برديا
| بَردِيا (Bardiya) 𐎲𐎼𐎮𐎡𐎹 | |
|---|---|
بيستون ڪتبو (Behistun inscription) تي ڏيکاريل تصوير مطابق، دارا اعظم (Darius) طرفان تخت تان لاٿل ھخامنشي حڪمران جو پورٽريٽ؛ هو يا ته جائز بَردِيا هو، يا—دارا جي دعويٰ موجب—«گاؤماتا (Gaumāta)» نالي ڪو جعلساز۔ | |
| شاهنشاه جي حيثيت سان ھخامنشي سلطنت جو حڪمران، ۽ مصر جو فرعون | |
| 522 ق.م | |
| پيشرو | ڪمبوجيه ٻيون (Cambyses II) |
| جانشين | دارا اعظم |
| جيون ساٿي | فائيدائمي (Phaedymia) |
| نسل | پارميس (Parmys) |
| شاھي گھراڻو | ھخامنشي خاندان (تيئسپِد) |
| پيءُ | سائرس اعظم |
| ماءُ | ڪسَندانا |
| تدفين | 522 ق.م |
| مذھب | زرتشتي مذهب |
بَردِيا (Bardiya) جيڪو قديم فارسي نالي 𐎲𐎼𐎮𐎡𐎹 جو سنڌي اچار آھي ۽ قديم يوناني ۾ ان جو نالو Σμέρδις جنھن جو سنڌي اچارسمرڊِس (Smerdis) [1][2] [3] ممڪن آهي ته 522 ق.م ۾ فوت ٿيو)، جنهن کي مؤرخ ڪتيسياس (Ctesias) طرفان تانيئوڪزارسِس (Tanyoxarces) پڻ سڏيو آهي، سائرس اعظم جو پٽ ۽ |ڪمبوجيه ٻئين (Cambyses II) جو ننڍو ڀاءُ هو، ۽ فارس جا بادشاهه هيو.
سندس زندگي بابت رايا سخت ورهايل آهن: بَردِيا يا ته 522 ق.م ۾ ڪجهه مهينن لاءِ ھخامنشي سلطنت تي پاڻ حڪمران ٿيو، يا وري هڪ مَجوسي (magus) هن جي نالي سان پاڻ کي ظاهر ڪيو، جنهن کي گاؤماتا (Gaumāta) (قديم فارسي ۾ 𐎥𐎢𐎶𐎠𐎫) چيو وڃي ٿو؛ ۽ ڪتيسياس وٽ ان جو نالو سفينداداتِس (Sphendadates) جنهن کي قديم فارسي ۾ اسپنتاداتا (Σφενδαδάτης) ڏنل آهي, ۽ پوءِ آخرڪار هن کي دارا اعظم طرفان تخت تان لاٿو ويو۔[4][2]
نالو ۽ ذريعا
[سنواريو]هن شهزادي جو نالو تاريخي ذريعن ۾ مختلف صورتن ۾ ملي ٿو۔ دارا اعظم جي بيھستون ڪتبي ۾ سندس فارسي ۾ نالو بَردِيا (Bardiya) يا بارديا درج ٿيل آهي۔ هيروڊوٽس کيس سمرڊِس (Smerdis) سڏي ٿو، جيڪو سندس نالي جو عام يوناني روپ آهي؛ فارسي نالو يوناني (ايشيائي) نالي سمرڊس يا سمرڊيس سان هم آهنگ ڪيو ويو، ۽ اهو نالو الڪائوس (Alcaeus) ۽ انڪريئون (Anacreon) جي شاعريءَ ۾ پڻ ملي ٿو۔ ڪتيسياس (Ctesias) بَردِيا کي تانئوخارسس سڏي ٿو، ۽ گاؤماتا (Gaumāta) کي پڻ سفينداداتس نالي سان ياد ڪري ٿو؛[5] جڏهن ته زينوفون (Xenophon)، جيڪو نالو ڪتيسياس کان ورتو، هن کي تانوخارس سڏي ٿو،[6] ۽ جسٽن وٽ هن جا نالا مرگس ۽ مردس ملن ٿا[7]، جڏهن ته ايشيلس (Aeschylus) وٽ مردس اچي ٿو۔[8]
انگريزي ٻوليءَ جي تاريخي لکڻين ۾ روايتي طور تي، هيروڊوٽس جي پيروي ڪندي، کيس سمرڊِس (Smerdis) سڏيو ويو آهي؛ جڏهن ته جديد تاريخي مطالعي ۾ گهڻو ڪري کيس بَردِيا (Bardiya) سڏيو وڃي ٿو۔[9][10]
