برڪت علي چوھاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برڪت علي چوهاڻ ولد حيدربخش چوهاڻ 20 اپريل 1938ع تي سيلاوٽ پاڙي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي گهران حاصل ڪئي. نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين، ان کانپوءِ ڊي. اي. اي (سول) ۾ ٽيڪنيڪي سَند حاصل ڪيائين. 10 سپيٽمبر 1965ع تي شادي ڪيائين، جنهن مان هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿيس. سنڌي، انگريزي، اردو، ڍاٽڪي، جيسلميري، راجستاني، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين جو وڏو ڄاڻو آهي.[1]

خدمتون[سنواريو]

پنهنجي پيشي جي لحاظ سان هڪ سٺو انجنيئر آهي، هن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن خصوصاً حيدرآباد کي پنهنجي ماهرانه صلاحيتن سان اڏاوت جي ميدان ۾ اسپتالن، اسڪولن، بنگلن ۽ ٻين رهائشي توڙي ڪمرشل جاين جا نقشا جوڙي، رونق بخشي آهي. ڪيترن ئي غير سرڪاري فلاحي ادارن سان به سندس تعلق رهيو آهي. هن جي ڪوششن سان صحافي ڪالوني ۽ لطيف آباد ۾ ٻارن لاءِ ”پلي پارڪ“ ۽ پاڪستان نئشنل سينٽر ۾ ٻارن لاءِ لائبرري قائم ڪئي وئي آهي. هي پنهنجي فلاحي مشن ۾ اڳڀرو ئي رهيو آهي.[1]

ھن وقت[سنواريو]

هن وقت صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 برڪت علي چوھاڻ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال 2012ع