي وغيره
انڊونيشيا
UNESCO
اقليت جي
ٻولي 
اوڀر تيمور (انڊونيشيائي ڪم ڪندڙ ٻولي طور ۽ انڊونيشيا سان واپار جي ٻولي طور استعمال ٿئي ٿي)[6]
ريگيوليٽر ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاء ايجنسي
(Badan Pengembangan dan Pembinaan Bahasa)
ٻولي جا ڪوڊ
ISO 639-1 id
ISO 639-2 ind
ISO 639-3 ind
گلوٽولوگ indo1316[7]
لنگاسفيئر 33-AFA-ac
  ملڪ جتان انڊونيشيائي ٻولي هڪ قومي ۽ سرڪاري ٻولي آهي
  ملڪ جتان انڊونيشيائي هڪ اقليتي ٻولي يا استعمال ٿيندڙ ٻولي آهي
This article contains IPA phonetic symbols. Without proper rendering support, you may see question marks, boxes, or other symbols instead of Unicode characters. For a guide to IPA symbols, see Help:IPA.
نوجوانن جو عهد: انڊونيشيائي قوم جي سڃاڻپ جي وضاحت ڪندي، 28 آڪٽوبر 1928ع تي انڊونيشيائي نوجوانن پاران ڪيل هڪ عهد. عهد جي آخر ۾ سڄي انڊونيشيائي ٻيٽن جي ميڙ ۾ انڊونيشيائي ٻولي جي هڪ متحد ڪندڙ ٻولي جي طور تي تصديق ڪئي وئي آهي.
بهاسا انڊونيشيا جي ڳالهائڻ جو هڪ نمونو

بهاسا انڊونيشيا يا انڊونيشيائي (Indonesian) انڊونيشيا جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي آهي.اها ملائي ٻولي، هڪ آسٽرونيشيائي ٻولي، جي هڪ معياري قسم آهي،[8] جيڪا صدين کان گهڻ لساني انڊونيشيائي ٻيٽن جي ميڙ ۾ هڪ عام بول چال جي ٻولي طور استعمال ٿيندي رهيي آهي. 28 ڪروڙ (280 ملين) کان وڌيڪ جي آبادي سان، انڊونيشيا عالمي سطح تي چوٿين سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ جي حيثيت سان درجه بندي ڪيو ويندو آهي.[9] سال 2020ع جي آدمشماري موجب، %97 کان وڌيڪ انڊونيشيائي ماڻهو بهاسا ۾ رواني سان ڳالهائين ٿا،[10] جيڪا ان کي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڳالهائيندڙن جي تعداد جي لحاظ کان سڀ کان وڏي ٻولي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولين مان هڪ بڻائي ٿو.[11]

انڊونيشيائي بهاسا بولي جا لفظ مختلف مقامي علائقائي ٻولين، جهڙوڪ جاوائي، سونڊاني، مننڪاباؤ، بالي، بينجاري ۽ بوگيني، سان گڏوگڏ پرڏيهي ٻولين، جهڙوڪ، عربي، ڊچ بولي، هوڪين، پرتگالي، سنسڪرت ۽ انگريزي کان متاثر ٿيا آهن. ٻولي کي مالا مال ڪرڻ ۽ انڊونيشيا جي متنوع لساني ورثي کي ظاهر ڪرڻ طور ڪيترائي ورتل لفظ انڊونيشيائي جي صوتياتي ۽ گرامر جي قاعدن سان مطابقت رکن ٿا.

گھڻا انڊونيشيائي ماڻهو، قومي ٻولي ڳالهائڻ کان علاوه 700 کان وڌيڪ مقامي ٻولين مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ۾ رواني رکن ٿا. مثالن ۾ جاواني ۽ سونڊاني شامل آهن، جيڪيون عام طور تي گهر ۾ ۽ مقامي برادري اندر استعمال ٿين ٿيون.[12] بهرحال، گهڻي ڀاڱي رسمي تعليم ۽ تقريبن سڀئي قومي ماس ميڊيا، انتظاميه، عدليه ۽ رابطي جا ٻيا روپ انڊونيشيائي ٻولي ۾ ڪيا ويندا آهن.[13][14]

سال 1976ع کان 1999ع تائين انڊونيشيائي حڪمراني هيٺ، انڊونيشين کي اوڀر تيمور جي سرڪاري ٻولي طور نامزد ڪيو ويو هو.[15] اڃا به هن کي اوڀر تيمور جي آئين تحت انگريزي سان گڏ هڪ ڪم ڪندڙ ٻولي جو درجو حاصل آهي.[16] نومبر، 2023ع ۾، انڊونيشيئن کي يونيسڪو جي جنرل ڪانفرنس جي سرڪاري ٻولين مان هڪ طور تسليم ڪيو ويو.[17]