روايتي نظر
[سنواريو]
روايتي نظر ڪيترن ئي قديم ذريعن تي ٻڌل آهي، جن ۾ بيھستون ڪتبو[11]، هيروڊوٽس[12]، ڪتيسياس (Ctesias)[13] ۽ جسٽن شامل آهن، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪي معمولي اختلاف موجود آهن۔ ٽي سڀ کان پراڻا بچيل ذريعا ان ڳالهه تي متفق آهن ته گاؤماتا يا جعلي سمرڊِس (Pseudo-Smerdis) / اسفنداداتِس (Sphendadates) کي دارا پھريون ۽ ٻين هڪ بغاوت (coup d’état) ذريعي ختم ڪيو، ۽ ان کان پوءِ دارا تخت تي ويٺو۔ گهڻن ذريعن (جن ۾ خود دارا، هيروڊوٽس ۽ ڪتيسياس شامل آهن) موجب دارا ست سازشي اميرن جي گروهه جو حصو هو۔ يوناني ۽ لاطيني ذريعن ۾ دارا بعد ۾ هڪ مقابلي ۾ ڌوڪو ڏئي بادشاهت حاصل ڪري ٿو۔
بَردِيا (Bardiya)، سائرس اعظم جو ننڍو پٽ ۽ ڪمبيسز ٻيون (Cambyses II) جو سڳو يا سوٽيلو ڀاءُ هو۔ ڪتيسياس موجب، پنهنجي موت جي وقت سائرس بَردِيا کي پري اوڀر وارن صوبن جو ستراپ (گورنر) مقرر ڪيو۔[14] دارا اعظم موجب، ڪمبوجيه ٻئي، فارس جو بادشاهه بڻجڻ کان پوءِ پر مصر ڏانهن روانگي کان اڳ، بَردِيا کي قتل ڪيو ۽ ان ڳالهه کي ڳجهي رکيو۔ پر هيروڊوٽس موجب (جيڪو ٻه تفصيلي روايتون ڏئي ٿو)، بَردِيا ڪمبوجيه سان گڏ مصر ويو، ڪجهه وقت اتي رهيو، پوءِ ڪمبوجيه کيس حسد سبب سوسا (Susa) موڪلي ڇڏيو، ڇو ته “بَردِيا ئي واحد هو جيڪو حبشي بادشاهه طرفان موڪليل ڪمان کي ڇڪي سگهيو ٿي”۔ هيروڊوٽس وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ڪمبوجيه هڪ خواب ڏٺو جنهن ۾ هن پنهنجي ڀاءُ کي شاهي تخت تي ويٺل ڏٺو، تنهن ڪري هن مصر مان پنهنجو قابلِ اعتماد صلاحڪار پريخاسپس (Prexaspes) سوسا موڪليو ته سمرڊِس (يعني بَردِيا) کي قتل ڪري”۔[15] بَردِيا جي موت جي خبر ماڻهن تائين نه پهتي، تنهنڪري 522 ق.م جي بهار ۾ هڪ غاصب پاڻ کي بَردِيا ظاهر ڪري فارس جي شهر پائشياؤوادا (Paishiyauvada) ڀرسان هڪ جبل تي پاڻ کي بادشاهه قرار ڏنو۔ دارا دعويٰ ڪئي ته ان غاصب جو اصل نالو گاؤماتا هو، جيڪو ميديا جو هڪ مجوسي (Magi) هو؛ اهو نالو جسٽن وٽ محفوظ آهي، پر هن ان کي سندس ڀاءُ ڏانهن منسوب ڪيو (جنهن کي هيروڊوٽس پاتيزيثيس (Patizeithes) سڏي ٿو)، جيڪو سازش جو اصل محرڪ هو۔ هيروڊوٽس موجب، مغ غاصب جو نالو اورپاستِس (Oropastes) هو، جڏهن ته ڪتيسياس وٽ اهو اسفنداداتِس (Sphendadates) آهي۔[حوالو گهربل]
