مواد ڏانھن هلو

بشاري مقدسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بشاري مقدسي شمس محمد بن احمد بشاري، بيت المقدس جو رهاڪو هو. مراڪش کان تاشقند تائين اسلامي ملڪن جو سير وسفر ڪيائين. سنڌ ۾ به آيو. پر اڳتي نه ويو. 20- 22سالن جي سياحت کان پوءِ پنهنجا مشاهدات قلمبند ڪيائين ۽ ان ڪتاب جو نالو ”احسن القتاسيم معرففتہ الاقاليم“ رکيائين. هن ۾ مسلمان ملڪن جو نقشو به ڏنل آهي، جنهن ۾ سنڌ جو نقشو به ڏيکاريل آهي. چوٿين صدي هجري جي آخري سالن ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