اصطلاح انڊونيشيائي بنيادي طور تي قومي معياري لهجي (بهاسا باڪو) سان لاڳاپيل آهي. بهرحال، هڪ ڦهليل معنيٰ، هن اصطلاح ۾ انڊونيشيائي ٻيٽن جي ميڙ ۾ ڳالهائي ويندڙ مختلف مقامي قسمن کي پڻ شامل ڪري ٿو. معياري انڊونيشيائي گهڻو ڪري رسمي حالتن تائين محدود آهي، مثال طور مقامي ملائي قسمن سان هڪ ڊائيگلوسڪ تعلق ۾ موجود آهي، جيڪيون عام طور تي روزاني رابطي لاءِ استعمال ٿين تيون. مٿي ذڪر ڪيل علائقائي ٻوليون ملائي ڪريئول سان گڏوگڏ وجود رکڻ ٿيون. معياري انڊونيشي غير رسمي ڳالهه بول ۾ مقامي ملائي ٻولين، ملائي ڪريئول ۽ علائقائي ٻولين جي وچ ۾ هڪ عام بول چال جي بولي جي طور تي ڳالهائي ويندي آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ethnologue
  2. Leitner, Gerhard; Hashim, Azirah; Wolf, Hans-Georg (2016) (en ۾). Communicating with Asia: The Future of English as a Global Language. Cambridge University Press. p. 180. ISBN 978-1-316-47296-5. https://books.google.com/books?id=t7OnCwAAQBAJ&pg=PA180. 
  3. "Bahasa dan dialek" (ٻولي ۾ انڊونيشيائي), Republic of Indonesia Embassy in Astana, اصل کان 1 May 2013 تي آرڪائيو ٿيل۔ 
  4. "Bahasa Melayu Riau dan Bahasa Nasional", Melayu Online, اصل کان 22 November 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 March 2012۔ 
  5. "Dialect: Colloquial Jakarta Indonesian", glottolog.org, حاصل ڪيل 19 جون 2023۔ 
  6. "East Timor Languages", www.easttimorgovernment.com, اصل کان 4 March 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 21 March 2016۔ 
  7. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Indonesian". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/indo1316. 
  8. Uri Tadmor (2008). "Grammatical borrowing in Indonesian" (en ۾). Grammatical Borrowing in Cross-Linguistic Perspective. Walter de Gruyter. p. 301. ISBN 978-3-11-019919-2. https://books.google.com/books?id=Es4T018diPIC. 
  9. "Mendagri Tito Karnavian: Peran Dukcapil Sangat Penting bagi Bangsa Indonesia" [Indonesia's full-year population in 2023], Ministry of Home Affairs (Indonesia) (ٻولي ۾ انڊونيشيائي), اصل کان 23 June 2024 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 23 June 2024۔ 
  10. "Hasil Long Form Sensus Penduduk 2020", Statistics Indonesia (ٻولي ۾ انڊونيشيائي), حاصل ڪيل 27 August 2024۔ 
  11. James Neil Sneddon (2004). The Indonesian Language: Its History and Role in Modern Society. UNSW Press. 
  12. Setiono Sugiharto (28 October 2013). "Indigenous language policy as a national cultural strategy". The Jakarta Post. http://www.thejakartapost.com/news/2013/10/28/indigenous-language-policy-a-national-cultural-strategy.html. 
  13. Hammam Riza (2008), "Resources Report on Languages of Indonesia", اصل کان 9 January 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 9 January 2014۔ 
  14. George Quinn, "The Indonesian Language", www.hawaii.edu, اصل کان 25 December 2010 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 January 2022۔ 
  15. Berlie, Jean A. (1 October 2017). "A Socio-Historical Essay: Traditions, Indonesia, Independence, and Elections". East Timor's Independence, Indonesia and ASEAN. Springer. ISBN 9783319626307. https://books.google.com/books?id=6EQ4DwAAQBAJ. 
  16. Ramos-Horta, J. (20 April 2012). "Timor Leste, Tetum, Portuguese, Bahasa Indonesia or English?" (en ۾). The Jakarta Post. http://www.thejakartapost.com/news/2012/04/20/timor-leste-tetum-portuguese-bahasa-indonesia-or-english.html. 
  17. Ramos-Horta, J. (20 April 2012). "Timor Leste, Tetum, Portuguese, Bahasa Indonesia or English?" (en ۾). The Jakarta Post. http://www.thejakartapost.com/news/2012/04/20/timor-leste-tetum-portuguese-bahasa-indonesia-or-english.html. 

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

Indonesian سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

انگريزي-انڊونيشيائي ڊڪشنريون

[سنواريو]