ڪمبوجيه جي ظالماڻي حڪومت ۽ سندس مصر ۾ ڊگهي غيرحاضري سبب اهو ٿيو جو “سڀ ماڻهو، فارسي، ميدي ۽ ٻيون سڀ قومون” ان غاصب کي تسليم ڪرڻ لڳيون، خاص طور تي جڏهن هن ٽن سالن لاءِ ٽيڪسن مان ڇوٽ ڏني۔[16] ڪمبوجيه سندس خلاف روانو ٿيو، پر 522 ق.م جي بهار ۾ تڪراري حالتن ۾ وفات ڪري ويو۔ پنهنجي موت کان اڳ هن پنهنجي ڀاءُ جي قتل جو اعتراف ڪيو ۽ سڄي ٺڳي عوامي طور بيان ڪئي، پر عام طرح ان تي يقين نه ڪيو ويو۔ ڪنهن وٽ به نئين بادشاهه جي مخالفت ڪرڻ جي همت نه هئي، جنهن سڄي سلطنت تي ست مهينا حڪومت ڪئي۔ نئين بادشاهه حڪومت جو مرڪز ميديا منتقل ڪيو۔ ڪجهه فارسي اميرن کي خبر پئي ته سندن حڪمران ڪوڙو آهي، تنهن ڪري ست اميرن جو هڪ گروهه ٺهيو، جنهن سيپٽمبر 522 ق.م ۾ نيسا جي هڪ قلعي (نيسائي ميدان تي) ۾ هن تي حملو ڪري کيس قتل ڪيو۔ انهن مان هڪ، دارا، ٿوري ئي دير ۾ حڪمران قرار ڏنو ويو۔[17]
جيتوڻيڪ بنيادي ذريعا نالن ۽ ٻين ڪيترن ئي تفصيلن تي متفق ناهن، پر ٽي سڀ کان پراڻا بچيل ذريعا (خود دارا، هيروڊوٽس ۽ ڪتيسياس) سڀني گاؤماتا / ڪوڙو سمرڊِس / اسفنداداتِس کي هڪ ڌوڪيباز غاصب طور پيش ڪن ٿا، جنهن غصب ذريعي تخت تي قبضو ڪيو، پاڻ کي سائرس اعظم جي پٽن مان هڪ، يعني ڪمبوجيه ٻئي جو ڀاءُ ظاهر ڪري۔ دارا جي ٽن ٻولين واري بيھستون ڪتبي ۾، جنهن شهزادي جي نقالی ڪئي وئي، ان جو نالو ايلامي ۾ “پيرتيا (Pirtiya)”، قديم فارسي ۾ “بَردِيا (Bardiya)” ۽ اڪدي ۾ “بارزيا (Barziya)” ڏنل آهي۔ هيروڊوٽس جي تواريخ ۾ شهزادو ۽ سندس نقال ساڳئي نالي (سمرڊِس) سان ظاهر ٿين ٿا۔ ڪتيسياس وٽ اسفنداداتِس پاڻ کي ’تانيئوخارسِس‘ (Tanyoxarces) ظاهر ڪري ٿو۔ ٻين يوناني ذريعن ۾ به مختلف نالا ملن ٿا، جهڙوڪ ’ٽينوخارس‘ (Tanoxares)، ’مرگِس‘ (Mergis) ۽ ’ماردوس‘ (Mardos)۔[18]:98
هيروڊوٽس جي تاريخون (Histories) ۾
[سنواريو]


هيروڊوٽس جي تاريخون جي ڪتاب 3 ۾ (تقريباً 450 ق.م) هن قصي جو وڌيڪ ڊگهو بيان ملي ٿو (3.1–38، 3.61–88)، جنهن جو خلاصو هيئن آهي:[19][12]
مصر ۾ رهندي، ڪمبوجيه (Cambyses) مقدس ڍڳي کي، جنهن کي ديوتا اپِس (Apis) طور پوڄيو ويندو هو, ران تي زخمي ڪري ٿو؛ جڏهن اهو ڍڳو زخم سبب مري ٿو ته ڪمبوجيه جي اڳ ئي ڪمزور ذهني حالت وڌيڪ بگڙي وڃي ٿي (3.27–3.30). حبشي بادشاهه طرفان آندل هڪ خاص ڪمان هلائڻ ۾ پنهنجي ڀاءُ سمرڊِس جي مهارت تي حسد ڪري، ڪمبوجيه سمرڊِس کي پرسِس (Persis) موڪلي ٿو. پوءِ ڪمبوجيه هڪ خواب ڏسي ٿو جنهن ۾ سمرڊِس کيس تخت تان هٽائيندو ڏسجي ٿو، تنهن ڪري هو ڳجهي طرح هڪ ماڻهو موڪلي سمرڊِس کي قتل ڪرائي ٿو (3.30). قتل ڪامياب ٿئي ٿو ۽ ان کي راز رکيو وڃي ٿو.
سمرڊِس جي موت کان واقف ٿورڙن مان هڪ پاتيزِيثيس (Patizeithes) آهي، جيڪو سوسا ۾ ڪمبوجيه جي محل جو نگران آهي. هن نگران جو هڪ ڀاءُ آهي، جيڪو شڪل ۾ سمرڊِس سان تمام گهڻو ملي ٿو ۽ نالو به سمرڊِس ئي آهي (3.61.1). نگران پنهنجي ڀاءُ کي تخت تي ويهاري ٿو ۽ کيس ڪمبوجيه جو ڀاءُ ظاهر ڪرائي ٿو. جعلي سمرڊِس اهو ٺڳيءَ سان ڪري ٿو جو حقيقي سمرڊِس کي ڄاڻيندڙ ڪنهن کي به پنهنجي سامهون اچڻ نٿو ڏئي (3.61).
اڃا مصر ۾ ئي، ڪمبوجيه کي جعلي سمرڊِس جي خبر پوي ٿي؛ حقيقي سمرڊِس جي موت کي ڄاڻيندي، هو ٺڳي سڃاڻي ٿو. پوءِ هو سوسا موٽڻ لاءِ لشڪر تيار ڪري ٿو، پر گهوڙي تي چڙهندي تلوار جي نوڪ سان حادثاتي طور پنهنجي ران زخمي ڪري ويهي ٿو. ڪجهه ڏينهن ۾ ئي هو ان زخم سبب مري وڃي ٿو (3.63–3.66). مرڻ مهل، ڪمبوجيه کي اهو تاثر ٿئي ٿو ته سمرڊِس ميديائي بالادستي ڏانهن واپسي جو حامي آهي (3.65). جعلي سمرڊِس ڪجهه وقت تائين سوسا ۾ حڪومت جاري رکي ٿو ۽ فارس کان سواءِ سڀني قومن جي حمايت حاصل ڪري ٿو، جڏهن هو سلطنت جي ماڻهن کي ٽن سالن لاءِ فوجي ڀرتي ۽ ٽيڪسن مان ڇوٽ ڏئي ٿو (3.67).
ان دوران، اوٽانِس (Otanes), پرسِس جو هڪ امير، شڪ ڪري ٿو ته بادشاهه ڪمبوجيه جو ڀاءُ نه، پر اهو ئي سمرڊِس آهي، جنهن جا ڪن سائرس ڪنهن “سنگين سبب” ڪري ڪٽرائي ڇڏيا هئا (3.69.6). شڪ پڪ ڪرڻ لاءِ، اوٽانِس پنهنجي ڌيءَ فائديما (Phaedymia) کي، جيڪا حرم جي ميمبر هجڻ سبب بادشاهه تائين پهچ رکي ٿي، چوي ٿو ته ڏسي اچي ته هن شخص وٽ ڪن آهن يا نه. فائديما رات جو بادشاهه جي سُتل حالت ۾ ڏسي ٿي ۽ پڪ ڪري ٿي ته هن وٽ ڪن ناهن. شڪ پڪ ٿيڻ تي، اوٽانِس ڇهن اميرن کي گڏ ڪري جعلي سمرڊِس کي هٽائڻ جي سازش ڪري ٿو. ٿوري دير بعد ستون امير، دارا، راڄڌاني اچي ٿو ۽ گروهه ۾ شامل ٿئي ٿو. ستئي سازشي بادشاهه جي ڪمري ۾ گهڙي وڃن ٿا؛ پنج محافظن سان منهن ڏين ٿا، جڏهن ته دارا ۽ ميگابائزوس پھريون (Megabyzus) جعلي سمرڊِس ۽ سندس هڪ ساٿي کي قتل ڪن ٿا.
پنج ڏينهن پوءِ، هنگامي حالتون ٺرڻ کان پوءِ، ستئي گڏجي حڪومت جي مناسب صورت تي بحث ڪن ٿا (3.80–82). جمھوريت (اوٽانِس جي تجويز)، اشرافيه جي حڪومت (oligarchy) (ميگابائزوُس جي تجويز) ۽ بادشاهت (دارا جي تجويز) جي فائدن تي بحث کان پوءِ، ستن مان چار بادشاهت جي حق ۾ ووٽ ڏين ٿا. پوءِ اهي مقابلو رکڻ جو فيصلو ڪن ٿا ته سج اڀرڻ کان پوءِ جنهن جو گهوڙو سڀ کان پهرين هڻڪي، اهو بادشاهه ٿيندو. دارا چالاڪي ڪري ٿو ۽ تخت تي ويهي ٿو (3.84–3.87).
ڪتيسياَس جي پرسِيڪا (Persica) ۾
[سنواريو]ڪتيسياَس جو بيان (تقريباً 400 ق.م) هن ريت آهي (XI/F9.8 ۽ XII/F13.11–17، فوٽيوس جي Bibl. 72 ذريعي):[20][13]
بادشاهه سائرس، جڏهن هو موت جي ويجهو هو، تڏهن پنهنجي وڏي پٽ ڪمبوجيه ٻئين(Cambyses) کي تخت لاءِ مقرر ڪيو ۽ پنهنجي ننڍي پٽ تانوخسارسيس (Tanyoxarces) کي باڪتريا، خورازميه، پارٿيا ۽ ڪارمانيا جي صوبن جو گورنر مقرر ڪيو. ڪمبوجيه جي تخت نشيني کان ٿوري ئي دير پوءِ، هڪ شخص سفينداداتِس (Sphendadates)، جنهن کي ڪنهن ڏوهه سبب تانوخسارسيس ڪوڙا هنيا هئا، ڪمبوجيه کي ٻڌائي ٿو ته سندس ڀاءُ سندس خلاف سازش ڪري رهيو آهي. دليل طور هو چوي ٿو ته جيڪڏهن تانوخسارسيس کي سڏ ڪيو ويو ته هو اچڻ کان انڪار ڪندو. جڏهن تانوخسارسيس فوري طور سڏ تي حاضر نہ ٿيو، تڏهن ڪمبوجيه سفينداداتِس جي ڳالهين تي يقين ڪرڻ لڳي ٿو، ۽ سفينداداتِس وڌيڪ آزادي سان تانوخسارسيس تي الزام هڻڻ شروع ڪري ٿو. آخرڪار جڏهن تانوخسارسيس اچي ٿو، تڏهن ڪمبوجيه کيس قتل ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪري ٿو، پر ٿورو هٻڪي ٿو. سفينداداتِس صلاح ڏئي ٿو ته هو شڪل ۾ تانوخسارسيس سان تمام گهڻو ملي ٿو، تنهن ڪري هو شهزادي جي جاءِ وٺي سگهي ٿو. ڪمبوجيه اها ڳالهه مڃي ٿو، ۽ تانوخسارسيس کي زبردستي ڍڳي جو رت پياري قتل ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ سفينداداتِس اوڀر صوبن جو گورنر بڻجي وڃي ٿو.
پنج سال پوءِ، جڏهن ڪمبوجيه بابل ۾ هو، تڏهن هو حادثاتي طور پنهنجي ران زخمي ڪري ويهي ٿو ۽ يارهن ڏينهن پوءِ مري وڃي ٿو. ڪمبوجيه جي موت جي خبر ٻڌڻ سان، سفينداداتِس (يعني تانوخسارسيس جي نالي سان) راڄڌاني موٽي اچي ٿو ۽ ڪمبوجيه جو جانشين بڻجي ٿو. ان وچ ۾، اِزابيتِس (Izabates)، ڪمبوجيه جو ويجهو ساٿي، جنهن کي تانوخسارسيس جي قتل جي خبر هئي، ڪمبوجيه جي لاش سان گڏ سفر ڪري رهيو هوندو آهي. جڏهن هو راڄڌاني پهچي سفينداداتِس کي تخت تي ويٺل ڏسي ٿو، تڏهن هو ٺڳي ظاهر ڪري ٿو. پوءِ ست امير (جن ۾ دارا اعظم پڻ شامل هو) سفينداداتِس خلاف سازش ڪن ٿا. هڪ همدرد سازشي جي مدد سان اهي محل ۾ داخل ٿين ٿا، جتي سفينداداتِس کي قتل ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ ستئي فيصلو ڪن ٿا ته مقابلو رکيو وڃي: سج اڀرڻ کان پوءِ جنهن جو گهوڙو سڀ کان پهرين هڻڪي، اهو بادشاهه ٿيندو. دارا جو گهوڙو سڀ کان اڳ هڻڪي ٿو (F13.17: «هڪ هوشيار چالاڪي جو نتيجو») ۽ هو تخت تي ويهي ٿو.
جديد نظر
[سنواريو]
گهڻا جديد مؤرخ دارا (Darius) جي بيان ڪيل واقعن کي قائل ڪندڙ نٿا سمجهن، ۽ اهو فرض ڪن ٿا ته جيڪو شخص ڪجهه مهينن تائين حڪومت ڪندو رهيو، اهو اصل ۾ برديه (Bardiya)، يعني سائرس (Cyrus) جو حقيقي پٽ هو، ۽ مجوس (مغ) پاران سندس نقل (imposture) واري ڪهاڻي دارا طرفان تخت تي قبضو جائز ثابت ڪرڻ لاءِ گهڙيل هئي.[21][22][23][24][25][26]
علي رضا شاپور شهبازي هن نظر کي “سنسني خيزي سان شوق رکندڙ نظرثاني پسند مؤرخن جي هڪ خيالي ڪهاڻي” قرار ڏئي ٿو،[27] ۽ محمد دندامائيف موجب اها “رڳو هڪ مفروضي جي حد تائين ئي رهڻ گهرجي.”[28] بهرحال، اهو خيال ته گاؤماتا (Gaumāta) هڪ گهڙيل ڪردار هو، پوءِ به دلڪش لڳي ٿو، ڇاڪاڻتہ “دارا جهڙي ماڻهو لاءِ، جنهن وٽ تخت لاءِ ڪا مضبوط جائز دعويٰ نه هئي، لازمي هو ته هو اهڙو ڪردار (گاؤماتا) ايجاد ڪري، جنهن کي ديوتائن ۽ انسانن خلاف ڪيل عملن سبب مذمت هيٺ آڻي سگهجي.”[29] سرڪاري ڪهاڻي ۾ ڪي اهڙا پهلو به آهن جيڪي غير يقيني لڳن ٿا، مثال طور اهو ته نقلي بادشاهه اصل برديه سان ايترو گهڻو مشابهت رکندو هو جو سندس گهڻين زالن به فرق محسوس نه ڪيو، سواءِ راڻي فائديما (Phaedymia) جي.[30][31] دارا اڪثر بغاوت ڪندڙن ۽ مخالفن تي “نقلي هجڻ” جو الزام لڳائيندو هو (جهڙوڪ بخت نصر ٽيون(Nebuchadnezzar III)، ۽ اهو چوڻ ته اهي سڀئي واقعي نقلي هئا، اعتبار تي زور وجهڻ برابر آهي.[10][24][32]
پوءِ جا نتيجا
