برونائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(برونئي کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Flag of برونائي
قومي نشان of برونائي
جهنڊو قومي نشان
نشان: 
  • الدائمون المحسنون بالهدى
  • Sentiasa membuat kebajikan dengan petunjuk Allah
  • "Always in service with God's guidance"
مڪانيت  برونائي  (سائو رنگ) نقشو آسيان  (تيز خاڪي)  –  [Legend]
مڪانيت  برونائي  (سائو رنگ)

نقشو آسيان  (تيز خاڪي)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ بندر سيري بيگاوان
4°53.417′N 114°56.533′E / 4.890283°N 114.942217°E / 4.890283; 114.942217
دفتري ٻوليون ملائي[a]
مڃيل ٻوليون انگريزي[b]
ٻيون ٻوليون
۽ مقامي لھجا [2][3]
سرڪاري اسڪرپٽ
نسلي گروھ (2016[4])
مذهب سني اسلام
مقامي آبادي برونائي
حڪومت وحداني اسلامي بادشاھت
حسن البولقيه
المتعدي بالله
عبدالرحمان محمد طيب
عبدالعزيز جنيد
قانون ساز ادارو نيشنل ليجسليٽو ڪائونسل
برونائي جو قيام
c.1368
15th – 19th صدي
1888
• 
يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان آزادي ورتائين

1

جنوري 1984
7 January 1984
پکيڙ
• جملي
5٬765 km2 (2٬226 sq mi) (164th)
• آبي (%)
8.6
آبادي
• Jul 2015[5] اندازو
417,200[5] (175th)
•  گھاٽائي
72.11 /km2 (186.8 /sq mi) ( 134th)
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) 2018 اندازو
• ڪل
$33.376 billion[6] ( ملڪن جي جي.ڊي.پي. جي فھرست(مساوي قوت خريد)
• في سيڪڙو
$77,699[6] (5th)
جي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 اندازو
• ڪل
$13.002 billion[6] ملڪن ۾ جي ڊي پي جو شمار{سانچو:GDP nominal rank)
• في سيڪڙو
$27,601[6] ([ ملڪن جي جي.ڊي.پي. فھرست
ايڇ ڊي آء (2017) کم 0.853[7]
انتهائي اعلیٰ · 39th
ڪرنسي برونائي ڊالر (BND)
معياري وقت برونائي جو وقت (متناسق عالمی وقت+8)
ڊرائيونگ جو پاسو کاٻو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ +673[c]
انٽرنيٽ ڊومين .bn[8]
  1. ^ آئين جي آرٽيڪل 82 تحت برونائي جي جي سرڪاري ٻولي ملائي آھي
  2. انگريزي بہ ٻين سرڪاري ٻولي اٿس.[9]

برونائي(انگريزي: Brunei) Listeni/brˈn/ BROO-nyبرونئي (انگريزي ٻولي: Brunei), هن ملڪ جو سرڪاري نالو ’نگارا برونئي دارالسلام (State of Brunei Darus-Salam) آهي، جنهن جو پراڻو نالو پوزنڊي هو. هن جي اتر ۾ ڏکڻ ۾ چيني سمنڊ ۽ باقي ٽن طرفن اوڀر ڏکڻ ۽ اولھ کان هن کي ملائيشيا جي اڀرندين رياست سراواڪ گهيري رکيو آهي. برونئي ٻيٽ بورينو جي اتر اولھ ڪناري تي آهي، هن جي اوڀر کان اتر- اولھ طرف ڊيگھ 71 ميل (114 ڪلوميٽر) اتر کان ڏکڻ اولھ طرف ويڪر 56 ميل آهي. رياست سراواڪ جي هڪ پٽي وچ مان هن کي ڪٽيندي اهڙيءَ ريت گذري ٿي، جو برونئي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. الهنديون حصو ڪجھ وڏو آهي، ملڪ جي 80 سيڪڙو ايراضي ٻيلن سان ڍڪيل آهي. برونئي خط استوا کان صرف 5 ڊگريون اتر ۾ آهي.[10]

