مواد ڏانھن هلو

برمنگهم

برمنگھم
Birmingham
شهر ۽ ميٽروپوليٽن علائقو
برمنگھم شهر جي اسڪائي لائين
Library of Birmingham
لائبريري آف برمنگھم
وڪٽوريا اسڪوائر ۾ برمنگھم جو ڪونسل هائوس
St Philips Cathedral
سينٽ فلپس چرچ
برمنگھم ٽائون هال
Selfridges department store in the Bull Ring
بلرنگ شاپنگ سينٽر ۾ سيلفرج بلڊنگ
University of Birmingham
برمنگھم يونيورسٽي ۾ چيمبرلين يادگاري گهنٽا گهر
چيمبرلين اسڪوائر، پسمنظر ۾ اٺ ڪندي واري عمارت، "اوڪٽاگون"
Banner of برمنگھم
Birmingham
Banner
Coat of arms of برمنگھم
Birmingham
Nickname(s):
ٻيو شهر، 1000 ڪاروبارن جو شهر، اتر جو وينس، دنيا جي ورڪ شاپ
Motto(s):
اڳتي وڌو
برمنگھم ويسٽ مڊلينڊز اندر ڏيکاريل آهي.
برمنگھم ويسٽ مڊلينڊز اندر ڏيکاريل آهي.
Coordinates: 52°28′48″N 1°54′09″W / 52.48°N 1.9025°W / 52.48; -1.9025
خودمختيار رياستگڏيل بادشاھت
ملڪانگلينڊ
علائقوويسٽ مڊلينڊز
رسمي ڪائونٽي ۽ گڏيل اختيارويسٽ مڊلينڊز
تاريخي ڪائونٽي
  • واروڪ شائر
  • اسٽافورڊ شائر (حصو)
  • ووسٽر شائر (حصو)
آباد ٿيللڳ ڀڳ 600 عيسوي
شهر جي حيثيت14 جنوري 1889ع
ميٽروپوليٽن بورو1 اپريل 1974ع
انتظامي هيڊ ڪوارٽرڪائونسل هائوس
حڪومت
• طرزميٽروپوليٽن بورو
• باڊيبرمنگھم سٽي ڪائونسل
• ايگزيڪيوٽوليڊر ۽ ڪابينا
• ڪنٽرولليبر پارٽي
• اڳواڻجان ڪاٽن (ليبر پارٽي)
• لارڊ ميئرظفر اقبال
• پارليامينٽ ميمبر
ايراضي
• ڪل103 چورس[convert: unknown unit]
ايراضي درجو131هون
آبادي
 (2024ع)[2]
• ڪل11,83,618
• درجوپهريون
• ڪثافت11,400/اسڪوائر ميل (4,420/ چورس ڪلوميٽر) في چورس ڪلوميٽر
رهاڪو نالوبرومي (بازاري)
نسلي
Religion (2021)
  مذهب
List
وقتي علائقوUTC+0 (GMT)
  اونهارو (ر.ب.و)UTC+1 (BST)
پوسٽل ڪوڊ
ڊائلنگ ڪوڍ0121
آء ايس او 3166 ڪوڊGB-BIR
GSS codeE08000025
ويب سائيٽbirmingham.gov.uk

برمنگھم (Birmingham؛ Listeni/ˈbɜrmɪŋəm/)[4] [5] [6] انگلينڊ ۾ ويسٽ مڊلينڊز علائقي ۾، ويسٽ مڊلينڊز ڪاونٽي ۾ هڪ شهر ۽ ميٽروپوليٽن بورو آهي. آبادي جي لحاظ کان انگلينڊ جو سڀ کان وڏو مقامي اختيار ضلعو آهي ۽ سال 2024ع ۾ شهر ۾ لڳ ڀگ 12 لک جي آبادي سان برطانيه ۾ ٻيو نمبر وڏو شهر،[7] عام طور تي "برطانيه جو ٻيو شهر" سڏيو ويندو آهي.[8] [9][10] [11][12] برمنگھم ان جي اولهه ۾ بليڪ ڪائونٽي سان حدون رکي ٿو ۽ وولورهيمپٽن، ڊڊلي ۽ سوليهل شهرن سان گڏ ويسٽ مڊلينڊز ڪنوربيشن ٺاهي ٿو. سٽن ڪولڊ فيلڊ (Sutton Coldfield) جو شاهي شهر، اتر اوڀر ۾ شهر جي حدن ۾ شامل آهي. برمنگھم جي شهري علائقي جي آبادي لگ ڀگ 27 لک ۽ ان جي وسيع ميٽروپوليٽن علائقي جي آبادي 43 لک آهي.[13]

انگلينڊ جي ويسٽ مڊلينڊز علائقي ۾ واقع، برمنگھم کي مڊلينڊ جو سماجي، ثقافتي، مالي ۽ تجارتي مرڪز سمجهيو ويندو آهي اهو انگلينڊ جي روايتي وقت واري مرڪزي نقطي ميريڊن جي بلڪل اولهه ۾،[14] اهو ملڪ جو سڀ کان اندروني وڏو شهر آهي،[15] جيڪو ڪوٽس وولڊس جي اتر ۽ شروپ شائر ٽڪرين جي اوڀر ۾ واقع آهي. برمنگھم ۾ صرف ننڍي نديون، خاص طور تي ٽيم ندي ۽ ان جون معاون نديون ري ۽ ڪول نديون وهن ٿيون. ويجھي مکيه ندين مان هڪ، شهر جي مرڪز کان تقريباً 20 ميل (32 ڪلوميٽر) اولهه ۾، سيورن ندي آهي. تنهن هوندي به، شهر ۾ ڪيتريون ائي واهه موجود آهن، جنهن کي مجموعي طور تي برمنگھم ڪينال نيويگيشن جو نالو ڏنو ويو آهي.

وچين دور ۾ واروڪشائر ۾ هڪ مارڪيٽ ٽائون، برمنگھم 18 هين صدي دوران، مڊلينڊز جي روشن خيالي ۽ صنعتي انقلاب دوران وڌيو، جنهن سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ معيشت ۾ ترقي ڏٺو ۽ جدتن جو هڪ سلسلو پيدا ڪيو، جنهن جديد صنعتي سماج جا ڪيترائي بنياد رکيا. [16] 1791ع تائين، ان کي "دنيا جي پهرين پيداواري شهر" جي طور تي ساراهيو ويو.[17] برمنگھم جي مخصوص معاشي پروفائل، هزارين ننڍين ورڪشاپن سان جيڪي مختلف قسم جي خاص ۽ انتهائي مهارت واري صنعتن جي مشق ڪري رهيا هئا، تخليقيت ۽ جدت جي غير معمولي سطحن کي هٿي ڏني، جنهن خوشحالي لاءِ هڪ معاشي بنياد فراهم ڪيو، جيڪي 20هين صدي جي آخري ڪوارٽر تائين قائم رهي.[18]

سماجي حرڪت جي اعليٰ سطح سياسي بنياد پرستي جي ثقافت کي به فروغ ڏنو، جيڪي ٿامس ايٽ ووڊ کان جوزف چيمبرلين تائين جي اڳواڻي ۾ برطانيه ۾ بي مثال سياسي اثر، لنڊن کان ٻاهر ۽ برطانوي جمهوريت جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار ڏيڻو هو. [19] سال 1940ع جي اونهاري کان 1943ع جي بهار تائين، برمنگھم تي جرمن لوفت وافئ پاران سخت بمباري ڪئي وئي، جن کي برمنگھم بلٽز جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، منصوبابندي ڪندڙن پاران ڊاهڻ ۽ نئين عمارت جي عمدي پاليسي کان سواء ايندڙ ڏهاڪن ۾ وسيع شهري بحالي جو سبب بڻيو.

برمنگھم جي معيشت تي خدمات جي شعبي جو غلبو آهي.[20] هي شهر هڪ وڏو بين الاقوامي تجارتي مرڪز آهي ۽ هڪ اهم ٽرانسپورٽ، پرچون ڪاروبار، تقريبون ۽ ڪانفرنس جو مرڪز آهي. 95.94 ارب پائونڊ (2014ع) جي جي ڊي پي (GDP) سان ان جي ميٽروپوليٽن معيشت برطانيه ۾ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڏي آهي. [21] برمنگھم يونيورسٽي سميت، [22] ان جون پنج يونيورسٽيون ان کي لنڊن کان ٻاهر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻائين ٿيون. [23] برمنگھم جا اهم ثقافتي ادارا؛ برمنگھم سمفني آرڪيسٽرا، رائل بيلٽ، ريپرٽري ٿيٽر، برمنگھم جي لائبريري ۽ باربر انسٽيٽيوٽ آف فائن آرٽس، بين الاقوامي شهرت جا حامل آهن.[24] ۽ شهر ۾ متحرڪ ۽ بااثر گراس روٽ آرٽ، موسيقي، ادبي ۽ کاڌي جا منظر آهن.[25]