[سنواريو]اڳين سال، هڪ ٻيو شخص جيڪو پاڻ کي برديه (Bardiya) ظاهر ڪندو هو، جنهن جو نالو واهياذاتا (Vahyazdāta) هو (قديم فارسي ۾ :𐎺𐏃𐎹𐏀𐎭𐎠𐎫)[33])، اوڀر فارس ۾ دارا (Darius) خلاف بغاوت ڪئي ۽ وڏي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي، پر آخرڪار کيس شڪست ڏني وئي، گرفتار ڪيو ويو ۽ قتل ڪيو ويو.[34] ممڪن آهي ته هو اهوئي بادشاهه مارافس (Maraphis) هجي، جنهن کي “مارافيي” (Maraphii) چيو ويو آهي، جيڪو ايشيلس (Aeschylus) طرفان ڏنل فارسي بادشاهن جي فهرست ۾ جانشين طور اچي ٿو.[35] حقيقي برديا جي فقط هڪ ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو پارميس (۰Parmys) هو، جنھن آخرڪار دارا اعظم سان شادي ڪئي. برديا جي حڪومت واري دور سان لاڳاپيل ڪجهه معاھدہ بابل مان هٿ آيا آهن، جتي سندس نالو برزيا يا برديا لکيل ملي ٿو.[36] دارا بيان ڪري ٿو ته برديا ڪجهه مندر ڊاهي ڇڏيا هئا، جيڪي بعد ۾ دارا ٻيهر تعمير ڪرايا. برديا ماڻهن جا مال مويشي ۽ گهر به کسي ورتا هئا، جن کي دارا تخت تي ويهڻ کان پوءِ واپس بحال ڪيو.[37] جعلي برديا جي موت کي فارس ۾ هر سال هڪ ميلو ملهائي ياد ڪيو ويندو هو، جنهن کي مئغيوفني “مغ جو قتل” (Magiophani) چيو ويندو هو. ان موقعي تي ڪنهن به مغ (magian) کي ظاهر ٿيڻ جي اجازت نه هوندي هئي.[38][39]
افسانوي ادب ۾ برديه
[سنواريو]هي واقعو گور وڊال (Gore Vidal) پنهنجي تاريخي ناول ڪريئيشن (1981ع) ۾ بيان ڪيو آهي. هن ناول جو افسانوي راوي دارا اعظم جي درٻار جو هڪ فارسي امير آهي، جيڪو اها ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ته ڪجهه مهينن لاءِ حڪمراني ڪندڙ شخص حقيقت ۾ اصل برديا هو. “جعلي مغي سمرڊس” جو ذڪر خورخي لوئس بورخيس (Jorge Luis Borges) جي 1940ع واري مختصر ڪهاڻي Tlön, Uqbar, Orbis Tertius ۾ پڻ ملي ٿو. ڪهاڻي ۾، هڪ پڙهندڙ هڪ اهڙي افسانوي قوم بابت مضمون ڳولي ٿو، جيڪو ٻي صورت ۾ هڪ عام انسائيڪلوپيڊيا جي جلد ۾ شامل آهي. سمرڊس واحد تاريخي شخصيت آهي جنهن کي ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار سڃاڻي ٿو. ڪهاڻي جو راوي ٻڌائي ٿو ته مضمون ۾ هي نالو حقيقي تاريخي حوالي کان وڌيڪ هڪ استعارو طور استعمال ڪيو ويو آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ {{cite book|last=Akbarzadeh|first=D.|author2=A. Yahyanezhad|title=The Behistun Inscriptions (Old Persian Texts)|publisher=Khaneye-Farhikhtagan-e Honarhaye Sonati|year=2006|language=fa|isbn=964-8499-05-5|pages=59}}
- 1 2 Kent, Roland G. (1950). Old Persian: Grammar, Texts, Lexicon. https://archive.org/details/OldPersianGrammarTextsLexicon1950.
- ↑ "Bardiya | king of Persia", Encyclopedia Britannica (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 14 آگسٽ 2020۔
- ↑ Akbarzadeh, D.; A. Yahyanezhad (2006) (fa ۾). The Behistun Inscriptions (Old Persian Texts). Khaneye-Farhikhtagan-e Honarhaye Sonati. pp. 60. ISBN 964-8499-05-5.
