مواد ڏانھن هلو

برينڇ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برينڇ:(انگريزي: Breenchh) هي گاهه ڀٽن جي لاهين ۽ ڏرڙن جي ڪپن تي ٿيندو آهي. ان جي پاڙ مان ڪيتريون تيليون ٿي جڳهٽي وانگر بيهندو آهي. اُن جون پاڙون اهڙيون مضبوط نه هونديون آهن، جنهن ڪري ٿوري زور سان اُکڙي ايندو آهي. سائو هوندو آهي، تڏهين ڍڳيون ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. پڪي ٿيڻ تي تيلين جو رنگ پيلو ٿيندو آهي. اُن جون تيليون البت سخت ٿينديون آهن. ٿري ماڻهو اهو گاهه پٽي رکي ڇڏيندا آهن، جنهن مان گهر ۾ ڪچري ميڙڻ لاءِ ٻُهارين ٺاهيندا آهن، جي مضبوط ٿينديون آهن ۽ گهڻو وقت جٽاءُ ڪنديون آهن. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو کجيءَ جي ٻهاري اصل ڪم ڪونه آڻين، سڀ ڪنهن گهر ۾ برينڇ جي ٻهاري هوندي آهي[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو