مواد ڏانھن هلو

بسمٿ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪيميائي تت تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ بسمٿ (سلجھائپ) ڏسو.
بسمٿ
83Bi
Bismuth
Official logo of بسمٿ
حالت (STP تي) سالڊ
ايٽمي انگ (Z) 83
ايٽمي وزن (A) 208.98
گروپ 15
سيريز 6
بلاڪ p-block
اليڪٽران جي ترتيب [Xe] 4f14 5d10 6s2 6p3
اليڪٽران في شيل 2, 8, 18, 32, 18, 5
ايٽمي ريڊيس 156 پيڪو ميٽر
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) پهرين:703
ٻئي:1610
ٽئي:2466
آڪسائيڊيشن نمبر عام: +3,-3,-2,-1,+1,+2,+4,+5
گھاٽائي (20°C تي) 9.807 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
10.05 گرام/cm3 (پگھرائڻ جي نقطي تي مائع حالت ۾)
وجود شروع کان (primordial)
اليڪٽرو نيگيٽيئٽي 2.02 (پالنگ اسڪيل)
Government
طبيعي خاصيتون
 • اُبلڻ جو نقطو (1837°K) (1564°C))
 • پگھلڻ جو نقطو (544.7°K) (271.5°C)
 • پگھرائڻ لاء حرارت 11.30 ڪلو جول في مول
 • ٻاڦ جي حرارت 179 ڪلو جول في مول
 • مولر گرميء گنجائش 25.52 جول في مول.ڪيلون

بسمٿ (Bismuth) هڪ ڪيميائي عنصر آهي؛ ان جو نشان Bi ۽ ايٽمي نمبر 83 آهي. اهو منتقلي ڌاتن کان پوء جو پنڪٽوجنز آهي، جنهن جون ڪيميائي خاصيتون گروپ 15 ۾ هن جي هلڪي ڀائرن آرسينڪ ۽ اينٽيموني سان ملندڙ جلندڙ آهن. عنصري بسمٿ قدرتي طور تي ٿئي ٿو ۽ ان جا سلفائيڊ ۽ آڪسائيڊ اهم تجارتي معدنيات آهن. آزاد عنصر %86 ليڊ جيترو گهاٽو آهي. اهو هڪ ڀُرندڙ ڌاتو آهي جنهن جو رنگ شروع ۾ چاندي-اڇو هوندو آهي. مٿاڇري جي آڪسيڊيشن عام طور تي ڌاتو جي نمونن کي ڪجهه گلابي ڪاسٽ ڏئي ٿي. گرمي هيٺ وڌيڪ آڪسائيڊيشن پتلي فلم جي مداخلت جي ڪري بسمٿ کي هڪ روشن طور تي چمڪندڙ ظاهر ڏئي سگهي ٿو. بسمٿ سڀ کان وڌيڪ ڊائيمگنيٽڪ عنصر آهي ۽ گرميء جي گهٽ ۾ گهٽ چالکائي واري ڌاتن مان هڪ آهي.

تفصيل

[سنواريو]

بسمٿ کي اڳ ۾ سڀ کان وڌيڪ ايٽمي ماس وارو عنصر سمجهيو ويندو هو جنهن جي نيوڪليس جو زوال (decay) (پاڻمرادو) نه ٿيندو آهي. بهرحال، 2003ع ۾ اهو تمام ٿورو تابڪار (radioactive) مليو. ڌاتو جو واحد قدرتي همجاء (Isotope)، بسمٿ-209، جو الفا زوال (alpha decay) جي هاف لائف، ڪائنات جي اندازي مطابق عمر کان تقريباً هڪ ارب ڀيرا وڌيڪ آهي.[1][2]

بسمٿ ڌاتو قديم زماني کان معلوم آهي. جديد تجزياتي طريقن کان اڳ بسمٿ جي ليڊ ۽ ٽن سان ڌاتوءَ جي مشابهت اڪثر ڪري ان کي انهن ڌاتوءَ سان مونجهارو بڻائي ڇڏيو. هن جي نالي "بسمٿ" جو اصل يقيني نه آهي، پر ٿي سگهي ٿو، شايد سورهين صديءَ جي وچ ۾ جرمن لفظ ويئس ماس (weiße Masse) يا وسمٿ (Wismuth) جي نيو-لاطيني ترجمن مان آيو هجي، جنهن جي معنيٰ آهي "اڇو ماس"، جن کي بيسموٽم يا بيسموٽيم طور ترجمو ڪيو ويو هو.

بسمٿ جا مرڪب، هن جي عالمي پيداوار جو اڌ حصو آهن. اهي سينگار، رنگ ۽ ڪجهه دواسازي ۾ استعمال ٿيندا آهن، خاص طور تي بسمٿ سبسيليسالٽ (bismuth subsalicylate)، جيڪو دستن (diarrhea) جي علاج لاءِ استعمال ٿيندو آهي.[3] بسمٿ جي مضبوط ٿيڻ سان گڏ، سالڊ حالت ۾، ان جي غير معمولي واڌ جي ڪارڻ، اها پرنٽنگ جي ڪاسٽنگ ۾. بسمٿ، جڏهن ان جي بنيادي شڪل ۾ هوندو آهي، ته ان ۾ ڳري ڌاتو لاءِ غير معمولي طور تي گهٽ زهر آهي. جيئن ته 20 صدي دوران ليڊ جي زهر ۽ ان جي ماحولياتي علاج جي قيمت وڌيڪ واضح ٿي وئي، مناسب بسمٿ مصر دات کي ليڊ جي متبادل طور مقبوليت حاصل ٿي. هن وقت، عالمي بسمٿ جي پيداوار جو تقريباً ٽيون حصو اڳ ۾ ليڊ جي ضرورتن لاءِ وقف آهي.

Bismuth compounds account for about half the global production of bismuth. They are used in cosmetics; pigments; and a few pharmaceuticals, notably bismuth subsalicylate, used to treat diarrhea.[4] Bismuth's unusual propensity to expand as it solidifies is responsible for some of its uses, as in the casting of printing type.[4] Bismuth, when in its elemental form, has unusually low toxicity for a heavy metal.[4] As the toxicity of lead and the cost of its environmental remediation became more apparent during the 20th century, suitable bismuth alloys have gained popularity as replacements for lead. Presently, around a third of global bismuth production is dedicated to needs formerly met by lead.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Dumé, Belle (23 April 2003). "Bismuth breaks half-life record for alpha decay". Physicsworld. http://physicsworld.com/cws/article/news/2003/apr/23/bismuth-breaks-half-life-record-for-alpha-decay. 
  2. Kean, Sam (2011). The Disappearing Spoon (and other true tales of madness, love, and the history of the world from the Periodic Table of Elements). New York/Boston: Back Bay Books. pp. 158–160. ISBN 978-0-316-051637. 
  3. Kean, Sam (2011). The Disappearing Spoon (and other true tales of madness, love, and the history of the world from the Periodic Table of Elements). New York/Boston: Back Bay Books. pp. 158–160. ISBN 978-0-316-051637. 
  4. 4.0 4.1 4.2 Kean, Sam (2011). The Disappearing Spoon (and other true tales of madness, love, and the history of the world from the Periodic Table of Elements). New York/Boston: Back Bay Books. pp. 158–160. ISBN 978-0-316-051637.