برغونئ فرانشي ڪميته
برغوني-فرنشئ-ڪميته (فرانسيسي: Bourgogne-Franche-Comté؛ ارپيتاني: Borgogne-Franche-Comtât، بورغوني فري ڪائونٽي) ڪڏهن ڪڏهن BFC طور مختصر ڪيو ويندو آهي، فرانس جو هڪ علائقو آهي، جيڪو سال 2014ع ۾ فرانسيسي علائقن جي انتظامي سڌارن تحت "بورغوني" (Burgundy) ۽ "فرنشئ-ڪميته" (Franche-Comté) کي ملائي ٺاهيو ويو هو. هي نئون علائقو پهرين جنوري 2016ع تي وجود ۾ آيو؛ ان کان اڳ ڊسمبر 2015ع ۾ علائقائي چونڊون ٿيون هيون، جن ذريعي "برغوني-فرنشئ-ڪميته" جي علائقائي ڪائونسل لاءِ 100 ميمبر چونڊيا ويا هئا.[3]
هي علائقو 47,783 چورس ڪلوميٽر (18,449 چورس ميل) جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ ان ۾ اٺ انتظامي ضلعا (Département) شامل آهن؛ سال 2017ع ۾ هتي جي آبادي 28,11,423 هئي.[4] هي علائقو اتر اولهه ۾ "ايل-دي-فرانس" (Île-de-France) جي حد کان وٺي ڏکڻ اوڀر ۾ سوئس حد تائين ۽ اتر اوڀر ۾ "السس" (Alsace) جي حد کان وٺي ڏکڻ ۾ "بوجولائس" (Beaujolais) جي سرحد تائين پکڙيل آهي. ان ۾ موروان (Morvan)، جورا (Jura) جو وڏو حصو ۽ ووسجز (Vosges) جو ننڍڙو حصو پڻ شامل آهن.
هن علائقي جو انتظامي مرڪز (پريفڪچر) ۽ سڀ کان وڏو شهر "ڊيجون" (Dijon) آهي، جيتوڻيڪ علائقائي ڪائونسل جو اجلاس "بيسانخو" (Besançon) ۾ ٿيندو آهي؛ ان ڪري "برغونئ-فرنشي-ڪميته" فرانس جي انهن ٻن علائقن مان هڪ آهي (نارمنڊي سان گڏ) جتي انتظامي سربراهه (پريفڪٽ) ان شهر ۾ نه ويهندو آهي جتي علائقائي ڪائونسل موجود هوندي آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "2019ع جي قانوني آباديءَ واري مڪمل فائل جو ڊائونلوڊ". 28 ڊسمبر 2020ع.
- ↑ "EU regions by GDP, Eurostat". 18 September 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "La carte à 13 régions définitivement adoptée" [The 13-region map finally adopted]. Le Monde (فرانسيسي ۾). Agence France-Presse. 17 December 2014. 13 January 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Comparateur de territoire: Région de Bourgogne-Franche-Comté (27)". Insee. 11 September 2020 تي حاصل ڪيل.
- مضمون with short description
- Short description matches Wikidata
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- CS1 فرانسيسي-language sources (fr)
- برغوني-فرنشئ-ڪميته
- فرانس جا علائقا