برمنگھم سال 2022ع جي ڪامن ويلٿ گيمز لاءِ ميزبان شهر هو.[26] [27] سال 2021ع ۾، برمنگھم برطانيه ۾ پرڏيهي قومن جي ماڻهن پاران ٽيون سڀ کان وڌيڪ دورو ڪيل شهر هو.[28]

نالو

[سنواريو]

برمنگھم نالو پراڻي انگريزي بيورمنگاھام مان آيو آهي،[29] جن جو معنيٰ بيورمنگا، هڪ قبيلو جن جي نالي جو مطلب 'بيورما جا ماڻهو' آهي، جي آبادي،جيڪا شايد اينگلو-سيڪسن انتظاميا جي شروعاتي يونٽ ٺاهي چڪا هئا.[30] بيورما، جن جي نالي تي قبيلي جو نالو رکيو ويو، اينگلو-سيڪسن آبادڪاري جي وقت انهن جو اڳواڻ، هڪ گڏيل آباؤ اجداد يا هڪ افسانوي قبائلي شخصيت ٿي سگهي ٿو. جڳهن جا نالا، جيڪا -انگاهام تي ختم ٿيڻ ٿا، ڪنهن علائقي جي اينگلو-سيڪسن نوآبادياتي جي شروعاتي مرحلن دوران قائم ڪيل بنيادي آبادين جي خاصيت آهن. اهو خيال ڏئي ٿو ته برمنگھم شايد 7هين صدي جي شروعات ۾ تازو وجود ۾ آيو هو.[31] چوڌاري آباديون جن جا نالا -ٽن ('فارم')،-ليهه ('ٻيلو صاف ڪرڻ')، -ووڊ -worð ('انڪلوزر') ۽ -فيلڊ ('کليل ميدان') ۾ ختم ٿين ٿا، اهي اينگلو-سيڪسن آبادي جي بعد ۾ واڌ جي ڪري، ڪجهه حالتن ۾ ممڪن طور تي اڳوڻي برطانوي سائيٽن تي پيدا ٿيندڙ ثانوي آباديون هجڻ جو امڪان آهي.[32][33][33]

تاريخ

[سنواريو]

جاگرافي

[سنواريو]

سياست ۽ حڪومت

[سنواريو]

معيشت

[سنواريو]

ٽرانسپورٽ

[سنواريو]

آباديات

[سنواريو]

تعليم

[سنواريو]

صحت جي سار سنڀال

[سنواريو]

ثقافت

[سنواريو]

بين الاقوامي لاڳاپا

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Your council". Birmingham City Council. 13 April 2025 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 سانچو:United Kingdom district population citation
  3. 1 2 سانچو:NOMIS2021
  4. "Birmingham". Oxford Learner's Dictionaries. 4 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  5. "Birmingham". WordReference.com. اصل نسخو مان 29 July 2020 تي محفوظ ڪيل. 11 October 2020 تي حاصل ڪيل.
  6. "Definition of 'Birmingham'". CollinsDictionary.com. 6 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  7. "UK cities by population 2022". populationdata (انگريزي ۾). June 2022. 2 July 2022 تي حاصل ڪيل.
  8. Elkes, Neil (16 February 2015). "Cameron: Birmingham is England's second city". BusinessLive. 21 July 2022 تي حاصل ڪيل.
  9. Tomlinson, Lucy (24 May 2013). "England's second city: Birmingham". Britain Magazine. 21 July 2022 تي حاصل ڪيل.
  10. "The 15 most fun things to do in Birmingham". Lonely Planet. 28 January 2022. 21 July 2022 تي حاصل ڪيل.
  11. Walters, Jack (20 June 2022). "Boris hails Brexit Britain's 'regained' ability to boost relationship with Commonwealth". The Express. 21 July 2022 تي حاصل ڪيل.
  12. Cusack, Richard (26 April 2022). "'Hatred' – Gary Lineker and Micah Richards agree about Aston Villa vs Birmingham City". Birmingham Mail. 21 July 2022 تي حاصل ڪيل.
  13. Clark, D (2023). "Largest urban agglomerations in the United Kingdom in 2023". Statista. 13 Apr 2025 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو)
  14. "Solihull Countryside Walks: Meriden" (PDF).
  15. ExperiWise (16 June 2022). "Where Is Birmingham? (8 Interesting Facts)". ExperiWise (آمريڪي انگريزي ۾). 19 September 2023 تي حاصل ڪيل.
  16. Uglow 2011, pp. iv, 860–861; Jones 2008, pp. 14, 19, 71, 82–83, 231–232
  17. Hopkins 1989, p. 26
  18. Berg 1991, pp. 174, 184; Jacobs, Jane (1969). The economy of cities. New York: Random House. ص. 86–89. OCLC 5585.
  19. Ward 2005, jacket; Briggs, Asa (1990) [1965]. Victorian Cities. Harmondsworth: Penguin Books. ص. 185, 187–189. ISBN 0-14-013582-0.; Jenkins, Roy (2004). Twelve cities: a personal memoir. London: Pan Macmillan. ص. 50–51. ISBN 0-330-49333-7. 2 October 2011 تي حاصل ڪيل.
  20. "Employee jobs (2012)". Nomis – official labour market statistics. Office for National Statistics. 29 March 2014 تي حاصل ڪيل.
  21. "Global city GDP 2014". Brookings Institution. اصل نسخو مان 5 June 2013 تي محفوظ ڪيل. 18 November 2014 تي حاصل ڪيل.
  22. "Universities in Birmingham – Birmingham City Council". Birmingham City Council. 25 March 2021 تي حاصل ڪيل.
  23. "Table 0 – All students by institution, mode of study, level of study and domicile 2008/09". Higher education Statistics Agency. 31 January 2011 تي حاصل ڪيل.; Aldred, Tom (2009). "University Challenge: Growing the Knowledge Economy in Birmingham" (PDF). London: Centre for Cities. ص. 12. اصل نسخو (PDF) مان 11 November 2013 تي محفوظ ڪيل. 11 November 2013 تي حاصل ڪيل.
  24. Maddocks, Fiona (6 June 2010). "Andris Nelsons, magician of Birmingham". The Observer. London: Guardian News and Media. 31 January 2011 تي حاصل ڪيل.; Craine, Debra (23 February 2010). "Birmingham Royal Ballet comes of age". The Times. Times Newspapers. اصل نسخو مان 17 June 2011 تي محفوظ ڪيل. 31 January 2011 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: More than one of |accessdate= and |access-date= specified (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); "The Barber Institute of Fine Arts". Johansens. Condé Nast. اصل نسخو مان 3 July 2011 تي محفوظ ڪيل. 31 January 2011 تي حاصل ڪيل.
  25. Price, Matt (2008). "A Hitchhiker' s Guide to the Gallery – Where to see art in Birmingham and the West Midlands" (PDF). London: Arts Co. اصل نسخو (PDF) مان 12 April 2019 تي محفوظ ڪيل. 11 November 2013 تي حاصل ڪيل.; King, Alison (13 October 2012). "Forget Madchester, it's all about the B-Town scene". The Independent. London: Independent News and Media. 11 November 2013 تي حاصل ڪيل.; Segal, Francesca (3 August 2008). "Why Birmingham rules the literary roost". The Observer. London: Guardian News and Media. 11 November 2013 تي حاصل ڪيل.; Alexander, Lobrano (6 January 2012). "Birmingham, England – Could England's second city be first in food?". The New York Times. 31 December 2013 تي حاصل ڪيل.
  26. "Home of the Birmingham 2022 Commonwealth Games". B2022.
  27. Gardner, Jamie (6 August 2022). "Birmingham could host Olympics having 'totally embraced' Commonwealth Games". The Independent. 12 August 2022 تي حاصل ڪيل.
  28. "Travel trends - Office for National Statistics". www.ons.gov.uk. 16 August 2022 تي حاصل ڪيل.
  29. Gelling 1956, p. 14
  30. Gelling 1992, p. 140
  31. Gelling 1956, pp. 14–15
  32. Thorpe 1950, p. 106
  33. 1 2 Bassett 2000, p. 7

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]