مواد ڏانھن هلو

بشڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بشڪِي/ بُجڪِي: هڪ قسم جي ننڍڙي ڳوٿري. سنڌ جي خاص ڪري ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ عورتون هن کي ڪتب آڻينديون آهن. بُشڪي سوٽي ڪپڙي مان ٺاهبي آهي. هي مستطيل شڪل جي هوندي آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي ٿُلهو ڌاڳو يا ڏور ٽاڪيل هوندي آهي، جنهن سان بشڪيءَ کي ويڙهبو آهي. اڄ ڪلهه جي شهري عورتن جو پرس انهي بشڪيءَ جي جديد شڪل آهي. ٻهراڙيءَ جون عورتون بشڪيءَ ۾ پئسا سنڀالي رکڻ کان سواءِ سيبي -ٽوپي- جو سامان (سئي ۽ ڌاڳا وغيره) ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون سنڀالي رکنديون آهن. -بشڪي-، رليءَ وانگر مختلف رنگن جي ڪپڙن کي ڳنڍي ٺاهي ويندي هئي. ڪي بشڪيون وري عام لسي ڪپڙي تي ڀرت ڀري ٺاهيون وينديون هيون. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به -بشڪي- استعمال ۾ ايندي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. بجڪي : (Sindhianaسنڌيانا), archived from the original on 2024-12-02, retrieved 2016-06-27 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)