- ↑ Ctesias Persica 8
- ↑ Xenophon Cyrop. Vin. 7.ii
- ↑ Justin i.9
- ↑ Aeschylus The Persians 774
- ↑ Leick, Gwendolyn Who's Who in the Ancient Near East
- 1 2 وان ڊي ميرُوپ، مارڪ (Van de Mieroop, Marc) A History of the Ancient Near East, ca. 3000–323 B.C. ٻيون ايڊيشن (آڪسفورڊ 2007) ص. 290–291
- ↑ livius.org/articles/place/behistun
- 1 2 A. D. Godley Herodotus : The Persian Wars : Books 3–4 (Cambridge, MA 1921) pp. 38–41, 76–117 Commons:File:Smerdis(Herodotus).pdf
- 1 2 Ctesias; Stronk, Jan P., tr. (2010), Ctesias' Persian History: Introduction, text, and translation, Wellem, صص: 323–325۔
- ↑ Ctesias, Persica: Book 11, Fragment 9, taken from Photius' excerpt https://www.livius.org/ct-cz/ctesias/photius_persica.html#%A78 آرڪائيو ڪيا ويا 2016-11-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. cf. Xenophon Cyrop. vin. 7, if
- ↑ Dandamaev, M. (2001), "Bardia", Encyclopaedia Iranica 3, New York۔
- ↑ Herodotus III.68
- ↑ Herodotus III.69–87
- ↑ Briant, Pierre (2002), From Cyrus to Alexander: A History of the Persian Empire, Eisenbrauns۔
- ↑ Herodotus; Godley, A. D., tr. (1931), Herodotus, with an English translation by A. D. Godley, London: Heinemann۔
- ↑ Ctesias; Nicols, Andrew, ed., tr. (2008), The Complete Fragments of Ctesias of Cnidus, University of Florida (PhD thesis), صص: 25, 90, 92–93۔
- ↑ Olmstead, A. T. (1959), History of the Persian Empire, University of Chicago Press۔
- ↑ Axworthy, Michael (2008), Iran: Empire of the Mind, New York: Basic Books۔
- ↑ Van De Mieroop, Marc (2006), A History of the Ancient Near East (2nd ڇاپو), Blackwell۔
- 1 2 هالينڊ، ٽام Persian Fire
- ↑ Allen, Lindsay (2005), The Persian Empire, London: The British Museum press, ص: 42۔
- ↑ Llewellyn-Jones, Lloyd Persians: The Age of the Great Kings ص 97–106
- ↑ Shahbazi, Alireza Shapour (2014). "The Achaemenid Persian Empire (550–330 bce)". The Oxford Handbook of Iranian History. Oxford University Press. p. 126. ISBN 978-0199390427.
- ↑ Dandamayev, M. A. (1988), "Bardiya", Encyclopedia Iranica, vol. 3, fasc. 8, Costa Mesa: Mazda, صص: 785–786۔
- ↑ Briant, Pierre (2000), "Gaumāta", Encyclopedia Iranica, vol. X, fasc. 3, New York: Routledge, Kegan Paul, صص: 333–335۔
- ↑ "تاريخي فارسي راڻيون، شهنشاهيون، سورميون ۽ جنرل", January 2023۔
- ↑ Bourke, Dr. Stephen (chief consultant) The Middle East: Cradle of Civilisation Revealed ص 225، ISBN 978-0-500-25147-8
- ↑ Behistun Inscription 4.1 (52)
- ↑ Akbarzadeh, D.; A. Yahyanezhad (2006) (fa ۾). The Behistun Inscriptions (Old Persian Texts). Khaneye-Farhikhtagan-e Honarhaye Sonati. pp. 115. ISBN 964-8499-05-5.
- ↑ Behistun Inscription ~ 40 if.
- ↑ Aeschylus Pers. 778
- ↑ For the chronology, see Parker & Dubberstein, Babylonian Chronology.
- ↑ Behistun Inscription i.14
- ↑ Herodotus III.79
- ↑ Ctesias Pers. 15