تاريخ[سنواريو]

پهرين صدي عيسويءَ کان برونئي جي رهواسين جا هندستاني واپارين سان لاڳاپا هئا. ان وقت هن علائقي جو پورو نالو پوزنڊي هو. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هن جا چين سان لاڳاپا وڌيا. 1200ع ۾ برونئي جي پهرئين سلطان بولقيه هن علائقي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي. برونئي جي هڪ سلطان 1425ع ۾ سڀ کان اول اسلام قبوليو ۽ پنهنجو نالو محمد رکيو. اهو پنجون حڪمران هو، هن جي دور ۾ سلطان برڪت نالي عرب مبلغ برونئي آيو، جنهن جي ڪوششن سان هن خطي ۾ اسلام جو نور پکيڙيو. 1511ع ۾ جڏهن ملاڪا تي پورچوگيزن پنهنجو تسلط قائم ڪيو ته برونئي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي هڪ وڏي طاقتور مسلم رياست ٿي چڪو هو. 1847ع ۾ انگريزن لابوان جو ٻيٽ حاصل ڪري ورتو. 1888ع ۾ برطانيا برونئي ۽ سراواڪ جو ڪنٽرول پاڻ سنڀالي ورتو. 1962ع ۾ برونئي ۾ پهريون عام چونڊون ٿيون. 1 جنوري 1984ع تي اسلامي دنيا جي امير ترين رياست برونئي دارالسلام پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. 21 سيپٽمبر 1994ع تي برونئيءَ کي ايشيا جو آزاد واپاري علائقو قرار ڏنو ويو ۽ ساڳئي تاريخ 21 سيپٽمبر 1984ع تي برونئي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جو ميمبر ٿيو.[10]

جاگرافي[سنواريو]

برونئي جي ڪل پکيڙ 5765 چورس ڪلوميٽر (2225 چورس ميل) ۽ آبادي 4 لک آهي، برونئيءَ جي گاديءَ جو هنڌ بندر سري بيگاوان آهي، هتي جي موسم گرم ۽ خوشگوار آهي ۽ گرمي پد 320 جي ويجهو رهندو آهي. هوا ۾ گهم هوندي آهي ۽ مينهن گهڻا پوندا آهن.[10]

برونئي جي مکيه زرعي پيداوار چانور، ڪيلا، ساوا مرچ، ڀاڄيون، گرم مصالحو ۽ ڪاٺ آهي، مکيه صنعتن ۾ پيٽرول ۽ پيٽروليم جون شيون، رٻڙ ۽ سياحت اچي وڃن ٿيون. هتان جي مکيه معدني پيداوار ۾ تيل ۽ قدرتي گئس شامل آهن, جن جي ڪري برونئي جو شمار دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ ٿيندو آهي.[10]

حوالا[سنواريو]

  1. Writing contest promotes usage, history of Jawi script آرڪائيو ڪيا ويا 12 June 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. The Brunei Times (22 October 2010)
  2. "Brunei". Ethnologue. 19 February 1999. Retrieved 30 December 2013. 
  3. "Call to add ethnic languages as optional subject in schools". Archived from the original on 19 November 2013. Retrieved 19 November 2013. 
  4. "The World Factbook". CIA. Retrieved 28 January 2018. 
  5. 5.0 5.1 "National Statistics". depd.gov.bn. Archived from the original on 11 November 2016. Retrieved 1 July 2015. 
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 "Brunei". International Monetary Fund. Retrieved 22 January 2016. 
  7. "Human Development Indices and Indicators: 2018 Statistical update" (PDF). United Nations Development Programme. 15 September 2018. Retrieved 15 September 2018. 
  8. "Delegation Record for .BN". IANA. Retrieved 6 November 2015. 
  9. "Constitution of Brunei Darussalam" (PDF). Attorney General's Chambers Brunei Darussalam. Retrieved 15 October 2013. [ڳنڍڻو نه لڌو]
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 "برونئي". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. Retrieved 26 نومبر 2017.  Check date values in: |access-date= (help)